fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 نالن ۽ عھدن جي مڪمل فهرست

آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، مراد علي شاھ، ملڪ ريا ض، انور ۽ حسين لوائي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

فھرست ۾ موجودھ توڙي اڳوڻن ڪامورن جا بھ نالا شامل، نجي توڙي سرڪاري بئنڪ جي سربراھن جا نالا بھ اي سي ايل ۾ وڌا ويا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن.
عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.
چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن.
اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي وزيرن ۽ ايم پي ايز جا نالا بھ اي سي ايل ۾ شامل

امتياز شيخ پاران اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان،انتقامي ڪارروائي آهي:مڪيش چاولا

اي سي ايل ۾ شامل وزير

اسلام آباد/ ڪراچي ( نمائندن وٽان) سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻن وڏن وزيرن کانسواءِ صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز به مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي زد ۾ اچي ويا، سندن نالا به ايل سي ايل ۾ وڌا ويا.
وفاقي سرڪار پاران اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن جي فهرست ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، توانائي جي وزير امتياز شيخ، ايم پي اي فريال ٽالپر، علي نواز مهر، مڪيش چاولا جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.
ڄاڻايل سمورن ماڻهن تي پرڏيهه وڃڻ جي پابندي لڳائيندي سندن نالن جي فهرست ملڪ جي سمورن ايئرپورٽ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي آهي.
صوبائي وزير امتياز شيخ ايگزٽ ڪنٽرو ل لسٽ ۾ نالو اچڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي اهڙي عمل کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته منهنجو ڪجهه نه اچي نه وڃي،نه ڪا انڪوائري نه شڪايت نه ئي دانهن آهي ان باوجود منهنجو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏنو ويو آهي .آئون هن وقت شڪارپور ويٺو آهيان،ڪراچي اچي اهڙي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندس
صوبائي وزير مڪيش چاولا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ ناهي نه ئي مون خلاف ڪو ڪيس هلي رهيو آهي پوءِ خبر ناهي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي.آئون ان کي انتقامي ڪارروائي سمجهان ٿو،پارٽي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي آئون ان تي عمل ڪندس.

اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد به لائون لڌيون

ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، تقريب ۾ پي ايس پي اڳواڻن سوڌو ٻين شخصيتن جي شرڪت

ڊاڪٽر صغير جي وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي
ڊاڪٽر صغير ۽ ڪنوار

ڪراچي( م ڊ ) پاڪ سر زمين پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر صغير احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي.
پي ايس پي ۾ شموليت کان اڳ ڊاڪٽر صغير احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم ) جو حصو هو، ڊسمبر 2015 تي مڪاني چونڊن لاءِ هن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان چونڊ مهم به هلائي هئي
ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ صحت جي وزير طور خدمتون ادا ڪيون

اينٽي ڪرپشن جي جاچ رڳو ڍونگ! ڪنڌڪوٽ جي پوليس ۽ تعليم کاتن ۾ 60ڪروڙ کان وڌيڪ گهوٻيون

پوليس ۾ جعلي ڀرتيون، ڪوڙن بلن جي مد ۾ ڪرپشن، ڪنهن وک کڻڻ جي تڪليف نه ڪئي

تعليم کاتي ۾ به ڀينگ 17ڪروڙ ڳڙڪائجي ويا، اينٽي ڪرپشن ڪاغذي ڪارروائي ڪري آجي!

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عمران کوسو)اينٽي ڪرپشن جي جاچ رڳو ڍونگ! ڪنڌڪوٽ جي پوليس ۽ تعليم کاتن ۾ 60ڪروڙ کان وڌيڪ گهوٻيون، عملدارن کي کلي ڇوٽ، پوليس ۾ 2013 کان 17ع جعلي ڀرتين، ڪوڙن بلن جي مد ۾43 ڪروڙ ڪرپشن ٿي، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪنهن وک کڻڻ جي تڪليف نه ڪئي، تعليم کاتي ۾ به ڀينگ، چئن سالن ۾ ساڍا 17ڪروڙ ڳڙڪائجي ويا، سنڌ سرڪار جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن ڪاغذي ڪارروائي ڪري آجي آهي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ ۽ اينٽي ڪرپشن جي 40 صفحن تي ٻڌل رپورٽ موجب، ڪنڌڪوٽ جي پوليس کاتي ۾ 2013ع کان 2017ع ۾ 43 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي آفيس جو اڳوڻو اڪائونٽنٽ بشير احمد ٻرڙو،گل زبير ڊومڪي، ضلعي جي ناڻي واري آفيس جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ عبدالعزيز بلو، حسن الدين ديناري، سليمان ميراڻي، سب اڪائونٽنٽ غلام مصطفيٰ لاشاري، نيشنل بئنڪ جي 6 ملازمن ممتاز سولنگي، ڪريم بخش دائودپوٽو، صدرالدين چنو ۽ الله ڏنو چنو سميت 17 عملدارن جي ڪرپشن جي انڪشاف کانپوءِ سنڌ سرڪار نوٽيس وٺندي اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم ڏنو. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب پوليس کاتي ۾ ڪرپشن جو ماسٽر مائينڊ ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس کاتي جو اڳوڻو اڪائونٽنٽ بشير ٻرڙو نيشنل بينڪ مان خزاني آفيس جي نالي تي ڪوڙين آءِ ڊيز ذريعي ڪروڙين رپيا ڪڍرائي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. سنڌ حڪومت جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پر جوابدارن جلد عدالتن مان ضمانتون حاصل ڪري ورتيون. ذريعن موجب، 2012 کان 2014 ع ۾ يونس چانڊيو، عمر طفيل، عمر سلامت سميت ٻين ايس ايس پيز جي دور ۾ ڪرپشن جا کاتا کوليا ويا. ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻو اڪائوٽنٽ بشير ٻرڙو 7 مهينن کان منظر عام تائين غائب ٿي دبئي فرار ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ڪرپٽ ڪامورن کي مختلف وقتن تي ڇوٽ به ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪنڌڪوٽ جي تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ذريعي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ٿي وئي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ڪامورن 115 جعلي ڀرتيون ڪري 2012 کان 2015ع تائين پگهارن جي مد ۾ 17 ڪروڙ ڪرپشن ڪئي. اينٽي ڪرپشن پاران مليل رپورٽ موجب، اڳوڻو پرنسپل ايجوڪيشن عبدالرحيم بهلڪاڻي آفيسرن کي پئسا ڏئي 115 جعلي ڀرتيون ڪرايون، جڏهن ته جعلي ملازمن جي نالي تي ماهور 25 هزار پگهار به مقرر ٿي، جيڪو ٽن سالن تائين جاري رهيو. ذريعن موجب ڪيس ۾ ڄاڻائي ڪاموري استاد، چوڪيدار، پٽيوالا ۽ ٻين پوسٽن تي 115 ڄڻن کي ڀرتي ڪرائي ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺهرائي پئسا ڪڍرائيندو رهيو. اينٽي ڪرپشن موجب جعلي ڀرتين جو اڳوڻو پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن ڪشمور ڪنڌڪوٽ عبدالرحيم بهلڪاڻي، سيڪشن آفيسر ڪراچي ڊاڪٽر ڪشور ڪمار، سيڪشن آفيسر ڪراچي ناز پروين، اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر ڪنڌڪوٽ هيرالدين گجراڻي، ايم ايس ڪنڌڪوٽ سول اسپتال نظير احمد اعواڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو، پوليس ۽ تعليم کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن اينٽي ڪرپشن عملدارن سان ڳجهي ريت معاهدو ڪري گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڳري رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن عملدارن ڏيتي ليتي ڪري معاملو لئه مٽي ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، پر ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب کين ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

مورو جون ماسترياڻيون مثال، احمدآباد گرلس اسڪول هلائڻ لاءِ کيسي مان خرچ ڪن ٿيون

150 نياڻين جي اسڪول لاءِ سرڪاري عمارت نه ملي، ماسترياڻين عمارت ڀاڙي تي ورتي

پکا به پاڻ لڳرائي ڇڏيا، تعليم کاتي جي عملدارن جي سهولتون نه هجڻ جي تصديق، فراهمي لاءِ بهانا

نوشهروفيروز( رپورٽ:زاهد راڄپر)مورو ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول احمد آباد کي پنهنجي مدد تحت پاڻ اسڪول جون ماسترياڻيون هلائي رهيون آهن جڏهن ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ساڳئي ئي نالي تي قائم بوائز اسڪول کي عمارت به آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب گرلس اسڪول عمارت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ اسڪول ۾ مقرر 8 ماسترياڻين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڙي ۾ 6 هزار روپيا مسواڙ تي عمارت ورتي آهي پر ان ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. اسڪول ۾ علائقي جون 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. پر انهن کي ويهڻ لاءِ فرنيچر نه آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ واش روم به نه آهي. ماسترياڻين پنهنجي خرچ سان بليڪ بورڊ ۽ پکا هڻايا آهن ۽ باقي سامان به پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪري اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازينديون رهن ٿيون. علائقي واسي سڪندر جروار ٻڌايو ته علائقي وارن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به نياڻين جي اسڪول ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ايس نسيم ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون آهن پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ٿي ملي. هن چيو ته بنا فرنيچر ۽ سهولتن جي اسڪول هلائڻ ڏکيو ڪم آهي پر نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني آهي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گرلس مورو عبيد عباسي ٻڌايو ته واقعي گرلس اسڪول احمد آباد ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ذاتي ڪوششون وٺي نياڻين جي ويهڻ لاءِ مان بئنچون هٿ ڪري ڏيندس جڏهن ته اسڪول کي بوائز اسڪول جي عمارت ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندس ڇاڪاڻ ته ٻئي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي. ان ڪري درخواست ڊي او ڏانهن موڪلبي جيڪو اسڪول جي منتقلي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.

ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي خواب، والدين جو 10 سالن کان احتجاج، پوليس جا وڏا آفيسر به ناڪام

ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر جاچ ڪري چڪا، اڳڀرائي نه ٿي، والدين اڃا منتظر

نياڻي جي واپسي ۾ سردار رنڊڪ آهن، کين گرفتار ڪرڻ سان ملي ويندي: والدين
فضيلا سرڪي

ٺل(رپورٽ: مير ڀٽي) ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي اغوا کي 11 سال گذرڻ وارا هجڻ باوجود فضيلا سرڪي جي بازيابي هڪ خواب بڻجي ويئي آهي فضيلا سرڪي جي وارثن 10 سالن کان وڌيڪ عرصو هن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو انهي ڪيس جي جاچ سٺي ساک رکندڙ پوليس عملدار ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا سميت ٻين ڪئي ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن ۾ هن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيا ويا فريادي پاران ڌاڙيل ٻڍي سرڪي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو پوليس عملدار کي گهرائي فضيلا کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوءِ به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي جي موجود هجڻ تي گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا پر پوءِ به فضيلا بازياب نه ٿي سگهي شڪار پور شهر ۾ به فضيلا جي ڏس تي ڪاروائي ڪري هڪ ناري کي هٿ ڪيو ويو پر هن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جيڪا هن جي والدين سان نه ملي سگهي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ به ورتو ويو پر پوءِ به بازيابن نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي وارثن خاص ڪري هن جي والده سڪينا سنڌ جي وڏن وزيرن جي گاڏين کي روڪي هنن آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪرڻ تي علائقي جي بااثر ماڻهن فضيلا سرڪي جي وارثن کي ڌمڪايو ۽ ان جي زمين غير آباد ڪرائي ڇڏي هن جي دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو، فضيلا سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي ۽ سڪينا سرڪي ٻڌايو ته اسان جا قبائلي سردار فضيلا جي بازيابي ۾رڪاوٽ آهن هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اسان واضع ڪيو هو ته فضيلا ڪيس ۾ گهربل جوابدار قادر بخش سرڪي، ڪريم بخش سرڪي، يعقوب تيغاڻي ۽ ٻين جي سرپرستي قبائلي سردار ڪري رهيا آهن ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جون ضمانتون جنهن ڪرايون انهن کي گرفتار ڪيو ته فضيلا بازياب ٿي ويندي پر هر ڀيري فضيلا سياسي مصلحت جو شڪار ٿي ٿي وڃي ۽ اسان رڙندا رهون ٿا، ٺل: فضيلا جي سرڪي جي بازيابي لاءِ پوري ضلعي جيدڪب آباد جا شهر هڪ ڏينهن لاءِ احتجاج طور بند ڪيا ويا فضيلا سرڪي جي والده قومي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن وٽ وڃي دانهيو پر هنن به صرف آسرن کان علاوه ڪجهه نه ڪيو.

حڪومت جو يوٽرن، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ تان ڦري وئي

وزير اعظم ھائوس

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس کي پهرئين مرحلي ۾ يونيورسٽي بنائڻ واري ارادي کان هٿ کڻي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم تعليم واري وزير شفقت محمود پاران وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرئين مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي دارالحڪمه بنايو ويندو، جتي انتظامي مامرن، آءِ ٽي، صنعتن ۽ ٻين شعبن بابت تحقيقي ماهر تحقيق ڪري سگھندا. ٻئي مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنايو ويندو. هن اهو به ٻڌايو ته صنعتن سوڌو شعبن کي جديد بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُالرحمان هوندو ۽ ان کي ٽيڪنالاجي ٽاسڪ فورس به چيو ويندو.

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق : ابتدائي مسودو پڻ تيار

قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ شروعاتي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو

مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگين ۽ ريفرنسز جا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز:ذريعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن بعد قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ ابتدائي قانوني مسودي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. قانون واري وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته تيار ڪيل ترميمي مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگيننگ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري وارا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. نيب قانون ۾ ترميم ڪري پلي بارگيننگ جا اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب عدالت کي ڏيئي ۽ پلي بارگيننگ کي سزا جي زمري ۾ آڻڻ جي ترميم تجويز ڪئي وئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت کي جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا اختيار ڏيئي، نيب رمانڊ جي 90 ڏينهن واري مدي کي گھٽ ڪري 14 ڏينهن ڪرڻ، ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب ڪميشن کي ڏيڻ جون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. ذريعن مطابق اهڙو ترميمي ڊرافٽ مخالف ڌر جي مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ پوليس موبائلون ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون

ڀاڄيون ڍوئيندڙ پوليس موبائيل

حيدرآباد(رپورٽ:فقير سليم)حيدرآباد ۾ پوليس جون موبائلون ڏوهارين خلاف ڪاررواين ڪرڻ بجاءِ ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون،ان ڏس ۾ هڪ فوٽو جنرلسٽ جي ڪئمرا ڀاڄيون ڍوئنيدڙ هڪ پوليس وين نمبر ايس پي 562 اي جي تصوير پنهنجي ڪئمرا ۾ فلمبند ڪري ورتي

لکي غلام شاهه ڀرسان ڪارنهن تڪرار،وڌيڪ هڪ زخمي فوت،مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

مارجي ويلن ۾ سجاول خروس، سندس پٽ بلاول ۽ ڀائٽيا عابد ۽ نعمت الله شامل،ڌريون مورچا بند

مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ لکي غلام شاهه منتقل ڪيا ويا،آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو

لکي غلام شاھ(رپورٽ:فھيم حيدر منگي ) لکي غلام شاھ لڳ محمود آباغ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن تڪرار جي معاملي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي،جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو،ڳوٺ متارو خروس ۾ ڪارنهن تڪرار تان خروس برادريء جي ٻن ڌرين عبدالقادر عرف انگاري خروس ۽ سجاول خروس جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان بدنام ڌاڙيل عبدالقادر عرف انگاري خروس ڌر جي ماڻهن جديد هٿيارن سان ڳاڙھي (عورت واري ڌر) سجاول خروس جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سجاول خروس جي ڌر جا پيءُ ،پٽ سجاول ۽ بلاول ،ڀائٽيو عابد خروس نعمت الله سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ ڄڻو موج علي خروس زخمي ٿي پيو ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو. ڌريون مورچا بند آهن جڏهن ته آباد ملاڻي ايٽ محمود آباد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ لکي سول اسپتال منتقل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو .چئني مقتولن جا لاش ڳوٺ متارو خروس پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . جڏھن ته ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي،هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

اوٻاوڙي جا 2 يتيم ٻارڙا اپاهج،امڙ علاج لاءِ گهر جو سامان به وڪڻي ڇڏيو

معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم امڙ جي سهاري تي زندگي گذارڻ تي مجبور

ٻئي ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار،امڙ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري سندن علاج ڪرائي ٿي
اوٻاوڙو : معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي خانپور محلي جا رهواسي 2 يتيم معصوم ٻارڙا 12 ورهين جو الله بخش ٿهيم ۽ 6 ورهين جو اڪرم ٿهيم ڄنگھن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثر خاندان سان واهر نه ڪئي آهي ان سلسلي ۾ معذور ٻارڙن جي امڙ ۽ مامي منير احمد ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ٻارڙا ننڍپڻ کان صحتياب هيا پر 3 يا 4 سالن جي عمر ۾ منهنجي ٻارڙن کي پراسرار بيماري وڪوڙي وئي ،جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن، ٻارڙن جي امڙ جو چوڻ هو ته گهر جو سامان کپائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر علاج ڪرائڻ باوجود به ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اسان غريب آهيون انهن جو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ مان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري انهن کي پالي رهي آهيان هن چيو ته آئون غريب بيواهه عورت آهيان ماڻهن جي گهرن ۾ ٻوهاري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندي آهيان، مان هن وقت ٻچڙن جي علاج لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهيان اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو اسان ٻچڙن جو علاج ڪراچي يا لاهور مان ڪرائي سگهون ۽ اسان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته منهنجي ٻچڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .

دادو: پوليس جا ڇاپا، بڪيز ذريعي سٽو کيڏندڙ 20 ڄڻا گرفتار

شهر جي مختلف هوٽلن تان گرفتار ٿيلن ۾ هڪ نينگر به شامل

نينگر گرفتار ناهي، پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي وٺي آياسين: پوليس
جوا الزام ۾ گرفتار شخص ۽ سندس پُٽ

دادو ( ن پ ا ) پوليس ڪرڪيٽ تي سٽو کيندڙ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس هڪ نينگر کي به ٿاڻي تي وٺي آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو، جوا کيڏندڙ پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي به وٺي آياسين.
پوليس موجب شهر جي ڪاليج روڊ، ملاح چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڊي ايس پي دادو رسول بخش سيال جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن اوچتو هوٽلن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن کي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ هڪ 7 ورهين جو نينگر به شامل آهي، جنهن جي باري ۾ پوليس جو موقف سامهون آيو آهي ته نينگر کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هو جوا کيندڙ پيءُ سان گڏ موجود هو، پنهنجي جي گرفتاري دوران روئي رهيو هو، جنهن سبب کيس پيءُ سان گڏ ٿاڻي تي آندو ويو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار هوٽلن تي بڪيز ذريعي ڪرڪيٽ راند تي جوا پئي کيڏي رهيا هئا، اطلاع تي کين ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون ويون

لکي غلام شاهه ۾ زميني تڪرار 3 حياتيون ڳڙڪائي ويو، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

خانپور ڀرسان ڪچي ۾ خروس برادري جي هڪ ڌُر جي هٿياربندن جو اوطاق تي حملو

ڌُريون مورچابند، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

شڪارپور(ن پ ا) ڳوٺ نادر شاهه ۾ اوطاق تي هٿياربندن جي حملي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ 3 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ نادر شاهه جي رهواسين موجب پراڻي تڪرار سبب لاڙڪاڻي لڏي ويل سجاول خروس، سندس پٽ بلاول ۽ ڀائيٽو عابد خروس گهمڻ لاءِ ڳوٺ آيا ته هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽئي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو نعمت الله خروس زخمي ٿي پيو.
حملي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٽن ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد ڇڪتاڻ سبب ڌريون مورچابند ٿي ويون، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
ڳوٺاڻن موجب واقعو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن تان هڪ ڌر جا ماڻهو شڪارپور مان لاڙڪاڻي لڏي ويا هئا، جنهن بعد جرڳي ذريعي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرايو ويو هو، اڄ جيئن ئي ٽئي ڄڻا گهمڻ لاءِ ڳوٺ آيا ته هٿياربندن حملو ڪيو.

سنڌ ۾ بصرن جا اگهه ڌڙام سان ڪري پيا، آبادگارن جون ڳيتون

ٻن هفتن ۾ بصر 800 مان گهٽجي 300 رُپيا مڻ ٿي ويو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ، اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو

بصرن جو اگه گهٽجڻ ڪري ھاڻ خرچ پورو ڪرڻ بھ مشڪل ٿي ويو آھي: آبادگارن جون دانھون
بصر

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ بصرن جو اگهه ڌڙام سان ڪري پيا، ٻه هفتا اڳ مارڪيٽ ۾ بصرن جو في مڻ اگهه 800 سئو رُپيا هو، پر حڪومت طرفان بصر ايڪسپورٽ نه ڪرڻ ۽ ڀارت کان سستي اگهه ۾ بصر گهرائڻ سبب سنڌ ۾ بصرن جا اگهه ڌڙام سان ڪري پيا آهن. آبادگار اڳواڻن الله بخس ٽالپر، حاجي نثار پالاري ۽ سنڌ آباگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ دير سان پهچڻ ڪري بصرن جي پوکي دير سان ٿي، سيزن جي شروعات ۾ اڌ بصر وڪرو ٿي ويا پر هن وقت بصرن جا اگهه ڪري پيا آهن. آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 2 هفتا اڳ بصر في مڻ 800 رُپيا وڪرو ٿي رهيو هو، پر هاڻ اگهه گهٽجي 3 کان ساڍا 300 رُپيا في مڻ ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ آبادگارن جو خرچ به نٿو ٿئي ۽ آبادگارن بصر مارڪيٽ ڏانهن موڪلڻ ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ۾ هن ڀيري مجموعي طور 2 لک ايڪڙن تي بصرن پوکيا ويا هئا، جنهن مان اڌ بصر ته مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي ويا آهن، پر ٿاڻي بولا خان، ٿاڻو احمد خان، گهوٽڪي، دادو ۽ سنڌ جي اُترين علائقن جا بصر گهٽ اگهه ملڻ سبب وڪرو نه ٿي سگهيا آهن. آبادگار اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته بصرن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مناسب پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن بصرن جا آبادگار ڳاٽي ٽوڙ نقصان کان بچي سگهن.

غوثپور: نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف بجاراڻي برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو، انڊس هاءِ وي تي گاڏيون بيهجي ويون

5 ڏينهن اڳ جهيڙي دوران قتل ٿيل نوجوان دوست علي بجاراڻي جي وارثن ڌرڻو هنيو

ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري: مظاهرين

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ 5 ڏينهن اڳ بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل نوجوان دوست علي بجاراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر ڌُر طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتري ئي دير تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيٺل رهيون. مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهري سبب مختلف شهرن ويندڙ گاڏين سوڌو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ پ پ ڪارڪنن جا قافلا به رُڪجي ويا. مظاهرين چيو ته قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري.