fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو جي چيئرمين جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي ،

پ پ جي ڄام دلاور لکڻ ۽ آزاد اميدوار ڄام راشد لکڻ مقابلو

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي يونين ڪائونسل عمر ڊهو جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ سڀاڻي آچر ڏينهن ٿي رهي آهي پيپلز پارٽي جي اميدوار ڄام دلاور لکڻ ۽ آزاد اميدوار ڄام راشد لکڻ وچ ۾ زبردست مقابلي جو امڪان آهي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر گهوٽڪي امين بشير قريشي موجب ننڍي چونڊ لاء 9 پولنگ اسٽيشنون ۽ 32 پولنگ اسٽيشن بوٿ قائم ڪري 79 ڄڻن کي پولنگ عملي طور مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 10 هزار537 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جنهن ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 6205 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 4332 آهي هوڏانهن يونين ڪائونسل عمر ڊهو جي چيئرمين جي چونڊ لاء 180 پوليس اهلڪار ۽ 40 رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته ستن ايس ايڇ اوز ۽ هڪ ڊي ايس پي کي چونڊ مرحلي جي نگراني لاء مقرر ڪيو ويو آهي ياد رهي ته يونين ڪائونسل جي چيئرمين ڄام منظور لکڻ ڪجه مهينا اڳ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني هئي جنهن بعد اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويو هو چيئرمين جي سيٽ تي ستن اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا هيا جنهن بعد ٻيا اميدوار اڳ ۾ ئي هٿ کڻي ويا هئا.

Bookmark the permalink.