fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سامونڊي پٽي تي سائيبيريا کان ڪهي آيل پکين جو شڪار جاري، ڪراچي ۾ پکين جو وڏي پئماني تي وڪرو

جاتي، لاڏيون، چوهڙ جمالي، سجاول، گولاڙچي، بدين، سيراڻي، ڪينجهر ۽ جهرڪ ۾ سودا

سائيبيريا مان ھٿ آيل پکي وڪري لاءِ رکيل

ٺٽو: (رپورٽ: غلام محي الدين سومرو ) ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعن جي ساحلي پٽي تي سائبيريا کان هجرت ڪري ايندڙ پرديسي پکين جا ولر پهچڻ شروع ٿي ويا پرڏيهي پکين جو غير قانوني شڪار جاري وائلڊ لائيف کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي، رپورٽ موجب ٺٽو سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقي ۾ وڏي پئماني تي پرڏيهي پکين جو غيرقانوني شڪار شروع ٿي ويو آهي سنڌ حڪومت پاران سياسي آشيرواد تحت مقرر ڪيل وائلڊ لائيف کاتي جا گيم وارڊن خاموش تماشائي بڻيل آهن، وائيلڊ لائف عملي ڏيتي ليتي جي بنياد تي شڪارين کي پکين جي شڪار جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پکي وڪري لاءِ ڪراچي اماڻيا وڃن پيا ۽ مقامي سطح تي پڻ جاتي، لاڏيون، ڇڇ جهان خان، چوهڙ جمالي، سجاول، گولاڙچي، بدين، سيراڻي، ڪينجهر، جهرڪ، جهمپير، سونڊا ۾ پکين جو غير قانوني وڪرو جاري آهي، نيرڳي پکي 500 روپيا، سوراندو پکي 400 روپيا، چيکلو 150 روپيا، آڙي پکي 100 روپيا ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. رابطو ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف کاتي ٺٽو جي ڊسٽرڪٽ سينچري وارڊن عدنان حامد خان ٻڌايو ته وائيلڊ لائيف کاتي وٽ وسلين جي کوٽ، سياسي مداخلت ۽ ڪمزور قانون سبب غيرقانوني شڪار کي روڪڻ مشڪل بڻيل آهي، ماضي ۾ سياسي گيم وارڊن جي ڪري وائيلڊ لائيف کي تمام گهڻو نقصان پهتو، اڪثر شڪاري ڍنڍن ۽ درياهه ۽ ڪچي جي علائقي ۾ شڪار ڪن ٿا اسان جي کاتي وٽ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ نه فور بائي فور جون هيوي گاڏيون آهن ۽ نه وري ڪي ٻيڙيون موجود آهن جو شڪارين تائين پهچي غيرقانوني شڪار کي روڪي سگهون، ڪينجھر ڍنڍ ۾ پکين جي آمد وارو سلسلو شروع ٿيندي ئي شڪاري به سرگرم ٿي ويا آهن، وانجھار لڳائڻ توڙي ڪيسٽن ذريعي پکين کي ڦاسائڻ وارو سلسلو جاري آهي، جھمپير، ڪينجھر ڍنڍ جي رھواسين محمد ھاشم سولنگي، محمد امين، حبيب الله، يار محمد پينار ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪينجھر ڍنڍ تي سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان ايندڙ پکين جو ڍنڍ ۾ غير قانوني شڪار جاري آھي پکين جي ڍنڍ تي لھڻ شرط ئي شڪارين پاران پکين کي پڪڙڻ ۽ انھن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاء اڳواٽ ئي وانجھار ھنئي ويندي آهي. علي بحر، سونڊا، جھمپير، ٺٽو ۾ پکين جو کلي عام وڪرو جاري آھي پر وائلڊ لائيف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي ھنن الزام ھنيو ته شڪاري وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جي آشيرواد سان پکين جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن. ھنن وزير اعلي سنڌ، وائلڊ لائيف کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ايندڙ مھمان پکين جو تحفظ ڪري، شڪارين خلاف ڪاروائي ڪري،ڍنڍ ۾ لڳل وانجھار ڪڍرائيون وڃن، سنڌ ۾ ناياب بازن جو غير قانوني شڪار جاري آهي ٺٽو سجاول ۽ بدين جي ساحلي ڪنارن تي ناياب بازن جي شڪار لاءِ 200 کان وڌيڪ شڪارين پنهنجون ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جتي باز جو شڪار جاري آهي جڏهن ته انهن شڪارين ڍنڍن تي شڪارين هزار کان وڌيڪ ڄار وڇائي ڇڏيا آهن، چرخ باز 50 لک کان هڪ ڪروڙ ۽ بحري باز 10 لک کان 20 لک روپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي مقامي دلال گهٽ پئسن ۾ باز خريد ڪري ڪراچي ۾ وڏي قيمت تي عرب شهزادن کي وڪرو ڪندا آهن، وائيلڊ کاتو في شڪاري ڪيمپ جا 10 هزار روپيا وٺندو آهي باز جي جهلجڻ تي 50 هزار خرچي طور رشوت وٺندا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انهن ناياب بازن جي شڪار تي پابندي آهي پر پوءِ به سنڌ جي وائيلڊ لائيف کاتي انهن حوالي سان ڪوبه قدم نه کنيو آهي جڏهن ته وائيلڊ لائيف کاتي جي قانون تحت اهڙي شڪار لاءِ لائسنس هجڻ ضروري آهي پر هي رسم به پوري ناهي ڪئي وئي ۽ سرعام شڪار جاري آهي.

”ذهني دٻاءُ“ دادو ۾ نڪاح دوران گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ڪنوار ۽ مائٽ پريشان

ڳوٺ ڪالو خان لُنڊ ۾ گھوٽ جو اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد ٻيھر نڪاح ڪرايو ويو

بيھوش ٿي ويل گهوٽ توڪ علي لنڊ

دادو( ن پ ا ) دادو ويجهو شادي جي رات گهوٽ ذهني دٻاءُ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڳوٺ ڪالو خان لنڊ ۾ پنهنجي شادي ڪاڄ ۾ رات گهوٽ توڪ علي لنڊ هلندڙ نڪاح دوران نيم بيهوش ٿي ويو، کيس فوري طور تي سول اسپتال آندو ويو، گهوٽ جي بيهوش ٿي وڃڻ سبب ڪاڄ ۾ موجود سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا.
گهوٽ کي طبي امداد بعد واپس ڳوٺ آڻي سندن نڪاح پڙهايو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ سبب گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ساڻس ڪو وڏو مسئلو نه آهي.

اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 نالن ۽ عھدن جي مڪمل فهرست

آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، مراد علي شاھ، ملڪ ريا ض، انور ۽ حسين لوائي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

فھرست ۾ موجودھ توڙي اڳوڻن ڪامورن جا بھ نالا شامل، نجي توڙي سرڪاري بئنڪ جي سربراھن جا نالا بھ اي سي ايل ۾ وڌا ويا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن.
عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.
چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن.
اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي خواب، والدين جو 10 سالن کان احتجاج، پوليس جا وڏا آفيسر به ناڪام

ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر جاچ ڪري چڪا، اڳڀرائي نه ٿي، والدين اڃا منتظر

نياڻي جي واپسي ۾ سردار رنڊڪ آهن، کين گرفتار ڪرڻ سان ملي ويندي: والدين
فضيلا سرڪي

ٺل(رپورٽ: مير ڀٽي) ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي اغوا کي 11 سال گذرڻ وارا هجڻ باوجود فضيلا سرڪي جي بازيابي هڪ خواب بڻجي ويئي آهي فضيلا سرڪي جي وارثن 10 سالن کان وڌيڪ عرصو هن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو انهي ڪيس جي جاچ سٺي ساک رکندڙ پوليس عملدار ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا سميت ٻين ڪئي ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن ۾ هن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيا ويا فريادي پاران ڌاڙيل ٻڍي سرڪي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو پوليس عملدار کي گهرائي فضيلا کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوءِ به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي جي موجود هجڻ تي گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا پر پوءِ به فضيلا بازياب نه ٿي سگهي شڪار پور شهر ۾ به فضيلا جي ڏس تي ڪاروائي ڪري هڪ ناري کي هٿ ڪيو ويو پر هن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جيڪا هن جي والدين سان نه ملي سگهي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ به ورتو ويو پر پوءِ به بازيابن نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي وارثن خاص ڪري هن جي والده سڪينا سنڌ جي وڏن وزيرن جي گاڏين کي روڪي هنن آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪرڻ تي علائقي جي بااثر ماڻهن فضيلا سرڪي جي وارثن کي ڌمڪايو ۽ ان جي زمين غير آباد ڪرائي ڇڏي هن جي دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو، فضيلا سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي ۽ سڪينا سرڪي ٻڌايو ته اسان جا قبائلي سردار فضيلا جي بازيابي ۾رڪاوٽ آهن هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اسان واضع ڪيو هو ته فضيلا ڪيس ۾ گهربل جوابدار قادر بخش سرڪي، ڪريم بخش سرڪي، يعقوب تيغاڻي ۽ ٻين جي سرپرستي قبائلي سردار ڪري رهيا آهن ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جون ضمانتون جنهن ڪرايون انهن کي گرفتار ڪيو ته فضيلا بازياب ٿي ويندي پر هر ڀيري فضيلا سياسي مصلحت جو شڪار ٿي ٿي وڃي ۽ اسان رڙندا رهون ٿا، ٺل: فضيلا جي سرڪي جي بازيابي لاءِ پوري ضلعي جيدڪب آباد جا شهر هڪ ڏينهن لاءِ احتجاج طور بند ڪيا ويا فضيلا سرڪي جي والده قومي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن وٽ وڃي دانهيو پر هنن به صرف آسرن کان علاوه ڪجهه نه ڪيو.

ڪراچي ۾ اينڪرپرسن مهڪ مهر مڙس سوڌو چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار، جوڙي طرفان آئيس واپرائڻ لاءِ چوري ڪرڻ جو انڪشاف

مهڪ مهر ۽ سندس مڙس آئيس جو نشو ڪرڻ لاءِ گاڏيون چوري ڪندا هئا: ايس ايس پي سهائي

جوڙي جي قبضي مان چوري جي ڪار، پسٽل ۽ ٻيو سامان هٿ آيو: سهائي عزيز ٽالپر
ڪراچي: ايس پي سوھائي ٽالپر پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪراچي) ن پ ا) ڊفنيس پوليس چوري جي الزام ۾ عورت اينڪر پرسن کي مڙس سوڌو گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر دعويٰ ڪئي آهي ته جوڙو آئيس نشي جو عادي آهي، نشي لاءِ گاڏيون چوري ڪندو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر چيو ته ڊفينس پوليس هڪ بنگلي تي ڇاپو هڻي عورت اينڪر پرسن مهڪ مهر کي مڙس سوڌو گرفتار ڪري ورتو، هن چيو ته ڇاپي دوران ٻنهي جي قبضي مان چوري ڪيل ڪار، پسٽل ۽ ٻيو چوري جو سامان هٿ آيو آهي.
سهائي عزيز ٽالپر چيو ته اينڪرپرسن مهڪ مهر ۽ سندس مڙس شعيب احمد پسند جي شادي ڪئي هئي، جوڙو آئيس نشي جو عادي آهي، جيڪو نشي جي لت پوري ڪرڻ لاءِ گاڏيون ۽ گاڏين جو سامان چوري ڪندو آهي، گرفتار خيرپور واسڻ مهڪ مهر ٽن مختلف چنئلز تي اينڪر پرسن طور ڪم ڪري چڪي آهي، جوڙو پڙهيل لکيل ۽ چالاڪ آهي.

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

سول اسپتال مٺي ۾ ڪلثوم ۽ علي احمد سوڌو 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 47 ٿي ويو، 46 ٻارن جو علاج جاري
سول اسپتال مٺي

مٺي (ن پ ا) ڏڪار سٽيل ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو. سول اسپتال مٺي ۾ ٻارڙي ڪلثوم ۽ علي احمد سوڌو 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. جنهن بعد هلندڙ مهيني ٻارن جي فوت ٿيڻ جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي. اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارن جي وارڊ ۾ 46 ٻارڙا داخل آهن، جن جو علاج ڪيو پيو وڃي. ٻارن جي والدين جو چوڻ آهي ته هو ٿر جي پري وارن علائقن کان اچن ٿا، ويجهاڻي ۾ اسپتال نه هجڻ ڪري سول اسپتال مٺي پهچڻ تائين ٻار جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي.

”بلاول منهنجي شادي ۾ اچي“ سڪرنڊ ۾ ننڍي قد واري نوجوان جي وڏي خواهش

ننڍو قد ھجڻ ڪري نادرا وارا ڪارڊ نٿا ٺاهي ڏين، سرڪار مدد ڪري: صابر

ننڍڙي قد وارو نوجوان صابر مڱڻھار

نواب شاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سڪرنڊ واسي نوجوان فقير صابر مڱڻهار جو هونئن ته قد ڏيڍ فُٽ آهي پر سندس خواهشن توڙي شوق جو نه ته ڪو قد آهي ۽ نه ئي ڪا حد آهي. فقير صابر شادين ۽ ميلن ۾ دُهل وڄائي گهر جو گاڏو هلائيندو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس والد حجامڪو ڪم ڪري گهر هلائيندو هو، پر هاڻ هو پيرسن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري گهڻو ڪم نٿو ڪري سگهي ۽ هو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي نوجوان صابر چيو ته ڊگهي عرصي کان پنهنجي لاءِ ڪنوار جي ڳولا ۾ آهيان پر اڃا تائين مون کي جيون ساٿي نه مليو آهي. دعا آهي ته جڏهن به شادي ڪريان ته بلاول ڀٽو زرداري ڪاڄ ۾ شريڪ ٿئي. فقير صابر مڱڻهار جي دعويٰ آهي ته هو دنيا ۾ سڀ کان ننڍي قد وارو ماڻهو آهي، منهنجو نالو گنيز بُڪ آف دي ورلڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. نوجوان وڌيڪ چيو ته ننڍو قد هجڻ ڪري پاڙي جون عورتون کيس ڌاڳو ڦيڻو ڪرڻ لاءِ چونديون آهن ۽ هوءِ به ڪنهن کي خالي ناهي موٽائيندو. نوجوان سنڌ سرڪار، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ايتري سهائتا ڪئي وڃي جو پنهنجي گهر ۾ رهي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري سگهي ۽ پيٽ گذر ڪري سگهي. امڙ مسلسل بيمار رهي ٿي پر علاج لاءِ پئسا ناهن ۽ ڀيڻ ڀاءُ کي به تعليم نه ڏياري سگهيو آهيان. ننڍڙي قد واري هِن نوجوان سان الميو اهو به آهي ته نادرا اختياريون کيس سڃاڻپ ڪارڊ نٿيون ٺاهي ڏين. نادرا جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته مون کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.

”مشتاق منهنجو مڙس ناهي” مريم جو بيان، عدالت ناري کي والدين سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، ڀاءُ مشتاق جي زال مريم کي وارثن ناحق پاڻ ٽ رکيو آهي: درخواستگذار شوڪت سميجو

مشتاق مون کي اغوا ڪري ويو هو، ساڻس شادي نه ڪئي آهي: مريم جو عدالت آڏو بيان
حيدرآباد: وارثن حوالي ڪيل ناري مريم ۽ سندس والد

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد والدين وٽ يرغمال ڄاڻايل ٿر واسڻ ناري کي سندس مرضي موجب والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ناري چيو ته جنهن شخص کي سندس مڙس ڄاڻايو ويو آهي، ان سان سندس شادي ئي ناهي ٿي، پوليس چيو آهي ته درخواست ۾ ناري جو مڙس ڄاڻايل شخص چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ داخل درخواست ۾ شوڪت سمجيو ناري شخص موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀاءُ مشتاق سميجو مريم نالي ناري سان پرڻو ڪيو، ناري جي والدين ٻنهي کي ناحق باندي بڻائي رکيو آهي، درخواست ۾ ٻنهي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.

شيخ اياز تحقيقي صحافت متعارف ڪرائي، سندس ايڊيٽوريل سائنسي هئا:صحافي

اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيرا ميٽر رکڻا پوندا:سهيل سانگي ۽ ٻين جو خطاب

شيخ اياز ميلي جي صحافتي ويھڪ

حيدرآباد(رپورٽر)شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ٻئي فڪري ويهڪ اياز ۽ صحافت جي موضوع هيٺ ٿي، جنهن ۾ خطاب ڪندي سينيئر صحافي نصير اعجاز چيو ته شيخ اياز، يوسف شاهين جي اخبار برسات ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون، شيخ جي اياز جي پاليسي، خبرن ۽ باقي معاملن سان واسطو نه هوندو هو، شيخ اياز هڪ سال کان وڌيڪ عرصو برسات اخبر ۾ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا، شيخ اياز جهموريت ۽ راء جي آزادي تي يقين رکندڙ انسان هو، پر هو اها ڳالهه به سمجهندو هو ته جهموريت واري دور ۾ انسان جو تحفظ يقيني نه ٿو ٿي سگهي، ته اها جهموريت به ڪنهن ڪم جي ناهي،شيخ اياز جيڪو لکيو اهو وزندار هو، جنهن سان اخبار مضبوط ٿي، هن پاڻ کي ڪڏهن به صحافي نه سمجهيو پر پنهنجي علم ۽ ادب واري مهارت مان صحافين کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ صحافت ڪئي، نامياري صحافي سهيل سانگي ڇيو ته هر شي کي مختلف انداز سان ڏسڻ جو نالو صحافت آهي،ڪنهن شاعر جو صحافي ٿيڻ ٿورو ڏکيو هجي ٿو، هن چيو ته اها ڳالهه سچ آهي ته شيخ اياز جو برسات اخبار جي پاليسي ۽ ٻين معاملن سان تعلق نه هو، پر هن جا ايڊِيٽوريل سائنسي انداز جا هئا، اها حقيقت آهي ته اخبار جو ايڊيٽر ليڊ خبر کان وٺي، آخري صفحي جي سنگل ڪالم جي خبر جو به ذميوار هجي ٿو، هن چيو ته هاڻي ته اهو دور ئي ناهيو، جو ايڏي وڏو قد ڪاٺ واري ماڻهو کي ايڊيٽر جي آفر ڏني وڃي، هن چيو ته شيخ اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيراميٽر رکڻا پوندا، سنيئر صحافي امداد سومري چيو ته شيخ اياز تخليقي صحافت متعارف ڪرائي، اهو ته نه پئي ٿي سگهيو ته شيخ اياز آخري وقت ۾ ويهي پيسٽنگ به پاڻ ڪرائي ها، شيخ اياز سنڌي شاعري کي نوان دڳ ۽ رستا ڏنا، هن روايتي بند ٽوڙيا ۽ هن صحافت ۾ به نوان رستا ۽ راهون ڏسيون، هن ويهڪ جو ماڊريٽر صحافي منظور ميراڻي هو، جنهن چيو ته فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز صحافت ڪئي، پر شيخ اياز عمر جي آخري حصي ۾ صحافت واي پيشي سان منسلڪ ٿيو، جڏهن ته فيض احمد فيض اوائلي دور ۾ ئي صحافت ڪئي هئي.
شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي:جامي چانڊيو
حيدرآباد:سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ ساڃاه وندن چيو آهي ته شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي، سندس فڪر ۽ فلسفي ۾ سنڌ جا اهي سڀ رنگ نروار ٿين ٿا، جيڪي هن ڌرتي جي سڃاڻپ آهن، اهڙو اظهار هنن حيدرآباد ۾ خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ منعقد چوٿين شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي مخلتف فڪري ويهڪن ۾ ڪيو، شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن جي پهرين ويهڪ شيخ اياز جا دفاع ڪار هئا، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نئين ٽهي جي دانشور جامي چانڊيو چيو ته شيخ اياز جي شاعري ترقي پسند آهي، شيخ اياز واري رجعت پسند ڌريون هڪ پاسي هيون ۽ رياست انهن سان گڏ بيٺل هئي،ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ قومپرست سوچ هئي، جنهن انسان دوستي، ترقي پسندي، امن ۽ قومي حقن جي ڳالهه پئي ورجائي، وقت ثابت ڪيو، اسان جا دانشور ۽ سڄاڻ ذهن درست پاسي تي بيٺل هئا، هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ مذهب کان وڌيڪ تصوف حاوي آهي، شيخ اياز ڪنهن به هڪ فڪري روايت سان منسلڪ نه رهيو،شيخ اياز جي شاعري جا محرڪ ۽ قدر تبديل نه ٿيا،هن چيو ته محمد ابراهيم جويو جي فڪري اوسر ڪئي، قومپرستن ۽ ترقي پسندن پاران اياز تي ان دور ۾ ڪيل تنقيد انهن ڌرين جو حق هو، ۽ اها ڳالهه زنده سماج جي سڃاڻپ آهي، باقي شيخ اياز تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو ته سنڌ جي ساڃاه شيخ اياز جو ڀرجهلو ٿي بيٺي، نامياري اديب تاج جويو چيو ته شيخ اياز جي آزاد نظم تي ڪفر جون فتوائون ڪڍيون ويون، حالانڪ اياز جي جديد سنڌي شاعري ڪنهن به مذهب جي خلاف نه هئي، پر ان هوندي به رجعت پسندن مٿس حملا ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، نوجوان شاعر علي آڪاش چيو ته شيخ اياز، ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجو جهڙا قدآور انسان سدائين رجعت پسندي آڏو بند بڻيل رهيا، محمد ابراهيم جويو اياز شناسي جو رواج وڌو ۽ اياز جي شاعري سنڌي ٻولي جو ڪرشمو آهي، هن ويهڪ جو ماڊريٽر رياضت ٻرڙو هو، جنهن چيو ته ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جو شيخ اياز جي شاعري کي عام ڪرڻ نمايان ڪردار هو.
شيخ اياز هن دور ۾ صحافي ٿئي ها ته هلي ئي نه سگهي ها:وسعت الله خان
حيدرآباد؛ شيخ اياز ميلي جي موقعي تي ڳالهائيندي ملڪ جي نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته هن دور ۾ جيڪڏهن شيخ اياز وائس چانسلر ٿئي ها ته سرچ ڪاميٽي هن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ شوٽ آئوٽ ڪري ڇڏي ها ۽ هو هنن حالتن ۾ هڪ مهينو به پنهنجي سيٽ تي ويهي نه سگهي ها، هن چيو ته يونيورسٽين ۾ هاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون وزن جي حساب سان ملن ٿيون، جن تي هن کي صحيحون ڪرڻيون پون ها ۽ هو ڪري نه سگهي ها، شيخ اياز جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ صحافي به ٿئي ها ته چار مهينن جي پگهار نه ملڻ جي ڪري هلي نه سگهي ۽ مٿان وري سخت سينسرشپ جي ڪري ڪجهه به لکي نه سگهي ۽ نيٺ صحافت کي به الوداع ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته شيخ اياز اهو خوشمقست انسان هو جو ان وقت سياسي ماڻهن کي جيلن حوالي ڪندڙ وقت جا آمر به ڪجهه بهتر هئا، جيڪي پنهنجي مخالفن کي جيلن ۾ وجهندا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ اها ضمانت ته هوندي هئي ته هو جيل ويندڙ زنده سلامت واپس موثي ايندا، هن سوال اٿاريو ته ڇا شيخ اياز کي اڄ جي دور ۾ جيل نصيب ٿي ها، اڄ جيڪڏهن هو زنده هجي ها ته ممڪن آهي ته هو هن وقت پاڪستان جو مشهور گم ڪيل شخص هجي ها، اڄوڪين حالتن ۾ گذري ويل شخص تي ميلو ڪرڻ آسان به آهي ته ڏکيو به آهي.
شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو:اعجاز منگي
حيدرآباد؛شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي شيخ اياز ۽ سندس هم عصر ترقي پسند شاعر جي موضوع تي به ويهڪ ٿي، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نامياري ڪالم نگار اعجاز منگي چيو ته شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو، هن جي انقلابي شخصيت تي اثر هن جي ادبي استاد حشو جو اهي، حشو واحد ڪميونسٽ هو، جيڪو قومي خوداردايت تي يقين رکندڙ هو، شيخ اياز پنهنجي وطن، ڌرتي ۽ پوري دنيا سان عالمگير خيال ذريعي محبت جو رشتو قائم ڪيو، ناليواري ناول نگار رفاقت حيات چيو ته اردو ۾ سجاد ظهير ۽ ٻين لنڊن ۾ هڪ ميٽنگ ڪري انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد رکيو، برصغير ۽ اردو جا ليکڪ ان تحريڪ جي اثر هيٺ رهيا، شيخ اياز به ترقي پسند نظرئي کي پنهنجو ڪيو ۽ ان فڪر کي سنڌ جي روح سان ڳنڍيو، هن سچل ۽ لطيف جي فڪر جي روشني ۾ ترقي پسند فڪر کي عوام تائين آندو، هن چيو ته اردو شآعري انڪري زمين سان جڙي نه سگهي جو هو زباني سطح تي عوام کان پري رهي ۽ ان جو ٻيو وڌو ڪارڻ اهو آهي ت هو بادشاهن جي اثر هيٺ نپني ۽ وڏي ٿي، ناول نگار سيد ڪاشف رضا چيو ته ترقي پسند جي اردو ادب تي اثر نظر اچي ٿو، جڏهن ته اردو ادب جي ترقي پسندي چئني صوبن جي ترقي پسند تحريڪ کان مختلف آهي، تيموررحمان چيو ته حالتون شاعرن کي مجبور ڪن ٿيون ته هو پنهنجي اندر جو آواز محڪومن ۽ مظلومن لاءِ بلند ڪن، هن چيو ته شيخ اياز اردو ۽ شاعرن ۽ اديبن کي پنهنجي قلمي پورهئي ۾ جاءِ ڏني آهي پر اردو اديبن ۽ شاعرن وٽ شيخ اياز لاءِ اهو رويو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جنهن جو ڪارڻ ڳولڻ جي ضرورت آهي.
ميلي جي پڄاڻي،فتح علي خان،رجب فقير،برڪت بٽ ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا
حيدرآباد: اياز ميلي جي آخري ڏهاڙي تي محفل اياز ۾ ناميارن راڳين سرن جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي استاد فتح علي خان، رجب فقير، لعل بينڊ جي تيمور رحمان ۽ سندس ساٿين، برڪت علي ڀٽ ۽ ٻين سر وکيريا، جڏهن ته وهاب شاه ڪلاسيڪل رقص پيش ڪيو.

کپرو: ڪئنال کي گهارو 10 ڪلاڪن بعد بند،پاڻي 5 ڳوٺن ۾ داخل، فصل ٻڏي ويا

700 ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف، توريو ۽ اسپنگر جا فصل ٻڏي ويا، ڪروڙن جو نقصان

کپرو)ن پ ا)کپرو واھ کي ڪئنال کي لڳل 50 فٽ گهارو سخت جفاڪشيءَ بعد ڏھن ڪلاڪن بعد آبپاشيءَ عملدارن غلام مجتبي ڌامراه، شاهد ميمڻ ۽ آبادگارن عمر گل هنڱورجو،فقير الهبچايو منڱريو،يامين هنڱورجو،دائود هنڱورجو،الهبچايو ٿيٻو ۽ ٻين علائقي واسين جي ڪوشش بعد بند ڪيو ويو.گهاري سبب ڳوٺ متل درس،مبين درس،علي غلام ڀنڀرو،آچار هنڱورجو،حاجي جمال الدين هنڱورجو ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن جا گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.جڏھن ته پاڻيءَ گهرن ۾ اچڻ ڪري،ڳوٺاڻا سخت سيءَ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت محفوظ هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناھ ورتي.جڏھن ته ست سو ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف،توريون،بصر ۽ اسپنگر جو فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو.

کپروڀرسان ڪنئال کي 50 فُٽ گهارو، پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل کي ٻوڙي ڇڏيو، علائقي واسي گهارو ٻڌڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل

بااثر ماڻهو رڳو پنهنجي زمينن کي بچائڻ لاءِ پاڻي روڪي رهيا آهن، آبپاشي عملو به نه پهتو: رهواسي

کپرو (ن پ ا) کپرو ڀرسان کپرو ڪئنال کي آر ڊي 122 وٽان گهارو پئجي ويو جيڪو وڌي 50 فٽ تي پهچي ويو آهي گهاري سبب 200 کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل فصل ڪڻڪ توريو ۽ وڏف جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي آبپاشي عملدارن پاران وقت سر نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن گهاري پوڻ جا ڪارڻ هيٺ بااثر کي پاڻي فل ڪري ڏيڻ ۽ کاڄڻي موري وٽان واهه جا دروازا هينڊاپ ڪرڻ سبب پاڻي جو دٻاء وڌڻ ڪري گهارو پئجي ويو وقت سر انتظاميان جو نه پهچڻ سبب پيل گهارو وڌي 50 فٽ تائين پهچي ويو آهي اڃان پاڻي وڌي رهيو آهي بااثر گهاري کي بند ڪرڻ بجاء پنهنجين زمينن تي بند ٻڌائي رهيا آهن جڏهن ته ڀنڀرا. درس. هنڱورجا. ۽ ٻين ڪيترن ئي برادرين جا گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته آچار هنڱورجو. موسو درس. راڻو درس. عبدالعليم درس. عويس سميت ڪيترن ئي زميندارن جا پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميان هن وقت تائين گهاري واري هنڌ تي ناهي پهتي جنهن ڪرص پاڻي جو وهڪرو اڃان تائين جاري آهي.

گهوٽڪي جو ٿر سياري ۾ سياحت جو مرڪز، سرد راتين ۾ دڙن تي ڪچهريون، اوطاقن تي باھ جي چوڌاري ميڙاڪا

پرانهن علائقن مان ماڻهن جي آمد، ماڻهو قدرت جي حسين نظارن جون راحتون روح ۾ سمائڻ لڳا

نور پير، گابر، سائين ڏنو والي، دلھي واري، موسي' واري ۽ ٻين علائقن ۾ مهمانن جي ميزباني
مچ ڪچهري

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:مشتاق ميراڻي) گھوٽڪي ضلعي جا بدامني ۽ قبيلائي ڪروڌن کان تنگ ۽ گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ رھندڙ ماڻھن سياري جي مند ۾ انڊيا جي سرحد سان لڳندڙ ريگستاني علائقن جو رخ ڪيو آھي، جتي ھو رات جي ٿڌڙي پھر ۾ دنيا جي سڀني مسئلن ۽ گوڙ گمسان کان بي نياز ٿي قدرت جي حسين نظارن کان لطف اندوز ٿين ٿا. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” جي ڪيل سروي موجب ڀارت جي بارڊر سان لڳندڙ گھوٽڪي ضلعي جا ريگستاني علائقا جنهن ۾ نور پير، گابر، سائين ڏنو والي، دلھي واري، موسي’ واري، جت مال فقير، ڪمال پير سميت ٻيا علائقا سياحن جا ڪٽڪ پھچڻ ڪري توجه جا مرڪز بڻجي ويا آھن. ڄاڻايل ھنڌن تي سوين ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ اڙانگا رستا ڪاٽي اچي ڪجهه گھڙيونگذاري پنهنجي زندگي کي سڪون بخشين ٿا. ريگستاني علائقن جو رخ ڪندڙ پوڙھا پڪا پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي ۽ رڌ پچاء جو سامان به آڻين ٿا ۽ ڪڪنگ به پاڻ ڪن ٿا. کائڻ پيئڻ کان فارغ ٿيڻ بعد محفلون مچن ٿيون، پوڙھا باھ جا وڏا مچ ٻاري ان جي چوڌار ويھي ڏور بيت ٻڌائين ٿا جڏھن ته نوجوان طبقو وري راڳ رنگ جي محفلن شعرو شاعري ۽ ميوزڪ تي رقص ڪندوآهي. ڪي وري منچلا واري جي وڏن وڏن دڙن تي گاڏيون ڊوڙائيندي نظر اچن ٿا. سڄي رات ڪچهريون ڪرڻ کان پوء صبح جو ھر ڪو پنهنج ماڳموٽي ٿو. ريگستاني علائقن جو روخ ڪندڙ ماڻهن “پنهنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو ته وڏن وڏن دڙن تي باھ جي مچ تي سرد راتيون گذرڻ دوران ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ محبوب جي ڀاڪرن ۾ ھجون. ڏھرڪي جي رھواسين خليل سومرو ۽ علي سميجو چيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪا به اھڙو تفريحي پوائنٽ ناھي تنھنڪري اڪثر ماڻھو ريگستان جو رخ ڪن ٿا ۽ ھاڻي اھو سلسلو وڌندو پيو وڃي. ميرپور ماٿيلو واسي عبدالعلي پتافي ۽ سعيد احمد بوزدار چيو ته رات جي سانت ۾ ريگستان ۾ وقت گذرڻ دوران ا ئين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ ته جنت جي وادي ۾ ھجون. ٻي پاسي ريگستاني علائقن ۾ رھندڙ ۽ ميزباني ڪندڙ راجو خان مھر، مرتضي’ لنڊ، احسان لنڊ ۽ ٻين چيو ته اڳ تمام گھٽ شھري ماڻھو ريگستاني علائقن ڏانهن ايندا ھئا پر ھاڻي ماڻهن جو تعداد تيزي سان وڌي رھيو آھي، ھو پاڻ مرادو اچي ديرا ھڻي محفلون مچائين ٿا. ريگستاني علائقي جي ڪوھيڙي واري خوبصورت راتين جي حسين لمحن کي روح ۾ لاھڻ لاء ڪي ڪي ماڻھو پـھنجي فيملين کي به گڏ وٺي اچين ٿا. تفريح لاء ايندڙ ماڻهن “پنهنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو ته اسان خوشنصيب آھيون جو اسان کي ريگستاني علائقو لڳي ٿو ۽ ويجهو به آھي پر سھولتن خاص طور تي روڊن رستن پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ سبب مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي مسئلا فوري طور تي حڪومت کي حل ڪرڻ گھرجن جيئن ماڻھو آساني سان پھچي سگهن. ريگستاني علائقن ۾ رات جي سانت ۾ واري جي دڙن تي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ماڻهن جي ٽولين جي صورت ۾ ويھڻ ڪري ٿر جي قدرتي حسن ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿي وڃي ٿو. دھل جي ٿاپ تي ھر طرف جھمرين ۽ تاڙين سان گڏ گانن جي گونجار رومانوي لڳي ٿي. تفريحي لاء ايندڙ ماڻھو سج لھڻ کان اڳ پھچي وڃن ٿا ۽ سندن ڪوشش ھوندي آھي ته سج جي روشني دوران جڳهه سلڪيٽ ڪجي. سندن اھا به خواهش ھوندي آھي ته جتي رات گذارجي اھو ھنڌ آبادي کان پري ۽ مڪمل خاموشي ھجي جيئن ھوا جو آواز ڪنن تائين پھچي روح کي راحت بخشي. تفريح لاء ايندڙ ڪي ماڻھو اونداھ کي پسند ڪن ٿا ته ڪي ماڻھو وري رات جي وقت گاڏين جي بيٽرين مان بلب ٻاري ريگستان کي روشن ڏسي تفريح حاصل ڪن ٿا.

رحيم يار خان پوليس جي صادق آباد ۾ ڪارروائي، هٿيارن جي ڊيلر جو پُٽ گرفتار

گرفتار ذاڪر حسين تي پرڏيهي هٿيارن جو غيرقانوني ڪاروبار ڪرڻ جو الزام آهي: پوليس

ڪارروائي پهرين گرفتار ڪيل ذاڪر حسين ۽ فلڪ شير جي نشاندهي تي ڪئي وئي: رحيم يار خان پوليس
پرڏيھي ھٿيار وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾گرفتار

ڪشمور (ن پ ا) رحيم يار خان پوليس صادق آباد ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا طور هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين جو پٽ سھيل ذاڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. صادق آباد ۾ هٿيارن جي ڪاروبار جي مشهور ڊيلر ذاڪر حسين جي پٽ سھيل ذاڪر کي پرڏيهي هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ رحيم يار خان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. رحيم يار خان پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ذاڪر وٽان پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذاڪر حسين ۽ سندس ڀاءُ فلڪ شير کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.

ڪراچي: 3وزير تبديل ٿيا پر 1500 پيپلز بسون روڊن تي نه آيون!

سرڪار 2013ع ۾ شھرين کي سستي ۽ معياري سفري سھولت ڏيڻ لاءِ ڪراچي۾ 1000بسن جو اعلان ڪيو هو

تڏھوڪي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ پاران افتتاح ڪيل منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ھيٺ ئي ھلڻو ھو
ٽرانسپورٽ جااڳوڻا وزير ناصر شاهه، ممتاز جکراڻي ۽ هاڻو ڪو وزير اويس شاهه

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار پاران شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ وارو پيپلز بس سروس منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 5 سال گذرڻ باوجود 15 سئو اعلانيل بسن مان صرف 10 بسون ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ٿورن سان هلي سگهيون، ٽي وزير تبديل ٿيا، پر اعلانيل منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ سرڪار سال 2013ع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن روڊن تي سنڌ جي ماڻهن کي سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ 15 سئو ايئر ڪنڊيشن بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙو اعلان سنڌ اندر روڊ حادثن، غير معياري بسن ۽ وڌيڪ ڀاڙن جي کوڙ سارين شڪايتون اچڻ کانپوءِ ڪيو هو. 2013ع جي بجٽ تقرير ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته انهن بسن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو ويندو، 5 سال گذرڻ بعد ان اعلان تيصرف ايترو عمل ٿيو آهي جو هن وقت تائين ڪراچي ۾ 10 بسون هلايون ويون آهن، جڏهن ته سرڪاري اعلان موجب هڪ هزار بسون ڪراچي شهر ۾ جڏهن ته 500 بسون سکر، لاڙڪاڻو، مٺي سميت مختلف شهرن جي روٽن تي هلڻيون هيون، جنهن لاءِ ڪراچي سميت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ بس ٽرمينل ٺهڻا هئا، ان منصوبي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، هڪ منصوبي کي ”انٽر بس سروس“ ۽ ٻئي کي ”انٽرا سٽي بس سروس“ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ سرڪار ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه وئي پر 5 سال گذرڻ ۽ ٽي وزير تبديل ٿيڻ باوجود 15 سئو بدران هڪ خانگي ڪمپني جي ٿورن سان 10 بسون ڪراچي ۾ هلايون ويون آهن، جنهن کي ”پائلٽ پروجيڪٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، ان 5 سالن دوران سنڌ سرڪار اهو به طئي ناهي ڪري سگهي ته بسن جا رُوٽ ڪهڙا هوندا، مسافرن کان ڀاڙو ڪيترو ورتو ويندو ۽ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ ڪمپني معرفت بسون هلائيندي يا پنهنجون بسون خريد ڪندي؟
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته منصوبي ۾ دير ٽرانسپورٽرن پاران بسون نه هلائڻ ۽ بئنڪن پاران قرض نه ڏيڻ ڪري ٿي آهي، اسان منصوبو ختم ناهي ڪيو پر ان ۾ دير ٿي آهي، اسان قرض لاءِ سنڌ بئنڪ سان ڳالهايو آهي، لک پڙهه هلي رهي آهي، اسان کي ڀاڙا گهٽ رکڻ سبب انهن ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻي پوندي.
ٽرانسپورٽ واري اڳوڻي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته اسان انهن بسن جا ڀاڙا گهٽ رکيا، جنهن ڪري ٽرانسپورٽ ڪمپنيون بسون هلائڻ لاءِ راضي نه پيون ٿين، مون پنهنجي دور ۾ هڪ ڪمپني سان ڳالهائي ڪراچي ۾ 10 بسون هلرايون آهن، هاڻي وزير ان منصوبي کي مڪمل ڪرائيندو.

شيخ اياز عالمي سطح جو شاعر ۽ مفڪر قرار،کيس سنڌ تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي:اياز ميلو

هن سنڌ کي پنهجي فڪر ۾ سمايو ،اتي ئي هن عالمي امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالھ پڻ ڪئي :عطيه دائود

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ مصورن چيو آهي ته شيخ اياز جو فڪر ۽ فلسفو عالمي آھي، سندس فڪر کي رڳو سنڌ تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي .شيخ اياز جتي سنڌ کي پنهجي فڪر ۾ سمايو آھي اتي ئي هن عالمي امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالھ پڻ ڪئي آھي. سندس نظر ۾ مظلوم طبقو اهم ھو، انڪري ئي سندس گيتن جي گونجار مان مٽي جي مهڪ اچي ٿي.
حيدرآباد جي سرد هوائن ۾ منعقد ٿيل اياز ميلي جي ٻي ڏينهن تي “حلقه ميري زنجير ڪا، اياز ۽ فهميده رياض” جي موضوع تي ٿيل هڪ ويهڪ ۾ ناليواري شاعره ۽ فهيمده رياض جي دوست عطيه دائود ڳالهائيندي چيو ته فهميده ۽ اياز جي اندر ۾ معصوم ٻار هو، انهن جون تخليقون ياگار آهن. هن چيو ته شاعر ۽ اديب قومن جا ترجمان هجن ٿا ۽ هنن ٻنهي شخصيتن پاڻ ملهايو، هن چيو ته آئون ڳوٺاڻي ڇوڪري هوندي به فهميده کان سنڌي ٻولي سکندي هئس، اياز ۽ فهميده پڙهڻ جا ديوانا هئا.
ناليواري اديب مدد علي سنڌي چيو ته اياز پهرين اردو ۾ شاعري ڪندو هو، پهرين سندس اردو مجموعو ئي مارڪيٽ ۾ آيو هو، اياز ورهاڱي وقت پريشان هو، چوندو هو ته سنڌي شاعري ڪنهن جي لاءِ ڪيان، ڪير پڙهندو؟جنهن تي محمد ابراهيم جويي کيس سنڌي شاعري ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ کيس چيو ته هڪ ڏينهن توکي سنڌيءَ وڏو شاعر ڪري مڃيندا.
هن چيو ته اياز جي ترجمي ۾ فهيمده سنڌي لفظ شامل ڪري ڪمال ڪيو آهي، فهيمده عورتن جي جذبن کي سمجهندڙ شاعره آهي، هن بلوچستان وڃي انقلاب لاءِ وڙهندڙ نوجوانن کي ڏسڻ ٿي چاهيو.
انيس هارون اياز ۽ فهيمده جي جدوجهد تي ڳالهائيندي چيو ته آئون ميلو سجائڻ تي منتظمين کي مبارڪ باد ڏيان ٿي، فهيمده رياض جي آئون واحد دوست هئس، جنهن مونسان موڪلاڻي واري ڏينهن به ڳالهايو هو. هن چيو ته فهيمده سنڌ جي ڌرتي جو سرمايو هئي، جنهن کي هتي دفنايو وڃي ها پر ڌيءُ جي خواهش تحت کيس لاهور ۾ دفنايو ويو. اسان هر گهڙي ۾ گڏ هيونسين. هن چيو ته شيخ اياز جذبن جو شاعر هو هن جا قومي گيت گهڻا مشهور ٿيا. فهيمده جي شاعري ۾ به بي باڪي هئي، هن کي دنيا جي پرواهه نه هئي،
. سيشن ۾ حسين مسرت ڳالهائيندي چيو ته هن سيشن جو مقصد فهيمده رياض کي ياد رکڻ آهي، جيڪا اڄ اسان سان گڏ ناهي، هن سيشن جي ماڊريٽر شبنم گل هئي، جنهن چيو ته سماج ۾ دوست وڏو سرمايو هوندا آهن، دوستن جي سوچ ۽ مشن به نسل در نسل منتقل ٿيندا رهن ٿا.