
اسلام آباد (رپورٽر) پنجاب جي علائقي گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جي جوابدار کي 7 سالن کانپوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 7 سالن تائين جيل ڀوڳيندڙ جوابدار منير کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته الزام هڻندڙ ڌُر جوابدار خلاف پڪا ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي، تنهن ڪري منير احمد کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته مقتولن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي اُبتڙ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بظاهر پوليس رڪارڊ ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي. تربيت هيٺ ججز کي چيو ويندو آهي ته قتل ڪيس تي فيصلو ڏيڻ اوهان جو ڪم نه آهي.