باهه لڳڻ سبب پورهيت ڪٽنبن جا 8 گهر الهه تلهه سميت سڙي ويا
ڪالهه کان بي يارو مددگار ويٺل مسڪينن پاران مالي مدد جي اپيل

پنگريو: باهه سبب گهر سڙي وڃڻ بعد کليل آسمان هيٺ سڄي رات گذاريندڙ پورهيتن جي ڪنهن به واهر نه ڪئي، ڳوٺ ابرھيم خاصخيلي ۾ گذريل ڏينهن پورهيتن جي ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 گهر ۽ انهن ۾ پيل 20 مڻ ساريون، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر بي يارو مددگار سڄي رات کليل آسمان هيٺ سخت سيءُ ۾ گذاري، متاثرن سرڪار کان مالي مدد جي گھر ڪئي
ٺل ( رپورٽر) گذريل ڏينهن آپگهات جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿيل نوجوان لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڳوٺ ٻيلو ڪٽو ۾ نوجوان عبدالهادي بنگلاڻي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي ۽ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، کيس فوري طور لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو
پنوعاقل( رپورٽر) زميني تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، سلطان پور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خيرو ۾ زميني تڪرار تان انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ محمد اسماعيل انڍڙ زخمي ٿي پيو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو
جوابدارن وٽان پسٽل، 3 ڪلو چرس ۽ جعلي نمبر پليٽس هٿ آيون: ايس ايس پي سکر
ٻئي ڏوهارين ٻين ضلعن جي پوليس کي به گهربل هئا: ايس ايس پي اسد رضا شاهه
سکر( رپورٽر) سکر پوليس تالا ٽوڙ چوري ۽ گاڏيون ڦر ڪرڻ ۾ ملوث گينگ جي اهم جوابدار سميت ٻن ڏوهارين کي مقابلي بعد گرفتار جي دعويٰ ڪئي آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايس ايس پي سکر اسد رضا شاهه چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 2 ڦورو فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس مقابلي بعد ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان پسٽل، 3 ڪلو چرس ۽ جعلي نمبر پليٽس هٿ آيون، ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته گرفتار ٻئي ڏوهاري تالا ٽوڙ چوري ۽ گاڏيون ڦر ڪرڻ واري ٽولي جا اهم جوابدار آهن، ٻنهي ڏوهارين شبير ڌاريجو ۽ وحيد ناپر کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ کانسواءِ گاڏيون ڦر ڪرڻ جي به ڪيترن واقعن ۾ سکر سميت مختلف ضلعن جي پوليس کي گهربل هئا