fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڏوڪري ۾ جھيڙي جي زخمي ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف مظاهرو

رب ڏنو سانگھرو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل پيو ڪري: ڳوٺاڻا

بااثر جوابدار هٿيارن جي زور تي اسان تي حملو ڪيو، اختيار ڌڻي انصاف ڏيارين

ڏوڪري رپورٽر: (راجا ٻگھيو) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ هڪ ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل ڪامل، ڏاڏو، رازق ڏنو سانگھرو ۽ ٻين ڳوٺاڻن مومن سانگھرو وسيم، آزاد، حسين بخش، مظفر، ۽ عمران سانگھرو ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته رب ڏنو سانگھرو هڪ بااثر ماڻهو آهي جيڪو ڪلھ ٻين ذاتين جا ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي اسان جي موروثي زمين آهي ۽ ھن زمين جو رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان روينيو رڪارڊ چيڪ ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري کي درخواست ڏني هئي جنهن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري رپورٽ ٺاهي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن مٿين مهيني جي چار تاريخ تي ٻنهي ڌرين کي گهرايو آهي پر ڪلھ بااثر ماڻهو رب ڏنو سانگھرو پرائيوٽ ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي موروثي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته رب ڏنو سانگھرو هڪ بااثر ماڻهو هجڻ سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي جي وڪيلن جي منشيگيري ڪندو آهي جنهن جي آڙ ۾ اسان جي ڳوٺ سميت تعلقي ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ملڪيتن تي سول ڪورٽ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي بليڪ ميل ڪندو رهندو آهي ۽ پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالستار مگسي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌائيندي چيو ته جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا ماڻهو زخمي آهن جنهن جي ڪري ٻنهي ڌرين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Bookmark the permalink.