fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪرپشن ڪيس جي جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا)ڪنڌڪوٽ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ جعلي ڀرتين جو ڀانڊو ڦاٽڻ بعد اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود ڪيس جي جوابدارن عبدالرحيم بھلڪاڻي، اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نذير اعواڻ، سيڪشن آفيسر ناز پروين، ڊاڪٽر ڪشور ڪمار،اڳوڻو ايم ايس ھيرالدين گجراڻي، سرفراز احمد گھانگھرو ۽ عدنان قاضي سميت ڪنھن جي به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي،ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد عملدار فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران ڇاپا مار ڪاروائين جو سلسلو جاري آھي،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اينٽي ڪرپسن جي سرڪل آفيسر شاھد بشير کوسي ٻڌايو ته اسپيشل ايجوڪيشن جي ڪيس ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي آھي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪيس ۾ نامزد عملدارن پنھنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون جڏھن ته اعليٰ عدليه مان گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرائي ورتيون.

Bookmark the permalink.