fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڏاھلي ويجھو اسڪول 3 سالن کان بند، رھواسين جو عدالت وڃڻ جو اعلان

ڳوٺ ڪٻڙي جو پرائمري اسڪول بند ھئڻ خلاف ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيو

54 سال پراڻو اسڪول بند ھئڻ ڪرڻ بند ٿي ويو، ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي: ڳوٺاڻا

عمرڪوٽ (ن پ ا) ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڪٻڙي جو پرائمري اسڪول بند پيل آھي پر تعليم کاتي جي عملدار اسڪول کولرائڻ لاءِ ڪو بھ قدم نھ کنيو ۽ نھ ئي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ويو. انڪري ڳوٺاڻن مسئلي جي حل لاء قانوني جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. رھواسي حاجي عبدالرئوف راھمون ڇاڇرو پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته تاريخي ڳوٺ ڪٻڙي جو 54 سال پراڻو پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند پيل آھي، جنھن سبب سوين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي، جڏھن تھ استاد  عباس راھمون اسڪول رڪارڊ ۽ جي آر رجسٽر گم ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ تعليم کاتو خاموش بڻيل آھي، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولز ميرپورخاص سان ملاقات ڪري جاچ جو مطالبو ڪنداسين، بھتر موٽ نھ ملي تھ عدالت جو رخ ڪيو ويندو. ڳوٺاڻن تعليم واري وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ وس وارن کان نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کولرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

Bookmark the permalink.