fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڊيمن جي تعمير هڪ سازش آهي: محمد علي شاهه

سياستدان، ڀوتار مفادن سبب ڊيمن جي تعمير تي زور ڏين ٿا

ڪالا باغ ڊيم تي ٽن صوبن جو عوام راضي ناھي، تنهن باوجود بيان پيا اچن

سکر(بيورو رپورٽ) پاڻي ماهر ۽ دانشور محمد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي پاڻيءَ تي جنگون لڳنديون، سڄي دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، سکر پريس ڪلب ۾ جاڳرتا فورم طرفان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ سنڌوءَ مان ڊيمن جي ڀرمار واري عنوان هيٺ منعقد سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊيمن جي تعمير هڪ سازش آهي دنيا اندر 282 وڏن درياين مان رڳو 18 دريا پنھنجي منزل يا ڊيلٽا ۽ سمنڊن تائين پھچن ٿا. هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن، ڀوتارن جا ڊيمن جي تعير سان اقتصادي ۽ معاشي مفاد وابستا آھن جنھن جي ڪري اھي ڊيمن جي تعمير تي زور ڏين ٿا. هن چيو ته دنيا اندر جنگون پاڻيء تي لڳنديون جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ ڪارڻ وڏا نقصان ٿيندا، سنڌو دريا سنڌ ڌرتيءَ جو وجود آهي ان جي پاڻيء کي ڪنٽرول ڪرڻ سان وڏي زرعي تباھي ۽ دريا جي ڊيلٽا کان سواءِ آبي حيات سخت متاثر ٿيندي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم تي ٽن صوبن جو عوام راضي ناھي، تنهن باوجود هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪالابا ڊيم منصوبي متعلق مختلف بيان سامهون ايندا رهيا آهن. سيمينار کي ناليواري دانشو عبدالخالق جوڻيجي چيو ته فني لحاظ کان به ڊيمن جي تعمير ناممڪن آھي پ پ سرڪار پنھنجي دور ۾ ڪالا باغ ڊيم لاء رقم رکي ھاڻي ڊرامو ڪري سنڌين جي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر ان جي مخالفت ڪري رهي آهي. ھن چيو ته ڊيمن جي تعمير سان ھن ملڪ اندر خوشحالي نه پر وڏي تباھي ٿيندي. ملڪ کي غير آئيني طور تي ھلايو پيو وڃي. چيف جسٽس غير آئيني طور تي ڊيم لاء فنڊ گڏ ڪري پيو. ھن طرفانـ سنڌي ماڻھن مٿان ـڊيمن جي مخالفت ڪرڻ تي غداري جو الزام بي بنياد آھي. سيمينار ۾ کي صحافي لالا اسد پٺاڻ، غلام رسول گهمرو، فيض سومرو، ڊاڪٽر خادم منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Bookmark the permalink.