fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خيرپور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت بازياب

خيرپور)رپورٽر)15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودو شاپ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪيل شادي شده ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيرپور شهر ڀرسان ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پھچي وئي آهي واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس چئن جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حقنواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو مٿان داخل ڪرايو ھو

پي سي بي ھيڊڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع ۾ ميدان ۾ اچي وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽيم جو مينيجر طلعت علي سينيئر رانديگرن کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع لاءِ ميدان تي اچي ويو.
پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته سنچورين ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تي مڪي آرٿر جي مينجمينٽ ۽ رانديگرن سان ملاقات ٿي هئي، پر ان ۾ ڪا ڳالهه معمول کان هٽيل نه هئي.
قومي ٽيم جي مينيجر طلعت علي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم جي مينجمينٽ ۽ رانديگر متحد ۽ هاڪاري نتيجا ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.
ياد رهي ته سنچورين ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن ختم ٿيڻ تي ميڊيا ۾ اهي اطلاع هئا ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر غيرذميواراڻي بيٽنگ تي سينيئر رانديگرن سان ڏند چڪ ڏنا هئا، ۽ ڊريسنگ روم ۾ پڻ ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي.

ٺل: ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي 5 لک چٽي، ڳوٺ نيڪالي

ٺل)رپورٽر)باھو کوسا ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي پنج لک چٽي وجھي کيس ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي ان ڏس ۾ باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ مرهيٽا برادري ۾ ھلندڙ ڪارو ڪاري تڪرار جو جرڳو بنگلاڻي برادري جي چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي سر پينچ هيٺ ٿيو، ملهار خان بنگلاڻي ۽ سردار مرهيٽو جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ سردار خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ بعد مٿس پنج لک چٽي وڌي وئي،جنهن هڪ لک موقعي تي ادا ويا ،جهولي جهلڻ تي ويھ ھزار معاف ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، نوجوان کي ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي، فيصلو قبول ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا، مرهٽا برادري موجب ڏيتي ليتي جي تڪرار کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو هو.

نوابشاھ:صوفي راڳي نديم سولنگي پاران سيوھڻ پوليس خلاف احتجاج

نوابشاھ(ن پ ا) مشهور صوفي راڳي نديم فراز سولنگي پنهنجي سازندن سان گڏ راڳ ڳائي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک هڙتال ڪندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ مان محمد علي سهتي جي شادي جي ڪاڄ ۾ سيوهڻ پهتس ته اتي موجود ٺارو شاھ سان تعلق رکندڙ ايس ايڇ او سڪندر وڳڻ سندس ساٿي نظر مڱڻيجي مون مٿان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي ننڍن ڀائرن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي ڪري آئون بيهوش ٿي ويس تنهن کان پوء ڀت ۾ موجود ماڻهن منھنجي انهن کان جان ڇڏائي اسپتال آندو جتان مان سيوهڻ ٿاڻي تي پهتس ۽ مون سيوهڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ايوب نائچ کي مون مٿان سڪندر وڳڻ ۽ سندس ساٿين پاران ٿيل تشدد جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر ايس ايڇ او منهنجي داد رسي ڪرڻ بجاءِ مونکي لاڪ اپ ڪري ٻن سپاهن سان گڏجي سخت تشدد ڪيو ۽ مونکي 4 ڪلاڪ لاڪ اپ ۾ بيگناهه بند ڪرڻ بعد آزاد ڪيو. هن چيو ته اسين فنڪار ماڻهو امن جا اسير آهيون پر مونکي دلي صدمو پهتو آهي ته وزير علي سنڌ جي تڪ سيوهڻ شهر ۾ سڪندر وڳڻ ۽ سيوهڻ جي ايس ايڇ او ايوب نائچ ۽ سندن ساٿين مون تي ۽ منهنجي معصوم ڀائرن تي تشدد ڪيو آهي. ھن مطالبو ڪيو تھ انهي معاملي جو نوٽس وٺي ٻنهي پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائندا سين.

خيرپورناٿن شاھ:موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر.6 ڄڻا زخمي

لياقت کوسو، علي مراد کوسو ۽ عرفان کوسو جي حالت ڳڻتي جوڳي.لاڙڪاڻي اسپتال منتقل

خيرپورناٿن شاھ(ن پ ا) ڀرسان ڳوٺ پيڄاهو لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾6 ڄڻا لياقت علي کوسو، علي مراد کوسو، عرفان کوسو، عبدالحڪيم کوسو، فيروز کوسو ۽ گلبهار کوسو شديد زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقا اسپتال آندو ويو. ٽن ڄڻن لياقت علي کوسو،علي مراد کوسو ۽ عرفان کوسوجي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

پنوعاقل:ٿاڻي تان لاوارث ٻار گم ٿيڻ وارو معمو حل نھ ٿي سگھيو. شھرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ٿاڻي تي معصوم ٻارڙي جي گم ٿيڻ واري معاملي تعلقي جي پوليس جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. لاوارث حالت ۾ هٿ آيل معصوم ٻارڙن جو معاملو ٿاڻي تان به پراسرار نموني گم ٿي وڃڻ وارو معاملو حل نھ ٿي سگھيو.گم ٿي ويل 2 معصوم ٻارڙن جو هن مهل تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو. واضح رهي ته ڪالهھ هڪ شهري علي گوهر چنه کي مهراڻ اسڪول وٽان ٻه ٻار لاوارث حالت ۾ مليا جنهن پوليس حوالي ڪيا ته جئين وارثن تائين اطلاع پهچي سگهي. پوليس اطلاع پاران اطلاع ڪرايا ويا.ايس ايچ او حڪيم لانگاهه ٻارن کي سنتري ۽ منشي حوالي ڪيو ته هنن معصوم ٻارڙن جو خيال رکيو وڃي. پوليس روايتي نااهلي سبب ٻه معصوم ٻارڙا نھ سنڀالي سگهي. ان واقعي جي ڪري ماڻهن ۾ تاء پکڙيل آهي. شهرين مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙا جلد هٿ ڪري وارثن جو پتو لڳايو وڃي.

شاھھ سلمان ابراهيم الصاف کي ھٽائي عادل الجبير کي پرڏيھي مقرر ڪري ڇڏيو

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي بادشاهه شاهه سلمان ڪابينه ۾ اهم تبديلي ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير ابراهيم الصاف کي پرڏيهي وزير مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ابراهيم الصاف کي عادل الجبير جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويندو، هوڏانهن اهي به چوٻول آهن ته ان قدم جو بنيادي سبب آڪٽوبر ۾ ترڪي جي شهر استنبول جي سعودي سفارتخاني ۾ سعودي صحافي جمال خاشقجي جو قتل جو آهي.
پرڏيهي وزير جي تبديلي سان گڏ شاهه سلمان چيف آف نيشنل گارڊ شهزادي معتب بن عبدالله جي جاءِ شهزادي عبدالله بن باندر بن عبدالعزيز جي مقرري جو شاهي فرمان جاري ڪيو آهي.
جنرل سيڪيورٽي ڍيف لاءِ جنرل خالد بن قرار الخربي جڏهن ته معساد ليبان کي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائز مقرر ڪيو ويو آهي.

وفاقي ڪابينا کي ڪراچي ۾ متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي سيڪيورٽي نه ملڻ تي ڳڻتي

اسلام آباد: ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪوت پاران سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪومت پاران سيڪيورٽي نه ملڻ جي شڪايت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان گھرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت سان ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته اگر سنڌ حڪومت سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي ته وفاقي حڪومت رينجرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي.

اخباري پنو سستو ٿي ويو، ڊيوٽي 5 مان گھٽائي ھڪ سيڪڙو ڪئي وئي

اسلام آباد: سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پرنٽ ميڊيا صنعت لاءِ خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت اخباري پني تي ڊيوٽي 5 سيڪڙو مان گھٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ميڊيا جي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اميد ته ان جو صحافين کي فائدو ٿيندو.

ڄامشوري ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس بند،شهرين جو احتجاج

ڄامشورو (رپورٽر) نواز حڪومت ۾ قائم ڄامشورو ريجنل پاسپورٽ آفيس کي وفاق پاران بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ،ڄامشورو پاسپورٽ آفيس آڏو شھرين دربان عالماڻي وسعت الله تيوڻو .حافظ جميل احمد لغاري .حاجي مير حسن بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج آفيس بند ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاسپورٽ آفيس بند ڪرڻ سان ضلعي جا ماڻھو جن ۾ عورتون، ضعيف،نوجوان دربدر ٿي ويندا، ھتي نوري آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان، مانجهند، سيوهڻ ۽ ڀان شهرن جا ماڻھو ويجهو هجڻ ڪري سهولت حاصل ڪري رهيا آهن. پاسپورٽ سنڌيونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ روزانو 50 کان 60 پاسپورٽ ٺهرائڻ لاء ماڻهو اچن ٿا جنهن ۾ عوامي ماڻھن جي سهولت سميت وفاقي حڪومت به ڪمائي ٿي پوء به وفاقي حڪومت ريجنل پاسپورٽ آفيس کي بلاجواز بند ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي پاسپورٽ آفيس کي بند ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

پنوعاقل مان 2 معصوم ٻارڙا لاوارث حالت ۾ هٿ

پنوعاقل )ن پ ا )مهراڻ اسڪول وٽان ٻه ٻار لاوارث حالت ۾ هٿ آيا آهن،شهري علي گوهر چنو پاران پوليس حوالي ايس ايڇ او حڪيم لانگاه چيو ته ٻارڙا ڳالهائڻ جهڙا به ناهن،مسلسل روئندا رهن ٿا،شهر ۾ اعلان به ڪرايون ٿا ،پر هن وقت تائين سندن وارث هٿ اچي نه سگهيا آهن.

ڪنڌڪوٽ پوليس بيوس! عورت پٽ سوڌي ڏوهارين جي قيدياڻي، وارث سراپا احتجاج

گذريل ڏينهن هٿياربندن اربيلي کي پٽ سوڌو اغوا ڪيو، پيءُ کي هٿ پير ٻڌي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو

وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو

ڪنڌڪوٽ (ن پنهنجي اخبار) ڪنڌڪوٽ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل، هٿياربندن هٿان پٽ سوڌو اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي، سندس وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن. نور شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن رستي ويندڙ پورهيت تي حملو ڪري سندس نياڻي اربيلي شيخ کي 2 سالن جي پٽ عجيب شيخ سوڌو اغوا ڪيو. وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو. مغوي عورت جي پيءُ رستم شيخ ٻڌايو ته هٿياربندن منهنجا هٿ پير ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته نياڻي کي گهلي سندس تذليل ڪئي وئي. متاثر دانهيو ته ايس ايس پي آفيس سوڌو مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي عورت کي پٽ سوڌو بازياب ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

روس جو هائپر سونڪ نيوڪليئر ميزائل جو ڪامياب تجربو

روس وٽ جديد اسٽريٽجڪ دفاعي هٿيار آهن: روسي صدر ولاديمير پيوٽن

ماسڪو (ا ڊ) روس پاران جديد هائپر سونڪ نيوڪليئر ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ايون گرڊ نالي ان ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ميزائل تجربي بابت روسي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته روس وٽ جديد اسٽريٽجڪ دفاعي هٿيار اچي ويو آهي، جنهن سان ملڪ جي ڏهاڪن تائين حفاظت ڪري سگهجي ٿي. ايون گرڊ ميزائل تجربي کي روسي صدر پاران روس سان گڏ پوري دنيا لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته روس وٽ نئين قسم جو اسٽريٽجڪ هٿيار آهي، جيڪو روس ۽ روسي عوام جي حفاظت جو ضامن آهي.

اڪبر لغاري کي سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين جي اضافي ذميواري سونپي وئي

ڪراچي(پڌرائي) سنڌ سرڪار ثقافت واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري کي سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين جي اضافي چارج سونپي ڇڏي آهي.

شڪارپور ۾ مچ ڪچهري،سگهڙن ڏور،بيت ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل مچائي ڇڏي

شڪارپور(ن پ ا) سماجي تنظيم دن پاران سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي محبتن جا ميلا جاري، ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” سگهڙ ڪچهري” ۾ سگهڙن ڏور، بيتن ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل کي مهو بڻائي ڇڏيو، سياري جي سرد راتين ۾ ” مچ ” تي محبتن سان ڀرپور سگهڙ ڪچهريون منعقد ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم دن سرگرم عمل آهي انهي سلسلي ۾ ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” مچ ” تي شاندار ” سگهڙ ڪچهري” منعقد ڪري محبتن سان ڀرپور ميلو مچايو ويو”سگهڙ ڪچهري” ۾ ناليوارن سگهڙن حاڪم ڪوري، علي محمد ڀيو، اعجاز ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳجهارتون، ڏور ، بيت ۽ سينگار پيش ڪري محفل ۾ واه واه جي ڌوم مچائي ڇڏي، رات جو دير تائين مچ تي مچايل محفل کي سماجي تنظيم ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽ ورڪ (دن )جي چيف ايگزيڪيوٽو مجاهد ڀٽو، سماجي اڳواڻن، سلطان رند، حاڪم گل مهر ۽ دن جي پروگرام مئنيجر جميل ايوب مهر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ ساڃاه وندن جي سرزمين آهي جتان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملندو رهيو آهي انهن چيو ته اڄ دنيا مذهبن، فرقن، قبيلائي توڙي نسلي نفرتن ۾ ورهائجي وئي آهي جنهن کي صوفين ۽ درويشن جي محبت ڀري نظريي سان ميڙي مٺ ڪري خدا جي ٺاهيل ڪائنات کي جنت نظير نڻائي سگهجي ٿو اڳواڻن زور ڀريو ته سنڌ جي روائتي مچ ڪچهرين ۽ سگهڙ ڪچهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪچهريون محبتن کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.