ڏھرڪي(ن پ ا)ڏھرڪي ۾ ٻن وحشي نوجوانن جي ڇهين ڪلاس جي معصوم شاگرد سان بدفعلي،وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،ان ڏس ۾ڏهرڪي القطب ٽائون جي رهواسي عبدلجبار ملڪ جي ڇهين ڪلاس جي معصوم پٽ نويد ملڪ سان بدفعلي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڏھرڪي پوليس ٻنهي جوابدارن فضل سومرو ،علي پنجابي کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس ٻنهي جوابدارن کي ميڊيا کان لڪائي ڇڏيو، معصوم نينگر جو والد عبدلجبار ٿاڻي نينگر کي ساڻ ڪري ٿاڻي پهتو ،جتي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي رهي.
نينگر جي والد عبدلجبار بدفعلي واري وڊيو صحافين کي ڏني ۽ چيو ته منهنجي معصوم پٽ نويد ملڪ سان زبردستي بدفعلي ڪري ان جي وڊيو رڪارڊ ڪري جوابدارن فضل سومرو ۽ علي پنجابي وڏو ظلم ڪيو آھي مون کي ان معاملي جي خبر تڏھن پيئي جڏھن وڊيو وائرل ٿي آھي.
زيادتي جو شڪار ٿيل معصوم نينگر نويد ملڪ ٻڌايو ته فضل سومرو ۽ علي پنجابي مون کي زبردستي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي ڏهر واهه ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ زبردستي ٻنهي جوابدارن واري واري سان زيادتي ڪئي.
جوابدارن کي بچائڻ لاء بااثر سرگرم ٿي ويا،باثرن جون نينگر جي والد کي ڪيس داخل نه ڪرائڻ لاء فونون,نينگر جو والد ٿاڻي اندر سخت پريشان بيٺل ھيو,ڏهرڪي جي ايس ايڇ او امام الدين چانڊيو چيو ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اسان فريادي کي گهرائي ورتو آھي فريادي ڪيس داخل ڪرائيندو ته ڪيس داخل ڪندا سين،جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو .