fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري جو کوکرا پار پوليس خلاف مظاهرو، ڌرڻو

پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن: ڳوٺاڻا

ڇور (رپورٽ: جگت ڏان چارڻ) عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ سباڻي جي ڀيل برادري پاران ڀيل انٽليڪچوئل فورم سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل لالا ڀيل، ميرچند سهجاڻي، ڊاڪٽر پارو ڀيل، وڪيل منگهارام ڀيل، ڀومجي ساگر، تيرٿ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري جي سوين ماڻهن عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ڌرڻو هڻيو ويو مظاهرين جو چوڻ هو ته کوکراپار پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪندي اسان تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 15 مهينا اڳ لڄالٽ جو شڪار ٿيل نصيبان ڀيل جي ڪيس کي دٻائڻ لاءِ پوليس زور ڀري رهي آهي انهن چيو ته پوليس بااثر ونگار بڻيل آهي انهن وڌيڪ دانهيندي چيو ته پوليس چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ماستر ڏانو ڀيل، جگو ڀيل، ارجڻ ڀيل، ڪرشن ڀيل، گهمن ڀيل، ڏيون ڀيل ۽ سينڌل کي گرفتار ڪيو آهي انهي ڪوڙي fir ۽ گرفتاري جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان آءِ جي سنڌ ، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن کوکراپار ۽ ماروهر پوليس پڪيٽ جي انچارج نظام سمون کي برطرف ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

ملير پوليس ڪارروائي ڪندي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، 3 جوابدار گرفتار

پوليس مختلف علائقن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سپلاءِ ڪندڙخلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو

ملير(رپورٽر)ملير ڪينٽ پوليس گشت دوران شھر جي مختلف علائقن ۾صحت لاءِ نقصانڪار ڪوڪنگ آئل جي سپلاء کي ناڪام بنائيندي3 جوابدارن سيجل , جبران ۽ محمد نعيم کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڪوڪنگ آئل جي ڊرم سان ڀريل سوزوڪي پڪ اپ هٿ ڪري ورتي.

اوٻاوڙو ڀرسان ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،ٻه ڀينرون فوت،ڀاءُ زخمي

ناريون ڄڃ سان واپس اچي رهيو هيون ته حادثو پيش آيو،خوشيون ماتم ۾ تبديل

اوٻاوڙو )ن پ ا)اوٻاوڙو لڳ لانگهو روڊ آئي بي اي ڪاليج وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر نتيجي ۾ 2 ڀينرون موقعي تي فوت ۽ سندس ڀاءُ شديد زخمي ٿي پيو ان ڏس ۾ اوٻاوڙو لڳ لانگهو روڊ آئي بي اي ڪاليج وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ حبيب چوهاڻ جون رهواسي 2 ڀينرون رضيه چوهاڻ ۽ نازيه چوهاڻ موقعي تي فوت ٿي ويون ۽ سندس ڀاءُ رياض چوهاڻ شديد زخمي ٿي پيو ۽ جڏهن ته فوتين ۽ زخمين کي آس پاس جي ماڻهن تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي وارث اسپتال پهچي ويا ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ ٻنھي ڀينرن جا لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ گهر ۾ قيامت صغران جو منظر هو هر هڪ اک آلي ڳوٺ ۾ سوڳوار وارو ماحول ڇائنجي ويو،فوتي جيڪي ڏهرڪي شادي سان ويا هيا ۽ جيڪي ڄڃ سان واپس گهر اچي رهيا هيا ته رستي ۾ آئي بي اي ڪاليج وٽ هي حادثو پيش آيو ۽ جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي فرار ٿي ويو.

بالي ووڊ ڊانس ماسٽر گووندا 55 سالن جو ٿي ويو

گووندا راجا بابو، ڪولي نمبر ون، هيرو نمبر ون جهڙيون شاندار فلمون ڏنيون

بالي ووڊ ڊانس ماسٽر گووندا سندرين کان به بهترين ڊانس ڪرڻ ۾ مشهور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڊانس ماسٽر ۽ ڀلوڙ اداڪار گووندا 55 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. بالي ۾ 90ع جي ڏهاڪي دوران هيرو نمبر ون طور مشهور گووندا سوين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي فلمون بالي ووڊ جون مشهور سپر هٽ فلمون شامل آهن. گووندا جو ڊانس اسٽائل بالي ووڊ توڙي ننڍي کنڊ ۾ مشهور آهي، جڏهن ته سندس اظهار ڪرڻ جو طريقو به پرفيڪٽ طور مڃيو ويو. گووندا هر ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو، جڏهن ته سندس ڪامياب فلمن ۾ هيرو نمبر، راجا بابو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. گووندا جي نئين فلم رنگيلا راجا هلندڙ سال ريليز ٿيندي.