fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪي ڪي ايف مني لانڊرنگ: دھشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آءِ اي کي دستاويزن جي جائزي لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

متحده جي اڳوڻي سينيٽر احمد علي ٽرانزيڪشن جو مڪمل ريڪارڊ پيش ڪيو

عدالت ايف آءِ اي کي 17 جنوري تائين احمد علي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت خدمت خلق فائونڊيشن مني لانڊرنگ بابت ايف آءِ اي کي دستاويزن جو جائزو وٺڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر احمد علي پيش ٿي ٽرانزيڪشن جو مڪمل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو، ايف آءِ اي اختيارين دستاويزن جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، عدالت ايف آءِ اي کي دستاويزن جي جائزي لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي ۽ ايف آءِ اي کي اڳوڻي سينيٽر احمد علي کي 17 جنوري تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ کيس جاچ ۾ ايف آءِ اي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر احمد علي تي الزام آهي ته هن ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني، اڳوڻو سينيٽر بابر غور ۽ ٻيا روپوش آه