
ڪوٽڙي (ڌڻي بخش باريجو) ڪوٽڙي ۾ پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي ڪوششن سان ٽيون پاڪستان بلائينڊ ٽي 20 سپر ليگ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي. ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ چئني صوبن جي ٽيمن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ خاص مهمان طورڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ چيو ته اسپيشل نوجوانن لاء اهڙا راندين جا موقعا ٿيڻ تمام بهتر عمل آھي، اسين پنهنجي ڊويزن اندر اسپيشل رانديگرن لاء ٽورنامينٽ جو بهتر موقعا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ٽورنامينٽ بهتر اثر ڇڏيندو، حيدرآباد ڊيوزن جي اسپيشل رانديگرن لاء سندن نوڪري وارو مسئلو به حل ڪرايو ويندو. هن چيو ته اسپيشل رانديگرن جي گهڻائي آهي پر ڪوٽا صرف ٽي سيڪڙو رکيل آھي، ان جي باوجود سندن وس آهر مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٽورنامينٽ جي پهرين مئچ ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي ٽيمن ۾ مقابلو آهي، جنهن ۾ پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 18 اورن ۾ چار رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 212 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته پنجاب جي ٽيم جي رانديگرن ۾ نثار علي 70 رنسون ٺاهيون ۽ محسن خان 65 رنسون ٺاهيون. سنڌ پنجاب جي 213 رنسن جي هدف لاءِ بيٽنگ ڪري رهي آهي.