ڪراچي(رپورٽ: دودوچانڊيو)سنڌ جي نئين چونڊجي آيل اسيمبلي کي پنج مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين نه اسٽينڊنگ ڪاميٽيون جڙي سگهيون آهن نه وري پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي قائم ٿي سگهي آهي جنهن ڪري جتي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي انتظار ۾ ڪيترائي بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيل آهن اتي 2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي جي انتظار ۾ آهن سنڌ اسيمبلي جي قائدن موجب اسيمبلي قائم ٿيندي ئي پهرئين اجلاس ۾ اسٽيندنگ ڪاميٽيون قائم ٿيڻون آهن جن جو تعداد 36 آهي جيڪي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن تي ٻڌل هونديون آهن جن جا چيئرمين چونڊبا آهن جيڪي نه صرف قانونسازي پر اسيمبلي جي سموري ڪاروهنوار ۾ حصيدار هونديون آهن. سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ انهن ڪاميٽين جي چيئرمينن کي باقائدا گاڏيون، ڊرائيور ۽ پيٽرول ادا ڪندي آهي اسٽيندنگ ڪاميٽين جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين جا سامورا خرچ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريت ادا ڪندو آهي. اهي اسٽيندنگ ڪاميٽيون نه رڳو اسيمبلي اندر پيش ٿيندڙ بلن تي غورويچار ڪري سفارشون جوڙينديون آهن پر کوڙ معاملن ۾ اسيمبلي جي معاونت به ڪنديون آهن. 18 هين ترميم تحت هر صوبائي اسيمبلي کي هڪ سئو ڏينهن تائين لازمي طور اجلاس هلائڻو هوندو آهي هن وقت سنڌ اسيمبلي پنهنجي پهرئين سال جي مدي جو ذري گهٽ اڌ حصو گذاري چڪي آهي انهن پنجن مهينن دوران پنج اجلاس ڪري چڪي آهي مجموعي طور 100 مان 30 ڏينهن اجلاس ڪري چڪي آهي پر اڃا تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي جوڙجڪ نه ٿي سگهي آهي اسيمبلي جي انهن ڪاميٽين ۾ سڀ کان اهم ڪاميٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هجي ٿي جنهن جي منظوري کان سواءِ حڪومت جا ڪيل سڀ خرچ قانوني نه ٿا بنجي سگهن. جيستائين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ناڻي کاتي ۽ آڊٽ ڊپارٽمينٽ سان گڏجي سممورن سرڪاري کاتن جي ڪيل خرچن جي منظوري نه ٿي ڏئي ان وقت تائين گورنر فنانس بل تي سهي نه ڪندو. پنج مهينا گذرڻ باوجود پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي به قائم نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جا ڪافي اجلاس به ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر پنهنجا نالا به ڌئي چڪي آهي پر حڪومتي ڌر پنهنجو ڪو فيصلو ناهي ڪري سگهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيون قائم نه ٿيون، قانونسازي رڪيل، مالي معاملا معطل
2008 ۽ 2009 کان پوءِ جون سرڪاري آڊٽ رپورٽون به پي اي سي مان منظوري جون منتظر
صوبائي اسيمبلي ۾ ڪميٽين جو انگ 36، پي اي سي سربراهي تان تڪرار جو امڪان
نواز دور ۾ ٿيل گيس چوري جا 65 ارب عوام کان اوڳاڙڻ جو فيصلو
اوگرا سئي نادرن جي درخواست تي گيس چوري جو پورائو صارفين مان ڪرڻ جي منظوري ڏني
رقم بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي، صارفين کان 7.1 سيڪڙو وصولي ٿيندي
اسلام آباد (رپورٽر) عوام لاءِ نئون عذاب، حڪومت گذريل دور ۾ ٿيل گيس چوري مد ۾ 65 ارب صارفين کان اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ مسلم ن جي حڪومت جي گذريل پنج سالن دوران ٿيل گيس چوري جي مد م 65 ارب روپيا گيس صارفين کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اوگرا سئي نادرن ڪمپني جي درخواست تي 2013 کان گذريل پنج سالن دوران ٿيل گيس چوري جي مد ۾صارفين کان 65 ارب روپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اها رقم صارفين کان مرحلي وار بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي، سئي نادرن جي صارفين کان چوري ٿيندڙ گيس جي مد ۾ اڳ ئي ساڍا چار سيڪڙو وصولي ٿي رهي آھي، جنهن شرح ۾ واڌ ڪري 7.1 سيڪڙو ڪئي وئي آھي.
شيخ اياز تحقيقي صحافت متعارف ڪرائي، سندس ايڊيٽوريل سائنسي هئا:صحافي
اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيرا ميٽر رکڻا پوندا:سهيل سانگي ۽ ٻين جو خطاب

حيدرآباد(رپورٽر)شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ٻئي فڪري ويهڪ اياز ۽ صحافت جي موضوع هيٺ ٿي، جنهن ۾ خطاب ڪندي سينيئر صحافي نصير اعجاز چيو ته شيخ اياز، يوسف شاهين جي اخبار برسات ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون، شيخ جي اياز جي پاليسي، خبرن ۽ باقي معاملن سان واسطو نه هوندو هو، شيخ اياز هڪ سال کان وڌيڪ عرصو برسات اخبر ۾ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا، شيخ اياز جهموريت ۽ راء جي آزادي تي يقين رکندڙ انسان هو، پر هو اها ڳالهه به سمجهندو هو ته جهموريت واري دور ۾ انسان جو تحفظ يقيني نه ٿو ٿي سگهي، ته اها جهموريت به ڪنهن ڪم جي ناهي،شيخ اياز جيڪو لکيو اهو وزندار هو، جنهن سان اخبار مضبوط ٿي، هن پاڻ کي ڪڏهن به صحافي نه سمجهيو پر پنهنجي علم ۽ ادب واري مهارت مان صحافين کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ صحافت ڪئي، نامياري صحافي سهيل سانگي ڇيو ته هر شي کي مختلف انداز سان ڏسڻ جو نالو صحافت آهي،ڪنهن شاعر جو صحافي ٿيڻ ٿورو ڏکيو هجي ٿو، هن چيو ته اها ڳالهه سچ آهي ته شيخ اياز جو برسات اخبار جي پاليسي ۽ ٻين معاملن سان تعلق نه هو، پر هن جا ايڊِيٽوريل سائنسي انداز جا هئا، اها حقيقت آهي ته اخبار جو ايڊيٽر ليڊ خبر کان وٺي، آخري صفحي جي سنگل ڪالم جي خبر جو به ذميوار هجي ٿو، هن چيو ته هاڻي ته اهو دور ئي ناهيو، جو ايڏي وڏو قد ڪاٺ واري ماڻهو کي ايڊيٽر جي آفر ڏني وڃي، هن چيو ته شيخ اياز جي صحافت کي پرکڻ لاءِ مختلف پيراميٽر رکڻا پوندا، سنيئر صحافي امداد سومري چيو ته شيخ اياز تخليقي صحافت متعارف ڪرائي، اهو ته نه پئي ٿي سگهيو ته شيخ اياز آخري وقت ۾ ويهي پيسٽنگ به پاڻ ڪرائي ها، شيخ اياز سنڌي شاعري کي نوان دڳ ۽ رستا ڏنا، هن روايتي بند ٽوڙيا ۽ هن صحافت ۾ به نوان رستا ۽ راهون ڏسيون، هن ويهڪ جو ماڊريٽر صحافي منظور ميراڻي هو، جنهن چيو ته فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز صحافت ڪئي، پر شيخ اياز عمر جي آخري حصي ۾ صحافت واي پيشي سان منسلڪ ٿيو، جڏهن ته فيض احمد فيض اوائلي دور ۾ ئي صحافت ڪئي هئي.
شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي:جامي چانڊيو
حيدرآباد:سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ ساڃاه وندن چيو آهي ته شيخ اياز اڏول ارادن جو مالڪ ۽ قومي شاعر آهي، سندس فڪر ۽ فلسفي ۾ سنڌ جا اهي سڀ رنگ نروار ٿين ٿا، جيڪي هن ڌرتي جي سڃاڻپ آهن، اهڙو اظهار هنن حيدرآباد ۾ خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ منعقد چوٿين شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي مخلتف فڪري ويهڪن ۾ ڪيو، شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن جي پهرين ويهڪ شيخ اياز جا دفاع ڪار هئا، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نئين ٽهي جي دانشور جامي چانڊيو چيو ته شيخ اياز جي شاعري ترقي پسند آهي، شيخ اياز واري رجعت پسند ڌريون هڪ پاسي هيون ۽ رياست انهن سان گڏ بيٺل هئي،ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ قومپرست سوچ هئي، جنهن انسان دوستي، ترقي پسندي، امن ۽ قومي حقن جي ڳالهه پئي ورجائي، وقت ثابت ڪيو، اسان جا دانشور ۽ سڄاڻ ذهن درست پاسي تي بيٺل هئا، هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ مذهب کان وڌيڪ تصوف حاوي آهي، شيخ اياز ڪنهن به هڪ فڪري روايت سان منسلڪ نه رهيو،شيخ اياز جي شاعري جا محرڪ ۽ قدر تبديل نه ٿيا،هن چيو ته محمد ابراهيم جويو جي فڪري اوسر ڪئي، قومپرستن ۽ ترقي پسندن پاران اياز تي ان دور ۾ ڪيل تنقيد انهن ڌرين جو حق هو، ۽ اها ڳالهه زنده سماج جي سڃاڻپ آهي، باقي شيخ اياز تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو ته سنڌ جي ساڃاه شيخ اياز جو ڀرجهلو ٿي بيٺي، نامياري اديب تاج جويو چيو ته شيخ اياز جي آزاد نظم تي ڪفر جون فتوائون ڪڍيون ويون، حالانڪ اياز جي جديد سنڌي شاعري ڪنهن به مذهب جي خلاف نه هئي، پر ان هوندي به رجعت پسندن مٿس حملا ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، نوجوان شاعر علي آڪاش چيو ته شيخ اياز، ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجو جهڙا قدآور انسان سدائين رجعت پسندي آڏو بند بڻيل رهيا، محمد ابراهيم جويو اياز شناسي جو رواج وڌو ۽ اياز جي شاعري سنڌي ٻولي جو ڪرشمو آهي، هن ويهڪ جو ماڊريٽر رياضت ٻرڙو هو، جنهن چيو ته ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جو شيخ اياز جي شاعري کي عام ڪرڻ نمايان ڪردار هو.
شيخ اياز هن دور ۾ صحافي ٿئي ها ته هلي ئي نه سگهي ها:وسعت الله خان
حيدرآباد؛ شيخ اياز ميلي جي موقعي تي ڳالهائيندي ملڪ جي نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته هن دور ۾ جيڪڏهن شيخ اياز وائس چانسلر ٿئي ها ته سرچ ڪاميٽي هن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ شوٽ آئوٽ ڪري ڇڏي ها ۽ هو هنن حالتن ۾ هڪ مهينو به پنهنجي سيٽ تي ويهي نه سگهي ها، هن چيو ته يونيورسٽين ۾ هاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون وزن جي حساب سان ملن ٿيون، جن تي هن کي صحيحون ڪرڻيون پون ها ۽ هو ڪري نه سگهي ها، شيخ اياز جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ صحافي به ٿئي ها ته چار مهينن جي پگهار نه ملڻ جي ڪري هلي نه سگهي ۽ مٿان وري سخت سينسرشپ جي ڪري ڪجهه به لکي نه سگهي ۽ نيٺ صحافت کي به الوداع ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته شيخ اياز اهو خوشمقست انسان هو جو ان وقت سياسي ماڻهن کي جيلن حوالي ڪندڙ وقت جا آمر به ڪجهه بهتر هئا، جيڪي پنهنجي مخالفن کي جيلن ۾ وجهندا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ اها ضمانت ته هوندي هئي ته هو جيل ويندڙ زنده سلامت واپس موثي ايندا، هن سوال اٿاريو ته ڇا شيخ اياز کي اڄ جي دور ۾ جيل نصيب ٿي ها، اڄ جيڪڏهن هو زنده هجي ها ته ممڪن آهي ته هو هن وقت پاڪستان جو مشهور گم ڪيل شخص هجي ها، اڄوڪين حالتن ۾ گذري ويل شخص تي ميلو ڪرڻ آسان به آهي ته ڏکيو به آهي.
شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو:اعجاز منگي
حيدرآباد؛شيخ اياز ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي شيخ اياز ۽ سندس هم عصر ترقي پسند شاعر جي موضوع تي به ويهڪ ٿي، هن ويهڪ کي خطاب ڪندي نامياري ڪالم نگار اعجاز منگي چيو ته شيخ اياز صرف ترقي پسند ئي نه پر حقيقي طور تي انقلابي ۽ باغي شاعر هو، هن جي انقلابي شخصيت تي اثر هن جي ادبي استاد حشو جو اهي، حشو واحد ڪميونسٽ هو، جيڪو قومي خوداردايت تي يقين رکندڙ هو، شيخ اياز پنهنجي وطن، ڌرتي ۽ پوري دنيا سان عالمگير خيال ذريعي محبت جو رشتو قائم ڪيو، ناليواري ناول نگار رفاقت حيات چيو ته اردو ۾ سجاد ظهير ۽ ٻين لنڊن ۾ هڪ ميٽنگ ڪري انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد رکيو، برصغير ۽ اردو جا ليکڪ ان تحريڪ جي اثر هيٺ رهيا، شيخ اياز به ترقي پسند نظرئي کي پنهنجو ڪيو ۽ ان فڪر کي سنڌ جي روح سان ڳنڍيو، هن سچل ۽ لطيف جي فڪر جي روشني ۾ ترقي پسند فڪر کي عوام تائين آندو، هن چيو ته اردو شآعري انڪري زمين سان جڙي نه سگهي جو هو زباني سطح تي عوام کان پري رهي ۽ ان جو ٻيو وڌو ڪارڻ اهو آهي ت هو بادشاهن جي اثر هيٺ نپني ۽ وڏي ٿي، ناول نگار سيد ڪاشف رضا چيو ته ترقي پسند جي اردو ادب تي اثر نظر اچي ٿو، جڏهن ته اردو ادب جي ترقي پسندي چئني صوبن جي ترقي پسند تحريڪ کان مختلف آهي، تيموررحمان چيو ته حالتون شاعرن کي مجبور ڪن ٿيون ته هو پنهنجي اندر جو آواز محڪومن ۽ مظلومن لاءِ بلند ڪن، هن چيو ته شيخ اياز اردو ۽ شاعرن ۽ اديبن کي پنهنجي قلمي پورهئي ۾ جاءِ ڏني آهي پر اردو اديبن ۽ شاعرن وٽ شيخ اياز لاءِ اهو رويو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جنهن جو ڪارڻ ڳولڻ جي ضرورت آهي.
ميلي جي پڄاڻي،فتح علي خان،رجب فقير،برڪت بٽ ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا
حيدرآباد: اياز ميلي جي آخري ڏهاڙي تي محفل اياز ۾ ناميارن راڳين سرن جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي استاد فتح علي خان، رجب فقير، لعل بينڊ جي تيمور رحمان ۽ سندس ساٿين، برڪت علي ڀٽ ۽ ٻين سر وکيريا، جڏهن ته وهاب شاه ڪلاسيڪل رقص پيش ڪيو.
ڪوٽڙي ۾ دوستن مذاق ۾ دوست مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي جي راسوا موري ڀرسان فرمان عباسي کي مبينا طور باھ لڳي وئي ،جنهن کي ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڊاڪٽرن موجب فرمان عباسي جو جسم 40 سيڪڙو متاثر ٿيو آھي کيس بنيادي امداد ڏئي حيدرآباد جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو،فرمان عباسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي،فرمان عباسي موجب منهنجو راسواموري ڀرسان موٽر سائيڪل جي اسپيئر پارٽس جو دڪان آھي، جتي دوستن سان گڏ ويٺو هوس ته دوست عاطف آرائين پئٽرول دڪان ۾ اڇلايو ته ٻئي دوست حاجي عمراڻي مذاق ۾ چيو ته لائيٽر ٻاريان،ايتري ۾ هن مذاق ۾ لائيٽر ٻاريو ته مون کي باھ وڪوڙي وئي منهنجي جسم سڙي ويو آھي.
کپرو: ڪئنال کي گهارو 10 ڪلاڪن بعد بند،پاڻي 5 ڳوٺن ۾ داخل، فصل ٻڏي ويا
700 ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف، توريو ۽ اسپنگر جا فصل ٻڏي ويا، ڪروڙن جو نقصان
کپرو)ن پ ا)کپرو واھ کي ڪئنال کي لڳل 50 فٽ گهارو سخت جفاڪشيءَ بعد ڏھن ڪلاڪن بعد آبپاشيءَ عملدارن غلام مجتبي ڌامراه، شاهد ميمڻ ۽ آبادگارن عمر گل هنڱورجو،فقير الهبچايو منڱريو،يامين هنڱورجو،دائود هنڱورجو،الهبچايو ٿيٻو ۽ ٻين علائقي واسين جي ڪوشش بعد بند ڪيو ويو.گهاري سبب ڳوٺ متل درس،مبين درس،علي غلام ڀنڀرو،آچار هنڱورجو،حاجي جمال الدين هنڱورجو ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن جا گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.جڏھن ته پاڻيءَ گهرن ۾ اچڻ ڪري،ڳوٺاڻا سخت سيءَ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت محفوظ هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناھ ورتي.جڏھن ته ست سو ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف،توريون،بصر ۽ اسپنگر جو فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو.
ميهڙ ۾ سارين جو واپاري اغوا، مزاحمت تي سندس سئوٽ زخمي

ميهڙ (ن پ ا ) ميهڙلڳ انڊس هاءَ وي تي ڪولاچي ڀرسان ٽول پلازا وٽ ڪار ۾ سوار نامعلوم ھٿيار بند ميهڙ کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو ايندڙ واپاري ضمير ڏيرو کي مبينا طور اغوا ڪري کيس ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته سندس سان گڏ سوٽ محمد جمن ڏيرو کي مزاحمت تي زخمي حالت ۾ ڇڏي ويا مبينا طور اغوا ٿيل ضميرو ڏيرو جي ڀاء مولابخش ڏيرو چيو ته سندس ڀاء ان جو واپاري آھي ميهڙ مان سارين جي مختلف ڪارخانن تان پئسا وٺڻ ويو هو پنهنجي سوٽ سان واپس اچي رهيو هو ته ڪولاچي ڀرسان پٺيان ايندڙ ڪار سوارن کيس اغوا ڪري ورتو آهي .جڏهن ته سندس سان گڏ ايندڙ سوٽ کي مارڪٽ ڪري ڇڏي ويا آھن جنهن اسان کي اطلاع ڏنو آھي.
محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار
پوليس جي نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي، متحده ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف ۽ آصف گرفتار
ٽارگيٽ ڪلر آصف عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪئي ھئي: ايس ايس پي

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) ڪراچي پوليس 13 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ۽ محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي .ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف علي عرف ڪاشف ڪالا 13 ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي .هن ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ هڪ ٻئي تارگيٽ ڪلرز کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن جو نالو آصف رضا عرف آصف ميٺا آهي جيڪو به بلال ڪالوني ، گلشن اقبال توڙي نيوڪراچي ۾ ماڻهن کي قتل ڪندو رهيو آهي .ٽارگيٽ ڪلر محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ ۾ به ملوث رهيو آهي ، جوابدار چائنا ڪٽنگ ،ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ توڙي ٻين ڪيترن ئي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي .جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ،دستي بم توڙي گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن .جوابدارن تي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا توڙي گلشن اقبال ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن .
ڳڙهي خيري ۾ جديد طريقي سان گڏهن جي حجامت ڪندڙ ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل
خميسو ٻرڙو ڪجهه عرصي کان موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهي ٿو
ماڻهو گڏهن کي وٺي ايندا آهن ته کين حجامت ڪري صاف سُٿرو بڻايان: خميسو ٻُرڙو
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيري ۾ ڊگهي عرصي کان گڏهن جي حجامت ڪندڙ شخص ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. خميسو ٻرڙو پهرين گڏهن جي حجامت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي حجامت ڪري ٿو. خميسي ٻرڙي جو چوڻ آهي ته شهر جا ماڻهو حجامت لاءِ گڏهه وٺي ايندا آهن ۽ هو معمولي پئسن تي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهيندو آهي. واضح رهي ته اداڪار عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيٽ“ ۾ به عامر خان سائنسدانن جي هڪ اڪيڊمي کوليندو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو سين به نظر ايندو آهي، جتي ٻاررا موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي جانورن جي حجامت ڪندا آهن.
مفاهمت يا مزاحمت ؟ سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان
بلاول ۽ آصف جي صدارت ۾ سڀاڻي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو
پ پ پاران موجوده صورتحال تي غور ويچار بعد حڪمت عملي جوڙي ويندي
ڪراچي ( ن پ ا ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو، ذريعن موجب موجوده صورتحال ۾ مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي شام نئون ديرو ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري ڪندا.
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن جي تيارين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ مختلف اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.
سي اي سي اجلاس ۾ پ پ جي چئني صوبن جا صدر ۽ مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو ويندو ۽ ذريعن موجب اجلاس دوران مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سميت مجموعي صورتحال تي مشاورت بعد مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
”بيگار بسون ڇو نه پڪڙيون” ايس ايس پي ٽرئفڪ مٺي ۾ سب انسپيڪٽر کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو
ايس ايس پي ٽرئفڪ سارجنٽ کي پ پ ڪارڪنن کي ڳڙهي خدا بخش موڪلڻ لاءِ 4 بسون پڪڙڻ جو ٽارگيٽ ڏنو هو
بيگار ۾ گاڏيون نه پڪڙڻ تي ٽرئفڪ سارجنٽ محمد سومار خاصخيلي کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو
مٺي (ن پ ا) ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي بي نظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڊيوٽي تي ڳڙھي خدابخش پوليس نفري موڪلڻ لاءُ ٽرانسپورٽرن جون بيگار ۾ بسون نه پڪڙي سگهڻ تي ٽرئفڪ سارجنٽ سب انسپيڪٽر محمد سومار خاصخيلي کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آھي ته ايس ايس پي ٽرئفڪ سارجنٽ کي نفري ڳڙھي خدابخش اماڻڻ لاءُ مختلف رستن تي هلندڙ 4 بسون پڪڙي اچڻ جو ٽارگيٽ ڏنو هو پر ٽرانسپورٽرن بيگار ۾ بسون پڪڙڻ جي اڳواٽ خبر پئجي وڃڻ ڪري بسون لڪائي ڇڏيون، تنهن ڪري ٽرئفڪ پوليس رڳو 2 بسون پڪڙي سگهي. ايس ايس پي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ضلع جي ٽرئفڪ سارجنٽ سب انسپيڪٽر محمد سومار خاصخيلي کي ايس ايس پي آفيس جي قائم لاڪ اپ ۾ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو آھي. ۽ باقي سندس اسٽاف جي اهلڪارن کي چتاءُ ڏنو ته صبح سوير تائين وڌيڪ 2 هينو بسون پڪڙي پوليس لائن تائين نه پهچائڻ جي صورت ۾ کين به ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويندو. اهڙي وارننگ بعد ٽرئفڪ پوليس جا اهلڪار مختلف گيريچن. بس اڏن سميت روڊ رستن تي هينو بسن کي ڳولڻ ۾ رڌل هئا. هوڏانهن ٽرئفڪ جو ضلع انچارچ سارجنٽ محمد سومار خاصخيلي سخت سردي ۾ لاڪپ اندر رات گذاري رهيو هو.
ڪشمور ڀرسان بي ايس فيڊر مان پيرسن عورت جو لاش هٿ، لاوارث حالت ۾ اسپتال منتقل
بي ايس فيڊر ۾ پيرسن عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو، عُمر اٽڪل 50 سال لڳي ٿي: پوليس
سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ڪشمور اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي
ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور جي گڊو ٿاڻي جي حد ۾ سيف لاا محله جي ڀرسان بي ايس فيڊر ۾ 50 سالن جي عورت جو لاش گڊو پوليس ڪڍرائي ڪشمور اسپتال جي سرد خاني ۾ رکي ڇڏيو جڏھن لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھيو. پوليس چيو آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاوارث حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ۾ سيهڙن جي ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ رڍن مٿان سواري
تيز برسات کانپوءِ جهنگلي سيهڙ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ اهڙي ڪوشش ڪئي

ويلنگٽن (م ڊ) زندگي جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ انسان توڙي جانور هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن، اهڙي ئي جهنگلي سهيڙن جي ڪوشش مشهور ٿيل آهي. نيوزيلينڊ ۾ تيز برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ پاڻي وڌڻ لڳو، جنهنڪري جهنگلي سيهڙ ٻڏڻ لڳا، جنهن کان بچڻ لاءِ جهنگلي سيهڙن حيران ڪندڙ زهانت کان ڪم ورتو ۽ ڀرسان ويندڙ رڍن مٿان سواري ڪرڻ لڳا. جهنگلي سيهڙ ڪجهه دير تائين رڍن مٿان سواري ڪندي محفوظ خشقي واري هنڌ لهي ڀڃي ويا. اهڙي منظر کي رڍن جي ڌنار پاران ڪيمرا ذريعي محفوظ ڪري يادگار بڻائي ڇڏيو. ياد رهي ته اها خبر پراڻي آهي پر تصويرون هاڻي سامهون آيون آهن.
کپروڀرسان ڪنئال کي 50 فُٽ گهارو، پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل کي ٻوڙي ڇڏيو، علائقي واسي گهارو ٻڌڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل
بااثر ماڻهو رڳو پنهنجي زمينن کي بچائڻ لاءِ پاڻي روڪي رهيا آهن، آبپاشي عملو به نه پهتو: رهواسي
کپرو (ن پ ا) کپرو ڀرسان کپرو ڪئنال کي آر ڊي 122 وٽان گهارو پئجي ويو جيڪو وڌي 50 فٽ تي پهچي ويو آهي گهاري سبب 200 کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل فصل ڪڻڪ توريو ۽ وڏف جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي آبپاشي عملدارن پاران وقت سر نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن گهاري پوڻ جا ڪارڻ هيٺ بااثر کي پاڻي فل ڪري ڏيڻ ۽ کاڄڻي موري وٽان واهه جا دروازا هينڊاپ ڪرڻ سبب پاڻي جو دٻاء وڌڻ ڪري گهارو پئجي ويو وقت سر انتظاميان جو نه پهچڻ سبب پيل گهارو وڌي 50 فٽ تائين پهچي ويو آهي اڃان پاڻي وڌي رهيو آهي بااثر گهاري کي بند ڪرڻ بجاء پنهنجين زمينن تي بند ٻڌائي رهيا آهن جڏهن ته ڀنڀرا. درس. هنڱورجا. ۽ ٻين ڪيترن ئي برادرين جا گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته آچار هنڱورجو. موسو درس. راڻو درس. عبدالعليم درس. عويس سميت ڪيترن ئي زميندارن جا پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميان هن وقت تائين گهاري واري هنڌ تي ناهي پهتي جنهن ڪرص پاڻي جو وهڪرو اڃان تائين جاري آهي.
سنڌ جو خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريداري ڪندي پاڻ 104- ارب جو قرضي ٿي ويو!
خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ بينڪن کان قرض کڻڻ سبب 14 لک وياج ڀرڻ تي مجبور
آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ کان وٺي ڪڻڪ کڻي پهچائڻ تي هر ٻوريءَ تي هڪ سئو رپيا وڌيڪ ڀرڻا پون ٿا

ڪراچي (رپورٽ:دودو چانڊيو) سنڌ جو خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريد ڪندي بئنڪن جو 104 ارب رپين جو قرضي بڻجي ويو آهي. کاتي کي هر سال صرف وياج تي 14 لک رپيا ادا ڪرڻا پون ٿا، سنڌ جو خوراڪ کاتو هر سال آبادگارن کان هڪ ڪروڙ 10 لک کان هڪ ڪروڙ 20 لک جي لڳ ڀڳ ٻوريون خريد ڪندو آهي، جيڪو سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ جو 30 سيڪڙو هوندو آهي. آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ کان وٺي ڪڻڪ کڻي گدامن ۽ سينٽرن تائين پهچائڻ تائين سنڌ جي خوراڪ کاتي کي هر ٻوريءَ تي هڪ سئو رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ٿا، اهڙي ريت سنڌ جي خوراڪ کاتي کي اها ٻوري چار مهينا مختلف گدامن ۾ رکڻ بعد ساڳئي اگهه تي فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي ڪوٽا تحت وڪرو ڪرڻي پوي ٿي. هر سال توڙي جو ڪڻڪ جو امدادي اگهه الڳ هجي ٿو. خوراڪ کاتي وٽ ڇاڪاڻ ته پنهنجا پئسا ناهن، تنهن ڪري کاتو پهرين نيشنل بئنڪ ۽ هاڻي سنڌ بئنڪ کان هر سال قرض کڻي سنڌ جي آبادگارن کان ڪڻڪ وٺندو آهي، اهو قرض گڏ ٿي هاڻ 104 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جنهن جو وياج ئي هر سال 14 ارب رپيا خوراڪ کاتو بئنڪن کي ادا ڪري ٿو، خوراڪ واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ٻڌايو ته سنڌ جي خوراڪ کاتي جو قصو هلي ئي قرضن تي ٿو جيڪو آئون25 سالن کان ڏسندو پيو اچان. هن چيو تهآئون بنيادي طور آبادگار آهيان، مونکي تازو خوراڪ کاتي جو قلمدان مليو آهي، بارداڻو غريب آبادگارن کي ملندو ئي ناهي، سڀ وڏيرا ۽ سيٺ کڻي ويندا آهن، صوبائي وزير چيو ته جڏهن ڪڻڪ لهندي آهي ته فوڊ انسپيڪٽر اسان وزيرن جو به فون ناهن کڻندا، مون اچڻ سان ئي سيڪريٽري خوراڪ کي هدايتون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن ڪو فوڊ انسپيڪٽر فون نه کڻندو ته اهو معطل هوندو، آئون هن کاتي کي ضرور سڌاريندس.
پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ڪرسمس ملهايو پيو وڃي
گرجا گهرن ۾ خاص عبادت جا انتظام، امن لاءِ دعائون گهريون وينديون
مرڪزي تقريب ويٽيڪن سٽي ۾ ٿيندي، پوپ فرانسس روايتي رسم ادا ڪندو
ڪراچي (ا ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري پاران حضرت عيسيٰ عليهه اسلام جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان ڪرسمس ملها يو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن تي گرجا گهرن ۾ گڏيل طور خاص عبادت جا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن عبادت ۾ امن توڙي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون آهن. مرڪزي تقريب ويٽيڪن سٽي ۾ ٿيندي، پوپ فرانسس روايتي رسم ادا ڪندو. ڪرسمس جي ڏينهن تي مسيحي برادري هڪٻئي ۾ تحفن جي ڏي وٺ ڪندي آهي، جڏهن ته مزيدار ۽ خاص کاڌا پڻ تيار ڪيا ويندا.