پنوعاقل ( ن پ ا) تعلقي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻ لڀ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب مريض ۽ وارث دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن، اسپتال جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ بدران ڪلينڪون هلائي ٻنهي هٿن سان رڳو پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل آهن.
تعلقي اسپتال ۾ مهانگو دوائون غريبن کي ڏيڻ بدران کين خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، صفائي سٿرائي جو نظام به ناقص هئڻ ڪري مريض توڙي وارث سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، الٽرا سائونڊ لاءِ گائنوڪولاجسٽ به مقرر ڪرڻ بدران سيکڙاٽ ڊاڪٽر مقرر ڪري عوام جي جانين سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي مسئلن سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون اسپتال مان چوري ٿي چڪيون آهن.
ايم ايس اسماعيل عباسي چيو ته ڪتي جي چڪ کان بچاءُ سميت ٻين انجيڪشن جي فراهمي لاءِ اختيارين کي لکيو ويو آهي، سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مريضن کي بهتر سهولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
پنوعاقل: تعلقي اسپتال ۾ مختلف ويڪسين سميت سهولتن جي کوٽ
اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون ڪلينڪس هلائي پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل
مهانگيون دوائون غريب مريضن کي نه پيون ملن، غريب ماڻهو دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور
ڀٽائي گهوٽ بعد شيخ ايازوڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو، هن نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪيو:ساڃاهه وند
شيخ اياز سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور پکيڙيو، کيس صدين تائين ياد ڪيو ويندو
شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ به تقريبون ڪوٺائي، مھا ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ڪراچي(نمائندن وٽان)مها ڪوي شيخ اياز جي 21هين ورسي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي،ساڃاهه وندن شيخ اياز کي ڀٽائي کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر قرار ڏنو آهي، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ قاسم سراج سومرو ڀٽ شاهه پهچي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 21 هين ورسي جي موقعي تي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ـ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو تـ احتساب جي نالي تي انتقام نه ورتو وڃي، احتساب ۽ انتقام ۾ فرق آهي، اي سي ايل ۾ احتساب جي نالي تي نالا ڏنا وڃن ٿا ته وفاقي وزيرن جا نالا بـ شامل ڪيا وڃن، جيڪي عمران خان سان گڏ ويٺل آهن هن چيو تـ پيپلزپارٽي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پارٽي خلاف هميشا سازشون ٿينديون رهيون آهن ،لاول ڀٽو جو ڪهڙو قصور آهي،انڪوائري ڀلي ٿئي پر انڪوائري جي بنياد تي ڪير بـ استعيفا نٿو ڏيئي سگهي. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کان استعيفا جي گهر ڪندڙ وزير اعظم عمران خان استعيفا وٺن ، سيد سردار شاهه چيو تـ جيستائين ڪنهن تي جرم ثابت نٿو ٿئي اهو استعيفا نٿو ڏيئي سگهي، غير جمهوري حرڪتون ڪيون پيون سنڌ جو عوام اهڙو ڪو بـ غير جمهوري عمل برداشت نـ ڪندو ، هن چيو تـ پيپلزپارٽي غير جمهوري حرڪتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو تـ شيخ اياز جي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عشق سمايل هو، شيخ اياز پنهنجي دور ۾ نوجوان نسل کي سنڌ ڌرتي سان محبت جو سبق ڏنو، ان جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ـ هن چيو تـ شيخ اياز اڄ اسان وٽ موجود نـه آهي پر ان جي شاعري ۽ ڪلام اڄ بـه اسان جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ،ڀٽائي گهوٽ جي شاعري بعد شيخ اياز جو نالو تمام وڏو ليکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ـ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تـ شيخ اياز جو ميلو ڪٿي بـه لڳائي سگهجي ٿو ان سان ڪو بـه فرق نٿو پوي، ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر ،غلام مجتبا ، اياز علي ڏيرو ۽ ٻيا بـ ه موجود هئا ـ هوڏانهن شھدادڪوٽ ۾ مھا ڪوي شاعر شيخ اياز جي21 ورسي آزد فورم پاران پريس ڪلب ۾ ورسي ملھائي وئي، ـ ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ پير بخش ڀٽي، ليکڪ محمد صديق ابڙو،قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي، پيرل ادبي سنگت جي عبدالله شاھ اطھر ، زيب سنڌي ۽ ٻين تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري شيخ اياز کي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته شيخ اياز گذريل صدي جو تمام وڏو شاعر، مفڪر۽ عالم ھو، جنھن وقت جي نزاڪتن کي سمجھندي جيڪي تحقيقون ارپيون اھي تاريخي آھن، اياز جي سوچ غلامي کان نفرت پيار ۽ آزادي جي سپنن جي سانڀيا جو گس آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اياز جي شاعري ۾ شاعراڻي رمز بدران فڪر جي تمام گھڻي اھميت سمايل آهي. شڪارپور ۾سنڌي ادبي سنگت پاران شيخ اياز 21هين ورسي جي تقريب پريس ڪلب شڪارپور ۾ زاھد سنڌو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ممتاز منگي چيو ته اياز ماضي ۽ حال جو عظيم شاعر آهي، اياز فطرت مطابق شاعري ڪئي، هن کان علاوه ماڻهن دلين ۾ حب الوطني موجود آهي پر ان کي ٻڌائيندو ڪير؟؟ مهمان خاص زاھد سنڌو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اياز جي شاعري ماڻهن جي روح کي گرمائي ٿي اياز سنڌ جو شعور آهي سندس شاعري مان اثر ورتو وڃي، اياز جي سموري شاعري ۾ هڪ اميد نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي به مايوسي نظر نه ٿي اچي، ھمير چانڊيو ،عبدالستار ڪلادي ، آپا صفيه عباسي ،آغا سعيد پٺاڻ ، اقبال ڏيٿو، سيد نسيم شاھ بخاري، سميع بلالي، عديل مهر، نادر بلوچ، زاھد ڀنڀرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
”تعليم کاتي جو ڪارنامو“ ڳڙهي خيرو جي پرائمري اسڪول ۾ فصلن جو پاڻي داخل ٿيڻ لڳو
ڳوٺ نوشهرو جمالي ۾ پرائمري اسڪول جي بائونڊري وال نه ٺهي، اختيارين فرنيچر به ناهي
ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور، اختيارين کي شڪايت ڪئي پر ازالو نه ٿيو: ڳوٺاڻا
ڳڙهي خيرو (ن پ ا)ڳوٺ نوشهرو جمالي ۾ قائم پرائمري اسڪول مختلف مسئلن جي ور چڙهي ويو، بائونڊري وال نه هجڻ ڪري اسڪول ۾ هر وقت آسپاس جي ٻنين جو پاڻي جمع رهي ٿو، جنهن سبب اسڪول هر وقت گندو رهندو آهي. اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته اسڪول کي در ۽ دريون به نه آهن. ڳوٺاڻن بشير احمد جمالي، محبوب جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت نه آهي. اسڪول جي چوڌاري هر وقت گندو پاڻي رهي ٿو. اسڪول ۾ هڪڙو استاد آهي جيڪو ٻارن لاءِ ناڪافي آهي. تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ڪو نه ڪيو ويو. ڳوٺاڻن ڊي سي جيڪب آباد ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن ٻارن کي تعليم پرائڻ ۾ پريشاني نه ٿئي.
اوٻاوڙي جا 2 يتيم ٻارڙا معذور، علاج لاءِ امڙ گهر جو سامان به کپائي ڇڏيو
الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم امڙ جو سهارو بڻجڻ بدارن سندس سهاري تي زندگي گذارڻ تي مجبور
ٻئي ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار، امڙ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري سندن علاج ڪرائي ٿي
اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي خانپور محلي جا رهواسي 2 يتيم معصوم ٻارڙا 12 ورهين جو الله بخش ٿهيم ۽ 6 ورهين جو اڪرم ٿهيم ڄنگھن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثر خاندان سان واهر نه ڪئي آهي ان سلسلي ۾ معذور ٻارڙن جي امڙ مسمات زاهدان ۽ مامي منير احمد ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ٻارڙا ننڍپڻ کان صحتياب هيا پر 3 يا 4 سالن جي عمر ۾ منهنجي ٻارڙن کي پراسرار بيماري وڪوڙي وئي ،جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن،ٻارڙن جي امڙ جو چوڻ هو ته گهر جو سامان کپائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر علاج ڪرائڻ باوجود به ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اسان غريب آهيون انهن جو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ مان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري انهن کي پالي رهي آهيان هن چيو ته آئون غريب بيواهه عورت آهيان ماڻهن جي گهرن ۾ ٻوهاري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندي آهيان، مان هن وقت ٻچڙن جي علاج لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهيان اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو اسان ٻچڙن جو علاج ڪراچي يا لاهور مان ڪرائي سگهون ۽ اسان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته منهنجي ٻچڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .
ڳڙهي خيرو: ”لاکي پير“ نالي قدرتي چشمي تي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي آمد، مريض به اچن ٿا
قدم قدرتي چشمي مان پهاڙين جو پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو، خارش جا مريض چشمي جو پاڻي پيئن ٿا
چشمي تي سياح يا مريض 3 کان 4 ڏينهن رهي پوءِ واپس ويندا آهن، پيچرا پٿريلا آهن
ڳڙهي خيرو ( رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ڀرسان بلوچستان جي علائقي باريجا جي جابلو پٽي ۾ ”لاکو پير “ جي نالي سان مشهور گرم پاڻي جا قدرتي چشمي کي خارش جي مريضن لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو. انهي عقيدي ۾ پري پري جا ماڻهو خارش جي مريضن کي وٺي اچي چشمي جو پاڻي پيارين ٿا. ان کانسواءِ سياحت لاءِ پڻ بهترين جڳهه هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ اچن ٿا. پٿريلو رستو هجڻ ڪري منزل تائين پهچڻ ۾ ماڻهن کي انتهائي سخت ڏکيائين مان گذرڻو پوندو آهي. ماڻهو جڏهن اتي پهچن ٿا ته سڪون محسوس ڪن ٿا انهن پهاڙن جي وچ ۾ سوين سال قديم ” پير لاکو ” جي نالي سان بزرگ جو روزو پڻ ٺهيل آهي جيڪو عقيدت مندن لاءِ مقدس آهي جتي عقيدت مند اچي زيارت ڪرڻ سان گڏ باس باسن ٿا ۽ مراد پوري ٿيڻ تي سکان پڻ کڻي اچن ٿا. آڳاٽي وقت ۾ هتي هندو برادري طرفان ميلو لڳندو هو مگر بد امني وڌي وڃڻ ڪري هندن ميلو لڳائڻ ۽ درگاه تي اچڻ بند ڪري ڇڏيو . درگاه جي دروازي تي هڪ وڏو گهنڊ بہ لڳل آهي جنهن کي وڄائي عقيدت مند اندر داخل ٿيندا آهن ۽ دعا گهرندا آهن، مگر روزي اندر مزار بجاءِ هڪ کٽ پيل آهي جنهن تي مختلف قسمن جون سوين چادرون وڇايل آهن. روايتن موجب ” لاکي پير ” جون ٽي درگاهون آهن ان ڪري سندس مزار نه ٺاهي وئي آهي. درگاھ جي ڀرسان پهاڙن مان نڪرندڙ گرم پاڻي جا چشما خارش جي تمام مرضن لاء شفا جو زريعو بڻيل آهن جتي پوري ملڪ مان خارش جا مريض وهنجڻ اچن ٿا ۽ پاڻي ڀري کڻي وڃن ٿا. خارش ۾ مبتلا مريض گرم پاڻي مان وهنجڻ بعد سڪون محسوس ڪن ٿا. درگاھ جي ڀرسان مسافرن جي رهڻ لاءِ قديم گھر به آهن جيڪي قديم پٿرن مان ٺاھيا ويا آهن.شهري علائقن کان تمام پري هجڻ ڪري هتي ايندڙ مريض ۽ سياح پنهنجي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٿاءُ پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿا . خارش ۾ مبتلا مريض هتي 3 کان 4 ڏينهن رهندا آهن. درگاھ تائين پهچڻ ۾ مسافرن کي انتهائي ڏکيو سفر طئه ڪرڻو پوندو آهي روڊ جي سهولت نه هجڻ ۽ جبل مٿان چڙهي ان کي پار ڪري درگاھ تي پهچن ٿا. باريجه ڳوٺ کان اڳتي درگاه تائي صرف موٽر سائيڪل تي وڃي سگهجي ٿو ٻي ڪنهن گاڏي جو رستو ڪونهي.پوءِ به عقيدت مند ۽ خارش جا مريض ڏکيو رستو پار ڪري ھتي پھچن ٿا، گرم پاڻي تي ٻارن سان وهنجڻ آيل مولوي امان الله ٻڌيو ته خارش جي مريضن لاءِ هتي گرم پاڻي جا چشما آهن ، مريض جڏهن علاج ڪرائڻ بعد ٺيڪ نٿا ٿين ته هتي اچي وهنجڻ بعد صحتياب ٿيندا آهن، گرم پاڻي جا چشما خارش جي تمام مرضن لاءِ انتهائي مفيد آهن. ماڻهو هتي اچي نه صرف وهنجن ٿا پر ٻين خارش جي مريضن لاءِ هتان پاڻي به ڀري کڻي وڃن ٿا. لاکو پير تي گهمڻ آيل غلام مصطفيٰ جمالي، خليل احمد ٻٻر، سلطان احمد بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته جابلو علائقن سان چاه رکندڙ ماڻهن لاءِ هي تمام خوبصورت ۽ سستو پڪنڪ پوائنٽ آهي، هتي گرم ۽ ٿڌي پاڻي جا چشما، جبل ۽ خوبصورت ٻوٽا تفريح جو ذريعو بڻيل آهن. هتي نه صرف خارش جا مريض اچن ٿا پر پهاڙن جا شوقين تفريح لاءِ پڻ اچن ٿا. مگر هتي بلوچستان حڪومت طرفان ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪا به سهولت ميسر ڪونهي هتي رهائش توڙي پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت ڪونهي جنهن ڪري سخت رستن کي پار ڪري هتي ايندڙ سياحن کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيئڻو پوي ٿو حڪومت کي گهرجي ته باريجه ڳوٺ کان درگاھ تائين روڊ ٺهرائي ايندڙ سياحن لاءِ سھولتون ميسر ڪيون وڃن اگر حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن ته ھن مقام کي بھترين پڪنڪ پوائنٽ بڻائي حڪومت ناڻو ڪمائي سگهي ٿي..
مٺي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري، شهري روڊن تي نڪري آيا
انتظاميا بيوس، ٻن واپاري ڀائرن کي ماءُ جون آخري رسمون ڪرڻ جيتري مهلت نه ڏني!
جڳديش ملاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، انتظاميا سان چڪريون، عملدار مشنري ڇڏي ڀڄي ويا
مٺي(ن پ ا) مٺي جي مهيشوري محلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا حددخليون ختم ڪرڻ جي اوٽ ۾ مسڪينن جا اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. مهيشوري محلي ۾ واپاري ڀائرن لجپت سکاڻي ۽ هوتچند سکاڻي جي گهر جون ديوارون ڊاهڻ ڊاهڻ لاءِ انتظاميا مشينري ڪاهي پهتي ته ٻنهي ڀائرن ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪرڻ تائين گهر جون ڀتيون نه ڊاهڻ جي گهر ڪئي، پر عملدارن سندن هڪ نه ٻڌي ۽ سندن گهر جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنهن تان شهرين تاءُ ۾ اچي احتجاج ڪيو. شهرين جي احتجاج سبب عملدار مشينري ڇڏي ٻڄي ويا. متاثرن مطالبو ڪيو ته آپريشن جي آڙ ۾ انسانيت جي تذليل ڪئي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي.
ڏهرڪي: ايس ايس پي جي نوٽيس بعد شاگرد سان زيادتي جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار
ايس ايس پي گهوٽڪي متاثر ڌر تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو
پوليس ڪيس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس معصوم شاگرد سان زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي جي نوٽيس بعد ڪيس داخل ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل معصوم شاگرد جي وارثن الزام هنيو هو ته پوليس راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، اهڙي معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ڏهرڪي پوليس کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي جي هدايتن تي پوليس نينگر جي پيءُ عبدلجبار جي فرياد تي جوابدارن فضل سومرو ۽ علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي کي گرفتار به ڪري ورتو
اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ تان چڪريون ،احتجاج ، پوليس صحافين تي به ڪڙڪي پئي
شهرين حددخليون خلاف آپريشن دوران غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
پوليس زبردستي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو
اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ خلاف شهرين پاران باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ، پوليس طرفان ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران احتجاج ڪندڙن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪارن وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون .لٺبازي ۾ شهري توڙي ڪوريج لاءِ پهتل صحافي پڻ زخمي ٿي پيا .احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته مقامي انتظاميه حددخلين جي آڙهه ۾ سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي جڏهن ته بااثر ماڻهن جي جاين خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي .اينٽي انڪروچمينٽ پوليس تشدد ۾ ٽن صحافين غازي بجير. سڌير راٺوڙ ۽سجاول بجير سميت وڪيل مصطفي هنڱورجو ۽ سهراب راهمون سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس انهن جون ڪئمران به ڦري ورتيون .شهرين ۽ صحافين تي تشدد بعد وڏي انگ ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا جن اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو .ايس ايس پي عمران قريشي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن صهافين تي تشدد ناهي ڪيو ،تشدد حددخليون هٽائيندڙ عملي ڪيو آهي .سندس موقف هو ته اهي اهلڪار ٻاهر جا هئا جن مقامي صهافين کي نه ٿي سڃاتو بعد ۾ ايس ايڇ او اچي مامري کي تاريو .هن ٻڌايو ته چڪرين ۾ حدخليون هٽائيندڙ عملي جا 2 ماڻهو به زخمي ٿيا آهن .
اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن خلاف شٽربند هڙتال، شهرين ڌرڻو هڻي مٺي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو
سوين شهرين ٽائون موڙ تي حددخلين جي آڙ ۾ ٿيندڙ آپريشن خلاف ڌرڻو هنيو ويو
مٺي ويندڙ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب گاڏين جي اچ وڃ ڪيتري ئي دير تائين بند رهي
اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ سوين شهرين پاران حددخلين جي آڙ ۾ جائز ملڪيتون ڊاهڻ خلاف سوين شهرين پاران ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو،، مٺي ويندڙ روڊ بلاڪ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي واري هنڌ رينجرز ۽ پوليس پهچي ويئي، ڊي سي ٿرپارڪر خلاف نعريبازي هٽائڻ جي گهر ڪئي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻي واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي،وڪيل مصطفىٰ هنگورجو،سهراب راهمون،وريام لنجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
سنڌ ۾ گيس بندش آئيني ڀڃڪڙي قرار، سينيٽ ڪاميٽي ۾ ميمبرن جو احتجاج
صوبي ۾ گيس کپت گھٽ ۽ پيداوار گھڻي آهي، گئس فراهمي ناهي ٿي: امام الدين شوقين
70 سيڪڙو گئس ڏيندڙ صوبي جي گيس بند، سنڌ واسي سراپا احتجاج آهن:شيري رحمان
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پيٽروليم ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ مان چونڊيل ميمبرن 70 سيڪڙو گئس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ گيس لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪندي ان عمل کي آئين جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. سنڌ جي ميمبرن پاران سئي سدرن گئس ڪمپني جي بريفنگ تي عدم اطمينان جو اظهار تفصيل موجب سينيٽر محسن عزيز جي سربراهي ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ واري مامري تي غور ڪيو ويو. ڪاميٽي اجلاس ۾ احتجاج ڪندي سنڌ مان چونڊيل سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته سنڌ ۾ ايڪسپورٽ صنعت کي گئس فراهمي بند ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ گيس جي کپت گھٽ ۽ پيداوار گھڻي آهي پر ان هوندي به سنڌ ۾ اڄ به گئس جي فراهمي نه ٿي آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس جي پئداوار ڏئي ٿي. سنڌ جي گئس ڪاڏي وڃي رهي آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن. گئس جو مامرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪيس آهي پر حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي سسئي پليجو چيو ته آئين چوي ٿو ته قدرتي گئس سميت قدرتي وسيلن جي پئداوار تي پهريون حق پئداوار ڏيندڙ صوبي جو آهي پر ائين نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پهريان تحريڪ انصاف چوندي هئي ته نواز حڪومت ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، هن وقت نواز حڪومت نه آهي پر جنهن پاليسي جو تحريڪ انصاف ذڪر ڪندي هئي اها تبديل نه ٿي آهي. سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي فوري حل ڪيو وڃي. سئي سدرن گئس ڪمپني جي مينيجنگ ڊاريڪٽر امين راجپوت ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته 115 ملين مڪعب فٽ روزاني جو شارٽ فال آهي. ڪاميٽي جي ميمبر سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ جا چلها وسامي چڪا آهن، اوهان ڪيئن ٿا چئو ته مسئلو حل ٿي ويو آهي. شيري رحمان چيو ته سنڌ حڪومت سئي سدرن جي جواب مان مطمئن نه آهي. سئي سدرن جي ايم ڊي چيو ته 660 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گھريلو ۽ ڪمرشل شعبي کي ڏيئي رهيا آهيون. هن چيو ته زيرو ريٽڊ صنعت کي 165 ايم ايم سي ايف ڊي گئس مهيا ڪري رهيا آهيون. سئي سدرن جي مئنيجنگ ڊاريڪٽر چيو ته عام صنعت کي 75 ملين مڪعب فٽ گئس ڏني پئي وڃي. هن چيو ته 65 ايم ايم سي ايف ڊي گئس سي اين جي جي شعبي کي ملي رهي آهي. ايم ڊي چيو ته 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪي اليڪٽرڪ کي مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي. جنهن تي سينيٽر شيري رحمان چيو ته نه، اهڙي طرح ته سيارو ئي گذري ويندو. هن چيو ته ماڻهو چئي رهيا آهن ته وٽن گئس ڪونهي ۽ سئي سدرن تفصيلن پيش ڪرڻ لاءِ هڪ هفتو گھري رهي آهي. تنهن تي ايس ايس جي سي جي سربراھ چيو ته مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هن سال ڪيپٽوَ بجلي گھرن لاءِ گئس جي رسد بند ڪئي آهي. ايم ڊي چيو ته چئن ڏينهن ۾ لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان گھريلو گئس جي رسد وارو مسئلو حل ٿي ويندو. سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته سنڌ گئس جي پئداوار ڏئي ٿي پر اسان کان ٻاهريان گھرايل گئس واريون قيمتون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته نئين ڪنيڪشنن ۾ قيمتون ڇو ٿيون وڌايون وڃن. سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته اها سنڌ سان زيادتي آهي. ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر محسن عزيز چيو ته قلات، زيارت، مستونگ ۾ گئس پريشر جو مسئلو هو اهو حل ڪيو ويو جيڪو رڳو پندرنهن ڏينهن ٺيڪ رهيو. سئي سدرن جي ايم ڊي ڇيو ته مستونگ ڏانهن ويندڙ پائيپ لائين ۾ مسئلو آهي ان کي ٺيڪ ڪيو ويندو. سئي ناردرن گئس پائيپ لائين جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر امجد لطيف چيو ته اسان جو گئس لاسز 2014-15 ۾ 10.9 سيڪڙو هو. هن چيو ته 2016-17 ۾ اسان جو گئس لاسز 39 هزار 268 ملين مڪعب فٽ هو جيڪو 8.8 سيڪڙو ٿئي ٿو. ايم ڊي ناردرن گئس چيو ته 2016-17 ۾ پنجاب ۾ 7.31 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواھ ۾ 21.7 سيڪڙو لائين لاسز هئا. هن چيو ته ڪرڪ ۾ گئس چوري بابت ڪاميٽيءَ خيبرپختونخواھ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو. سئي سدرن جي ايم ڊي چيو ته بلوچستان ۾ زيارت، قلات ۾ مسئلو آهي جتي 25 هزار روپين تائين بل اچي ٿو ۽ ماڻهو اهو بل ادا نه ٿا ڪري سگھن. هن چيو ته انهن علائقن لاءِ 2000 فڪس ٽيرف جي تجويز آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ 49 سيڪڙو لائين لاسز آهي. ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته 2000 هزار جو بل سمجھ کان ٻاهر آهي.
افغاني زمينون نيلام ڪرڻ لڳا، تاريخي ماڳ ڀنڀور 640 مان رڳو 40 ايڪڙ وڃي بچيو
مختلف جاين تي ليز ڄاڻائي چير ڦاڙ جاري، فرضي نالن سان اسڪيمون هلائڻ جو انڪشاف
لينڊ مافيا جي ڪري ڏچي ۾ آهيون، لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي: ولي داد بلوچ ۽ گل نواز

ڌاٻيجي(رپورٽ پنهون چانگ) ڌاٻيجي ۽ ان جي آس پاس جي مختلف جاين تي لينڊ مافيا جا ڪارڪن گروپن جي صورت ۾ سرگرم ٿي ويا آهن، جنهن سان تاريخي ماڳ ڀنڀور جو وجود به خطري ۾ پئجي ويو هي. ان سلسلي ۾ مدينا اسٽاپ ڀنڀور بيهار ڪالوني شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني غريب آباد ماڪيٽ پمپوز ڪالوني ۽ ٻين مختلف جاين تي قبضا مافيا مختلف نالن تي پلاٽنگ اسڪيم هلائڻ شروع ڪري ڏني آھي بئي طرف اشرف پنجابي محمد بخش ڪيلاڻي ڪوڙيون ليزون جاڻائي جبلن جي چير فاڙ ڪري پلاٽنگ ڪرڻ جو سلسلو بهي جاري آهي.جڏهن ت لينڊ مافيا جي قبضن جي ڪري شھري توڙي ڳوٺاڻن کي تمام گهڻي تڪليف آھي ڳوٺاڻن ۾ ولي داد بلوچ گلنواز ٻٻر مختيار جماري ۽ٻين پنهنجي اخبار سان ڳهالائيندي چيو ت اسان غريبن کي مختلف پارٽين جا نالا وٺي ڌمڪيون ڏيندا آھن آيل پٺاڻ آفغاني مري بلوچ جن جو ڪجه سال پهرين نالو نشان ن هو اڄ زمينن تي ڪبضا ڪري مالڪ جي صورت ۾ زمينون نيلام ڪن ٿا ۽ اسان غريبن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هنن بورڊ آف ريوينيو ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته لينڊ مافيا گروپ ۽ ڌاٻيجي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري آيل افغاني پٺاڻن کي ڪانوني سزا ڏني وڃي.
قبضن کي نه حڪومت ٻنجو ڏنو ۽ نه ئي مقامي انتظاميا اک پٽي
تاريخي ماڳ ڀنڀور قبضا مافيا جي ڪري سوڙهو ٿي ويو آهي. ڀنڀور جي اٽڪل 640 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين آھي لينڊ مافيا گروپ جي اچڻ کان پوء باقي 40 ايڪڙ ايراضي رهي آھي. ڪافي وقت کان هلندڙ قبضن تي نه حڪومت ڌيانڏئي ٻنجو ڏنو آهي نه ئي وري مقامي انتظاميا اک کولي آهي.
پوليس اهلڪارن بھ پلاٽ خريد ڪري ڇڏيا
ڀنڀور واسين ولي داد بلوچ گلنواز ٻٻر مختيار جماري ۽ٻين پنهنجي اخبار کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاٻيجي پوليس لينڊ مافيا سان ٻٽ بڻيل آھي. ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ت ڌاٻيجي پوليس اسٽيشن تي گذريل ٻن سال ۾ جيڪي ايس ايڇ او آيا تن پنهنجي نالي پلاٽ خريد ڪيا آھن.
حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع،ماڻهن جي رش
ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ يوسف سنڌي افتتاح ڪيو
نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون
حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.
قاضي احمد جي بازارن ۾ 5 ڏينھن کان بجلي بند، ڪاروبار ٺپ، شٽربند ھڙتال
5 ڏينھن کان بجلي بند ھئڻ خلاف واپاري شخصيتن ۽ شھرين شٽر بند ھڙتال ڪري مظاھرو
ڪاروباري مرڪزن ۽ بازارن جي بجلي بحال ڪري عوام دشمن واپڊا عملدارن کي هٽايو وڃي
قاضي احمد( ن پ ا) قاضي احمد ۾ واپڊا عملي جي ڪنڍا ھڻي غير قانوني طور بجلي استعال ڪرڻ جي الزام خلاف شھر جي واپارين بازار بند ڪري شٽربند ھڙتال ڪئي. اھم واپاري شخصيتن توڙي سياسي سماجي ماڻھن مظاھرو ڪري تعلقي پريس ڪلب پھچي واپڊا عملدارن پاران بنا جواز بجلي بند ڪرڻ خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ حيسڪو سب ڊويزن قاضي احمد جي ايس ڊي او 5 ڏينھن کان غيرقانوني بجلي استعمال ڪرڻ جو الزام مڙھي بجلي بند ڪري ڇڏي آھي، جيڪو سراسر غلط عمل آھي. ھنن چيو تھ بجلي بند ٿيڻ سان ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو، انڪري بجلي جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تھ شھر جي سمورن اهم ڪاروباري مرڪزن ۽ بازارن جي بجلي بحال ڪري عوام دشمن واپڊا عملدارن کي هٽايو وڃي.
سکر بار جي چونڊ، پروگريسو پينل اڪثريت سان ڪامياب
علي حيدر ادا صدر چونڊجي ويو، سڪندر جوڻيجو 157 ۽ عمران شمسي 61 ووٽ کنيا
محفوظ اعواڻ جنرل سيڪريٽري ٿي ويو، مخالف اميدوار عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کنيا
سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر بار جي چونڊن جا مڪمل نتيجا پڌرا ٿي ويا. سينيئر وڪيل قربان ملاڻي جي پروگريسو پينل وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چونڊ نتيجن موجب پروگريسو پينل جو علي حيدر ادا 716 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته همدرد پينل جا صداتي اميدوار سڪندر جوڻيجو 157 ۽ محمد عمران شمسي 61 ووٽ کڻي سگهيا. نائب صدر جي عهدي تي پروگريسو پينل جو الاهي بخش ميتلو 588 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف اميدوار ظهير بابر 334 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بار جي چونڊ نتيجن موجب جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پروگريسو پينل جو محفوظ احمد اعواڻ 617 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جو عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي ريت جوائنٽ سيڪريٽري جي چونڊ ۾ به پروگريسو پينل سوڀارو رهيو، جنهن جي اميدوار ذوالفقار ملاڻي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، مخالف اميدوار ميڊم فرزانه کوسو رڳو 275 ووٽ کڻي سگهي. لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي به پروگريسو پينل جو سيد ظفر شاهه 550ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جي ميڊيا رضوانه ميمڻ 366 ووٽ ٻئي نمبر تي رهي.
مٺي ۾ سهولتن جي کوٽ وڌيڪ ٻن ٻارن جي حياتي کسي ورتي
سول اسپتال مٺي ۾ علاج هيٺ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون ، 45 ٻارڙا داخل ، وارث پريشان
هلندڙ سال دوران 606 ٻارڙا فوت ٿي چڪا ، حڪومت سکڻن اعلانن کانسواءِ ڪي قدم نه کنيا
مٺي(رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٻه ٻارڙيون فوت ٿي ويون جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي جڏهن ته هلندڙ سال دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 606 ٿي ويو آهي .فوتي ٻارڙن ۾ ڳوٺ ٻگهليار جي محبوب سميجو جي تازي ڄاول ٻارڙي ۽ ڳوٺ پٻي جي وانڊ جي رهواسي ڀاڻجي ڀيل جو تازو ڄاول ٻارڙو شامل، اسپتال ۾ هن وقت 45 ٻارڙا زير علاج آهن . سهولتن جي کوٽ سبب روز ٻاڙرا فوت ٿي رهيا آهن پر حڪومت ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي .