fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڊي سي سان منهن ماري ڪرڻ تي بدين پوليس واپاري کي کنڀي وئي

روڊ خالي نه ڪرڻ تان اهلڪارن شوروم مالڪ جون گاڏيون هٽايون ته منهن ماري ٿي

اهلڪار شعيب ڀرڳڙي کي شوروم جي گاڏين سميت کنڀي کڻي ويا، واپارين جو احتجاج

بدين ( رپورٽ: حميد سومرو) ڊي سي سان منهن ماري ڪرڻ تي بدين پوليس واپاري کي کنڀي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ريلوي فٽ بال گرائونڊ تي گندي پاڻي ۾ بيٺل گاڏي ڪڍرائڻ واري ڪم جو معائنو ڪرڻ کان پوء وڃي رھيو ھو ته اسٽيشن روڊ تي حد دخلين سبب رستو نہ ملڻ تي پوليس اھلڪارن شوروم جي گاڏين کي روڊ تان ھٽائڻ شروع ڪيو ان دوران شوروم مالڪ شعيب ڀرڳڙي مزاحمت شروع ڪئي ان تي ڊي سي ء شوروم وارن م منھن ماري کان پوء پوليس شعيب ڀرڳڙي کي گرفتار ڪري کڻي وئي بعد ۾ پوليس جو 4 موبائیلن سان ميونسپل ۽ روينيو عملدارن اسٽيشن روڊ تي آپريشن ڪري ممتاز انصاري شعيب ڀرگڙي اسماعيل پٺاڻ ء ٻين جي شورومن جون بيٺل گاڏيون کڻي ويا آپريشن کان پوء واپارين دڪان بند ڪري ڇڏيا جڏھن ته گرفتار واپاري خلاف خبر لکڻ تائين ڪيس داخل نہ ٿيو ھو انهي کان اڳ واٽر سپلائي انچارج مرتضى خاصخيلي ۽ مختيارڪار بدين اڪرم ڪنڀار وچ ۾ سخت منهن ماري ٿي پئي جنهن تي تپيدار اسماعيل ميمڻ وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو.

Bookmark the permalink.