fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

“شڪي ڊرون ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو” لنڊن ۾ ملتوي ڪيل اڏامون ٻن ڏينهن کانپوءِ بحال

“شڪي ڊرون” ڏسڻ کانپوءِ گيٽ وڪ ايئرپورٽ تي اڏامون معطل ٿيل هيون

ٻن ڏينهن جي جاچ باوجود برطانوي پوليس ڊرون اڏائيندڙ کي هٿ نه ڪري سگهي

لنڊن (ا ڊ) برطانيا جي گادي واري هنڌ لنڊن جي ايئرپورٽ گيٽ وڪ تي اربع رات شڪي ڊرون اڏامڻ کانپوءِ فلائيٽس آپريشن معطل ڪيون ويون هيون، برطانوي هوائي فوج پاران ايئرپورٽ کي سڪيورٽي ڪليئرنس ڏيڻ کانپوءِ اڏامون شروع ڪيون ويون آهن. برطانوي پوليس پاران ڊرون اڏائيندڙن کي پڪڙي ناهي سگهي، جڏهن ته ٽئين ڏينهن به ڊرون توڙي ان کي اڏائيندڙ جي ڳولا جاري آهي. گيٽ وڪ ايئرپورٽ انتظاميا موجب 765 ٻن ڏينهن دوران 765 اڏامون معطل ٿيون، جيڪي هاڻي بحال ٿينديون. ٻن ڏينهن دوران هزارين مسافر ايئرپورٽ تي ڦاٿل رهيا، جڏهن ته ٻاهران ايندڙ فلائيٽس کي هيٿرو ايئرپورٽ توڙي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. انتظاميا موجب صرف جمعي جي ڏينهن 140 اڏامون شروع ڪيون وينديون، جيڪي هڪ لک 40 هزار مسافرن کي پنهنجي منزلن ڏانهن کڻي توڙي ڇڏي اينديون.

ڏيپارچا:مرضي سان شادي ڪندڙ جوڙو پنھنجي تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھچي ويو

ڏيپارچا(رپورٽر)پنھنجي رضا خوشي سان پرڻو ڪندڙ ڏيپارجا جي رھواسڻ مسمات شڪيلا ۽ ڳوٺ درياخان جلباڻي جو رھواسي نوجوان حاجي امير بخش ڏيٿو پريس ڪلب نوشھروفيروز پهتا جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيلا خاصخيلي چيو ته مون پنهنجي خوشيءَ سان حيدرآباد ۾ حاجي امير بخش ڏيٿي سان نڪاح ڪيو آھي. مون کي اغوا ناهي ڪيو ويو. ھاڻي شادي ڪرڻ بعد ماما محمد صديق، امداد علي، الهداد ۽ ھڪ بااثر الياس عالماڻي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن جنهن ڪري تحفظ لاءِ دربدر آهيون. هن چيو ته سندس مڙس ۽ سندس مائٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.حاجي امير بخش ڏيٿو چيو ته هنن پنھنجي مرضي سان نڪاح ڪيو آھي جنھن بعد شڪيلا جا مائٽ ويري بڻجي ويا آھن جنهن ڪري سندن زندگين کي سخت خطرو آھي.ھنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته کين موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.)

اصلي زندگي جو “بيٽ مين” ڌاڙيل نڪتو

آمريڪي ۾ بيٽمين جو لباس پائي همراهه اسٽور ۾ ڌاڙو هنيو

بيٽمين پنهنجي دوست سان گڏجي اسٽور مالڪ کي يرغمال بڻايو

آئيوا (دلچسپ) آمريڪي رياست آئيوا ۾ بيٽمين جا ڪپڙا پهريل همراهه اسٽور ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو. آمريڪي ميڊيا موجب آئيوا رياست ۾ هڪ همراهه مشهور فنٽسي فلمي هيرو بيٽمين جو ڪپڙا پائي اسٽور ۾ داخل ٿيو. بيٽمين جي هٿ ۾ پسٽل ۽ تلوار هئي، جنهن جي زور تي هن اسٽور مالڪ کي يرغمال بڻائي روڪ رقم سميت ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويو. پوليس موجب بيٽمين جا ڪپڙا پهريل همراهه سان گڏ سندس دوست به گڏ هو. ٻنهي ڦر دوران روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.

قاضي احمد:روڊ حادثي ۾لاڙڪاڻي واسي فوت

للطف اللھ شيخ جي ڪار روڊ جي ديوار سان ٽڪرائجن سبب حادثو پيش آيو

قاضي احمد (رپورٽر)قاضي احمد شھر ۾لاڙڪاڻي ڏانھن ويندڙ ڪار روڊ جي ديوار سان ٽڪرائجي وئي جنھن سبب ڪار سوار ريشم گلي لاڙڪاڻو جو رھواسي لطف اللھ شيخ موقعي تي فوت ٿي ويو.قاضي احمد پوليس پھچي لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو.