fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

گُجي ۾ 3 ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

گجو (ن پ ا) گُجي ۾ 3 ڏينهن اڳ قومي شاهراھ تي موٽر سائيڪل حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان 22 ساله اياز علي ولد بابو خاصخيلي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. حادثي ۾ گجي لڳ ڳوٺ پنيلڌو خاصخيلي جا رهواسي 3 ڄڻا اياز، اعجاز ۽ اختر خاصخيلي زخمي ٿي پيا، جن مان اياز ولد بابو خاصخيلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو. زخمي نوجوان ٽي ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد فوت ٿي ويو، اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.