fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪترينا ڪيف معاوضو وڌائي ڇڏيو، فلمساز پريشان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيروئن ڪترينا ڪيف ٺگس آف هندستان جي ناڪامي باوجود پنهنجو معاوضو وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ساڻس رابطو ڪندڙ فلمساز سخت پريشان آهن، چيو پيو وڃي ته ڪترينا ڪيف ٺگز آف هندستان جي باڪس آفيس تي ناڪامي باوجود هندستان جي فلم انڊسٽري تي ڇانيل آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي فلمسازن پنهنجن نئين فلمن کي ڪترينا ڪيف کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ رابطا جاري رکيا آهن، ڪجهه فلمسازن ميڊيا آڏو ظاهر ڪيو آهي ته ڪترينا ڪيف پنهنجو معاوضو وڌائي کين مايوس ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪترينا ڪيف جو چوڻ آهي ته ٺگز آف هندستان ۾ سندس ڪردار کي واکاڻيو ويو آهي، هن چيو ته هو مخصوص فلمن ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري هن پنهنجي معاوضي ۾ واڌ ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.