fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ملير ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوهارين عاقب ۽ حمزه کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس ھٿان گرفتار ٿيل ڦورو

ملير(ن پ ا) سکن ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني لٺ بستي روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ کانپوءِ 2 جوابدار عاقب ۽ محمد حمزا گرفتار، پوليس پاران جوابدارن کان پسٽل، ڦر ڪيل چار موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.

راجا خان مھر آصف زرداري کي 4 ڀلوڙ اٺ سوکڙي طور ڏنا

آصف زرداري کي سوکڙي طور مليل اٺ

خانپور مھر: گھوٽڪي ضلعي جي ياترا تي آيل اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پ پ ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مھر 4 ڀلوڙ اٺ تحفي ۾ ڏنا. واضح رھي تھ مھر سردار وٽن ايندڙ مھمانن کي ڀلوڙ نسل جا اٺ، گھوڙا ۽ ڳئون تحفي طور ڏيندا رھندا آھن.

فيض گنج ڀرسان ڳوٺاڻن پاران انڌي ٻلهڻ کي بلا سمجهي مارڻ جي ڪوشش

انڌي ٻلھڻ

فيض گنج )رپورٽر) فيض گنج لڳ پنڌرهو واهه جي آرڊي نمبر 40کان 45 آرڊي جي وچ ۾ ڳوٺاڻن پاران واهه ۾ انڌي ٻهلڻ ڏٺي وئي آهي ڳوٺاڻن موجب لاڳتو ٽن ڏينهن کان انڌي ٻهلڻ واهه ۾ موجود آهي جنهن کي ڳوٺاڻن بلا سمجهي مارڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر هو واهه ۾ هجڻ ڪري بچي وئي آهي،علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران انڌي ٻهلڻ جي موجود هجڻ بعد وائلڊ وائف کاتي سکر کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي جهنگلي جيت کاتي جا عملدار ڄاڻا يل هنڌ پهچي ويا جن آرڊي 40 کان 45آرڊي تائين ٻهلڻ کي تلاش ڪيو، پر هو هٿ اچي نه سگجهي آهي جنهن بعد وائلڊ لائف کاتي جا عملدار واپس ٿي ويا آهن واضح رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺاڻن ٻه انڌي ٻهلڻ ساڳي هنڌ ڏسي وائلڊ وائف وارن کي اطلاع ڪيو هو جن ٻئي ٻهلڻ هٿ ڪري سکر کان سنڌو درياه حوالي ڪيون هنيون جڏهن ته واهه ۾ انڌي ٻهلڻ جي موجودڳي واري افواهن بعد علائقي جا ڪيترائي ماڻهو ڄاڻايل هنڌ تي پهچي ويا

قائد آباد مان لاڙڪاڻي واسي مبينا ڏوهاري بابر شيخ گرفتار

خُلد آباد ۾ ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو: پوليس

سنگين ڏوهن ۾ ملوث بابر شيخ گرفتار، پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون آهن: پوليس
لاڙڪاڻي واسي بابر شيخ گرفتار

ملير (رپورٽر) قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد جي علائقي خُلد آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سنگين ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري بابر عرف بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خلد آباد جي يار محمد ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون ويون آهن.

اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد به لائون لڌيون

ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، تقريب ۾ پي ايس پي اڳواڻن سوڌو ٻين شخصيتن جي شرڪت

ڊاڪٽر صغير جي وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي
ڊاڪٽر صغير ۽ ڪنوار

ڪراچي( م ڊ ) پاڪ سر زمين پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر صغير احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي.
پي ايس پي ۾ شموليت کان اڳ ڊاڪٽر صغير احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم ) جو حصو هو، ڊسمبر 2015 تي مڪاني چونڊن لاءِ هن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان چونڊ مهم به هلائي هئي
ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ صحت جي وزير طور خدمتون ادا ڪيون

حڪومت جو يوٽرن، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ تان ڦري وئي

وزير اعظم ھائوس

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس کي پهرئين مرحلي ۾ يونيورسٽي بنائڻ واري ارادي کان هٿ کڻي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم تعليم واري وزير شفقت محمود پاران وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرئين مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي دارالحڪمه بنايو ويندو، جتي انتظامي مامرن، آءِ ٽي، صنعتن ۽ ٻين شعبن بابت تحقيقي ماهر تحقيق ڪري سگھندا. ٻئي مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنايو ويندو. هن اهو به ٻڌايو ته صنعتن سوڌو شعبن کي جديد بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُالرحمان هوندو ۽ ان کي ٽيڪنالاجي ٽاسڪ فورس به چيو ويندو.

حيدرآباد ۾ پوليس موبائلون ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون

ڀاڄيون ڍوئيندڙ پوليس موبائيل

حيدرآباد(رپورٽ:فقير سليم)حيدرآباد ۾ پوليس جون موبائلون ڏوهارين خلاف ڪاررواين ڪرڻ بجاءِ ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون،ان ڏس ۾ هڪ فوٽو جنرلسٽ جي ڪئمرا ڀاڄيون ڍوئنيدڙ هڪ پوليس وين نمبر ايس پي 562 اي جي تصوير پنهنجي ڪئمرا ۾ فلمبند ڪري ورتي

اوٻاوڙي جا 2 يتيم ٻارڙا اپاهج،امڙ علاج لاءِ گهر جو سامان به وڪڻي ڇڏيو

معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم امڙ جي سهاري تي زندگي گذارڻ تي مجبور

ٻئي ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار،امڙ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري سندن علاج ڪرائي ٿي
اوٻاوڙو : معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي خانپور محلي جا رهواسي 2 يتيم معصوم ٻارڙا 12 ورهين جو الله بخش ٿهيم ۽ 6 ورهين جو اڪرم ٿهيم ڄنگھن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثر خاندان سان واهر نه ڪئي آهي ان سلسلي ۾ معذور ٻارڙن جي امڙ ۽ مامي منير احمد ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ٻارڙا ننڍپڻ کان صحتياب هيا پر 3 يا 4 سالن جي عمر ۾ منهنجي ٻارڙن کي پراسرار بيماري وڪوڙي وئي ،جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن، ٻارڙن جي امڙ جو چوڻ هو ته گهر جو سامان کپائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر علاج ڪرائڻ باوجود به ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اسان غريب آهيون انهن جو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ مان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري انهن کي پالي رهي آهيان هن چيو ته آئون غريب بيواهه عورت آهيان ماڻهن جي گهرن ۾ ٻوهاري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندي آهيان، مان هن وقت ٻچڙن جي علاج لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهيان اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو اسان ٻچڙن جو علاج ڪراچي يا لاهور مان ڪرائي سگهون ۽ اسان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته منهنجي ٻچڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .

دادو: پوليس جا ڇاپا، بڪيز ذريعي سٽو کيڏندڙ 20 ڄڻا گرفتار

شهر جي مختلف هوٽلن تان گرفتار ٿيلن ۾ هڪ نينگر به شامل

نينگر گرفتار ناهي، پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي وٺي آياسين: پوليس
جوا الزام ۾ گرفتار شخص ۽ سندس پُٽ

دادو ( ن پ ا ) پوليس ڪرڪيٽ تي سٽو کيندڙ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس هڪ نينگر کي به ٿاڻي تي وٺي آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو، جوا کيڏندڙ پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي به وٺي آياسين.
پوليس موجب شهر جي ڪاليج روڊ، ملاح چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڊي ايس پي دادو رسول بخش سيال جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن اوچتو هوٽلن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن کي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ هڪ 7 ورهين جو نينگر به شامل آهي، جنهن جي باري ۾ پوليس جو موقف سامهون آيو آهي ته نينگر کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هو جوا کيندڙ پيءُ سان گڏ موجود هو، پنهنجي جي گرفتاري دوران روئي رهيو هو، جنهن سبب کيس پيءُ سان گڏ ٿاڻي تي آندو ويو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار هوٽلن تي بڪيز ذريعي ڪرڪيٽ راند تي جوا پئي کيڏي رهيا هئا، اطلاع تي کين ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون ويون

ڀارت ۾ فنڪار دنيا جو سڀ کان وڏو سانتا ڪلاز ٺاهي ورتو

فنڪار وَاري ۽ 10 هزار پلاسٽڪ جي بوتلن سان سانتا ڪلاز جو مجسمو ٺاهيو

ڀارت ۾ سانتا ڪلاز جو سڀ کان وڏو مجسمو

اوڙيسا (م ڊ) ڀارت ۾ فنڪار دنيا جو سڀ کان وڏو سانتا ڪلاز جو مجسمو 10 هزار پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ واري جي مدد سان ٺاهي ورتو آهي. اهو دنيا جو سڀ کان وڏو سانتا ڪلاز جو مجسمو آهي، جنهن کي جلد گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويندو. پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ وارِي جي 882 ٽن سان 30 فوٽن جو سانتا ڪلاز ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. پوري بيچ تي 30 فوٽن جو سانتا ڪلاز امن ۽ ماحوليات جي تحفظ نالي ڪيو ويو.

”پگهارون ڏيو“ گهاري شھر ۾ پورهيت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ اشوڪ ڪمار

گهارو(ن پ ا) گهارو ٽائون ڪميٽي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي ٽن مهينن کان پئسا نه مليا، هڪ پورهيت دل برداشته ٿي پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. گهارو پريس ڪلب آڏو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازم احتجاج ڪري رهيا هئا ته اشوڪ ڪمار پاڻ کي باهه ڏئي سارڻ جي ڪوشش ڪئي. مقامي ماڻهن نوجوان کي بچائي ورتو. هوڏانهن ٽي ايم او مظاهرين سان رابطو ڪري سومر تائين مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

چرس وٺو، کاڌو ڏيو، فلوريڊا ۾ نوجوان چرس ذريعي بل ڏيندي گرفتار ٿي پيو

فلوريڊا واسي ميڪڊونلڊ ۾ بل چرس ذريعي ڀرڻ جي ڪوشش

بل ذريعي چرس ڏ يندڙ نوجوان

فلوريڊا (م ڊ) آمريڪا ۾ 23 سالن جو نوجوان بک سبب پاهه ٿيڻ کانپوءِ هڪ ميڪڊونلڊ ريسٽورنٽ تي ويو ۽ چرس جي ٿيلهي جي بدلي ۾ کاڌي جي طلب ڪيائين پر ابتو کيس پوليس کان گرفتار ڪرايو ويو. آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ نوجوان انٿوني اينڊريو ميڪڊونلڊ ۾ آرڊر ڏنو، کاڌو کائڻ کانپوءِ جڏهن کيس بل گهريو ويو ته هن پيسا نه هئڻ تي چرس جو ٿيلهو ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي. هوٽل مالڪ پوليس سان رابطو ڪري کيس گرفتار ڪرائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به گرفتار ڪيل چرس ذريعي سامان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڪوٽڙي ۾ دوستن مذاق ۾ دوست مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪوٽڙي سڙيل نوجوان فرمان عباسي

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي جي راسوا موري ڀرسان فرمان عباسي کي مبينا طور باھ لڳي وئي ،جنهن کي ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڊاڪٽرن موجب فرمان عباسي جو جسم 40 سيڪڙو متاثر ٿيو آھي کيس بنيادي امداد ڏئي حيدرآباد جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو،فرمان عباسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي،فرمان عباسي موجب منهنجو راسواموري ڀرسان موٽر سائيڪل جي اسپيئر پارٽس جو دڪان آھي، جتي دوستن سان گڏ ويٺو هوس ته دوست عاطف آرائين پئٽرول دڪان ۾ اڇلايو ته ٻئي دوست حاجي عمراڻي مذاق ۾ چيو ته لائيٽر ٻاريان،ايتري ۾ هن مذاق ۾ لائيٽر ٻاريو ته مون کي باھ وڪوڙي وئي منهنجي جسم سڙي ويو آھي.

ميهڙ ۾ سارين جو واپاري اغوا، مزاحمت تي سندس سئوٽ زخمي

ميھڙ مان اغوا ٿيل واپاري

ميهڙ (ن پ ا ) ميهڙلڳ انڊس هاءَ وي تي ڪولاچي ڀرسان ٽول پلازا وٽ ڪار ۾ سوار نامعلوم ھٿيار بند ميهڙ کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو ايندڙ واپاري ضمير ڏيرو کي مبينا طور اغوا ڪري کيس ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته سندس سان گڏ سوٽ محمد جمن ڏيرو کي مزاحمت تي زخمي حالت ۾ ڇڏي ويا مبينا طور اغوا ٿيل ضميرو ڏيرو جي ڀاء مولابخش ڏيرو چيو ته سندس ڀاء ان جو واپاري آھي ميهڙ مان سارين جي مختلف ڪارخانن تان پئسا وٺڻ ويو هو پنهنجي سوٽ سان واپس اچي رهيو هو ته ڪولاچي ڀرسان پٺيان ايندڙ ڪار سوارن کيس اغوا ڪري ورتو آهي .جڏهن ته سندس سان گڏ ايندڙ سوٽ کي مارڪٽ ڪري ڇڏي ويا آھن جنهن اسان کي اطلاع ڏنو آھي.

ڳڙهي خيري ۾ جديد طريقي سان گڏهن جي حجامت ڪندڙ ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل

خميسو ٻرڙو ڪجهه عرصي کان موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهي ٿو

ماڻهو گڏهن کي وٺي ايندا آهن ته کين حجامت ڪري صاف سُٿرو بڻايان: خميسو ٻُرڙو

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيري ۾ ڊگهي عرصي کان گڏهن جي حجامت ڪندڙ شخص ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. خميسو ٻرڙو پهرين گڏهن جي حجامت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي حجامت ڪري ٿو. خميسي ٻرڙي جو چوڻ آهي ته شهر جا ماڻهو حجامت لاءِ گڏهه وٺي ايندا آهن ۽ هو معمولي پئسن تي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهيندو آهي. واضح رهي ته اداڪار عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيٽ“ ۾ به عامر خان سائنسدانن جي هڪ اڪيڊمي کوليندو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو سين به نظر ايندو آهي، جتي ٻاررا موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي جانورن جي حجامت ڪندا آهن.