fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪراچي ۾ ڪارروائي، ڪالعدم تنظيم جا 2 اهم ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، بهادر آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران تحريڪ طالبان سوات گروپ سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن صابر ۽ رحمت علي کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد پوليس چوڪي کي ڌماڪي سان اڏائڻ سميت ٻين دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي جي جاچ تي ڀروسو ناهي، جي آءِ ٽي سربراهه زرداري جو ڏوهي آهي: سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني مني لانڊرنگ ڪيس جي جي آءِ ٽي سربراهه کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه آصف زرداري جو ڏوهي آهي، تڪراري شخص جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جاچ ڪيئن شفاف ٿي سگهي ٿي؟. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پ پ جنهن ايف آءِ اي سربراهه تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي، انهيءَ آفيسر جي اماڻيل نالن تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي. سعيد غني چيو ته عام چونڊن دوران سموري آفيسرن کي هٽايو ويو پر ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ سمجهه کان ٻاهر هو. سعيد غني سوال ڪيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، لڳي ٿو ته جي آءِ ٽي سربراهه کي نه هٽائڻ جو مقصد کانئس جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ڪرائڻ هئي. هن چيو ته وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ڊي جي ايف آءِ ۽ ٻين سان ملاقات مان لڳي ٿو ته اهو سڀ حڪومت جي چوڻ تي ٿيو آهي.

قاضي احمد ڌرڻي ڪيس ۾ 20 آبادگارن جي ضمانت منظور

ڪمند جا اگهه لاءِ ڌرڻو هڻڻ تي 600 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيو

20 آبادگارن جي 20-20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور

نوابشاهه (رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ جي سڏ تي سورنھن ڊسمبر تي قومي شاھراھ تي لڳل آبادگارن جي ڌرڻي خلاف ضلعي انتظاميه آبادگارن جي خلاف قومي شاھراھ بند ڪرڻ تي قاضي احمد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن ۾ پنجيتاليھه نامزد جوابدارن سميت ڇھ سئو آبادگار شامل ھئاجن مان ڄاڻايل پنجيتاليھه جوابدارن مان سيد اظھرمقبول شاھ، اسدالله آرائين ،شاھمراد گبول، شريف انڙ، علي نواز انڙ، عبدالرزاق آرائين سميت 20 جوابدارن کي گذريل ڏينھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج ظھور احمد ھڪڙو جي عدالت مان گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت جي درخواست سندن وڪيل سيد ناصرشاھ پاران داخل ڪئي وئي هئي جنھن تي سيشن جج ظھور احمد ھڪڙو ھر ھڪ جوابدار جي ويھ ھزار جي عيوض ضمانت منظور ڪندي اڄ جمعي جي ڏينھن پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو جنھن کانپوء جوابدار اڄ جوابدارن جي ضمانت پڪي ڪئي وئي آھي.

حڪومت ۽ نيب جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو پيو وڃي: بلاول جو ترجمان

وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي: مصطفيٰ کوکر

سمجهه ۾ اچي ويو ته وزيرن جا بيان ئي نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ جو بنياد آهي، موجوده ڪاررواين کي احتساب نٿو چئي سگهجي : جاري ڪيل بيان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان چيو ته وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ اچي ويو ته وزيرن جا بيان ئي نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ جو بنياد آهي، موجوده ڪاررواين کي احتساب نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم ۽ سندس ٽيم کي ڄيڪو وڻي ڪري، پ پ ميدان ۾ مقابلو ڪندي. بلاول جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پ پ قيادت خلاف ميڊيا تي ڪوڙيون ڪهاڻيون نشر ڪرائڻ وفاقي وزيرن جو ڪارنامو آهي.

وفاق جي سنڌ ۾ رڳو 6 لک 60 هزار بيروزگار هجڻ جي دعويٰ

2016 کان 2018 تائين ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن جو تعداد با بت انگ اکر جاري نھ ڪيا ويا

سينيٽ آف پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سينيٽ ۾ ملڪ اندر صوبي وار بيروزگارن بابت ويهن سالن جي سروي جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن. سروي رپورٽ ۾ وفاقي حڪومت دعوي ڪئي آهي ته سال 2015 ع ۾ سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو ڪل تعداد 6 لک 60 هزار هو. تفصيل موجب مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر چوڌري تنوير جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي شماريات جي وزارت پاران سينيٽ ۾ 1991ع کان 2015ع تائين بيروزگارن بابت ڪيل سروي جا صوبي وار تفصيل پيش ڪيا آهن. ڄاڻايل وزارت پاران لکت ۾ سينيٽ کي آگاھ ڪيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾1991ع ۾ بيروزگارن جو تعداد 2 لک پنجاھ هزار، 1992ع ۾ 2 لک 70 هزار، 1993ع ۾ سنڌ ۾ بيروزگارن جو تعداد گھٽجي 1 لک 90 هزار تي پهتو. 1994ع ۾ سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو تعداد 2 لک 30 هزار، 1995 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ بيروزگارن جو انگ گھٽجي 2 لک 10 هزار تي پهتو. جڏهن ته ڄاڻايل وزارت پاران 1996ع جا تفصيل نه ڄاڻايا ويا آهن. 1997ع ۾ سنڌ اند صرف 2 لک 20 هزار، 1998ع ۽ 2000ع ۾ ٿيل سروي موجب سنڌ اند ڪل بيروزگارن جو تعداد 2 لک 40 هزار، جڏهن ته 2002ع ۾ ٿيل سروي موجب بيروزگارن جو تعداد 4 لک 80 هزار، 2004ع جي سروي موجب سنڌ ۾ بيروزگارن جو تعداد 6 لک 10 هزار، 2006ع ۾ 5 لک 10 هزار، 2007ع ۾ 4 لک، 2008ع ۾ 3 لک 90 هزار، 2009ع ۾ 4 لک 40 هزار، 2010ع ۾ 5 لک 60 هزار، 2011ع ۾ 7 لک، 2013ع ۾ 7 لک 70 هزار، 2014ع ۾ 5 لک 80 هزار. سال 2015ع سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو ڪل تعداد صرف 6 لک 60 هزار هجڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي. لکت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2015ع کانپوءِ 2017ع ۾ ملڪ اندر بيروزگارن بابت ليبر سروي ڪئي وئي آهي جنهن جي رپورٽ کي مرتن ڪيو پيو وڃي. سينيٽ ۾ ڏنل جواب موجب، ملڪ ۾ بيروزگارن بابت ٿيل آخري سروي 2015ع موجب ملڪ اندر مجموعي طور تي بيروزگارن جو انگ 36 لک 20 هزار هو جن ۾ ڪي پي ڪي صوبي ۾ بيروزگارن جو تعداد 5 لک 10 هزار، پنجاب ۾ 23 لک 20 هزار، بلوچستان ۾ 1 لک 30 هزار بيروزگار هئا..

واٽر ڪميشن جو سکر ۾ واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمون پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي منتقل ڪرڻ جو حڪم

هاڻي ڪو بهانو نه هلندو، ملازمن جي بدلين تي عمل ڪيو وڃي: امير هاني مسلم

واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي

سکر (رپورٽر) سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو آهي ته واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن منتقلي ۽ ملازمن جي بدلي وارين هدايتن تي عمل ڪيو وڃي، ڪو به بهانو نه هلندو، اسڪيمن تي ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ۽ کين ٽرمينيٽ ڪيو ويندو.
واٽر ڪميشن جي سربراهه اهڙيون هدايتون ڊي سي آفيس سکر ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي اعليٰ انتظامي، لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت دوران ڪيون، جنهن ۾ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جمال مصطفيٰ سيد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدرشاهه ۽ ڪمشنر سکر/لاڙڪاڻو ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو سميت سمورن ضلعن جي ڊي سيز، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ آفيسرن، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ميئر لاڙڪاڻو اسلم شيخ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
اجلاس کي خطاب ڪندي امير هاني مسلم چيو ته آئوٽ سورسنگ خريداري ۾ ميونسپل کي فري هينڊ نه ڏينداسين، جيڪا به خريداري ٿيندي اُها ضلعي انتظاميه جي رضامنديءَ سان ڪئي ويندي ۽ زون وائيز آئوٽ سورسنگ ٿيندي ته جيئن بهتر نموني وجيلنس ٿي سگهي، هن چيو ته هو تمام جلد بخشاپور ويندو ۽ واٽرسپلاءِ اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرايا ويندا، جڏهن ته ٺل ۾ ڪروڙين رپيا ضايع ڪرڻ وارو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو.
واٽرڪميشن جي چيئرمين ميئر سکر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي گندو پاڻي ٽريٽ ڪري پيئارڻ کان بهتر آهي ته پهريان اپ اسٽريم ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ روڪيو وڃي، اهڙي ڪا اسڪيم هن وقت تائين ڇونه ٺاهي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته مرحليوار عمل وارو تاثر ختم ڪري ڇڏيو، ڌار نوٽيفڪيشن جي ضرورت ناهي، اسٽاف جِي منتقلي ۾ لوڪل گورنمينٽ پابند آهي، جيڪو ملازم اسڪيم تي ڪم نه ڪندو اُهو گهر ويندو ۽ اُن کي ٽرمينيٽ ڪيو ويندو. ميونسپلز ۾ 2-2 سئو ڪلارڪ آهن، جن جي جڳهه به ناهي اهي گهر ويٺي پگهارون جو مزو ماڻي رهيا آهن، اوور اسٽاف کي سرپلس پول ۾ وجهي استعمال هيٺ آڻڻو آهي

ڪراچي: حد دخلين خلاف ڪارروائي دوران مزاحمت، آپريشن روڪيو ويو پوليس اھلڪار واپس روانا

ڪالاپل ويجهو پوليس ۽ دڪاندارن وچ ۾ چڪريون، اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو ويو

آپريشن سرڪلر ريلوي جو ٽريڪ خالي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو

ڪراچي(م ڊ ) ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جو ٽريڪ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن سخت مزاحمت سبب روڪيو ويو، رهواسين ۽ دڪاندانن سان چڪرين دوران اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو ويو.
ڪالا پل ويجهو هزاره ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن هنڌن تان حد دخليون هٽائڻ لاءِ شهري انتظاميه پوليس جي مدد سان آپريشن شروع ڪيو ته کين سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو.
حد دخلين خلاف آپريشن دوران پوليس سان دڪاندارن ۽ رهواسين جون چڪريون ٿيون، ان موقعي تي مڇريل ماڻهن اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو، ڇڪتاڻ تيز ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ انتظاميه کي آپريشن روڪڻو پئجي ويو ۽ پوليس اهلڪارن سميت آپريشن دوران مقرر سموري عملي کي واپس سڏايو ويو، واضح رهي ته حد دخلين خلاف آپريشن سرڪلر ريلوي جو ٽريڪ خالي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو

ڊکڻ: معصوم نينگر مڇي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو

ڊکڻ (رپورٽر) معصوم نينگر مڇي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺ ابن اوڍو ۾ 3ورهين جو معصوم نينگر ياسين اوڍو گهرن ٻاهران راند ڪندي مڇي جي تلاءُ ۾ ڪري پيو، واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن نينگر کي ٻاهر ڪڍي نازڪ حالت ۾ اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن رستي ۾ ئي دم ڏنو.
نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوک پکڙجي ويو، فوتي نينگر رتوديرو جو رهواسي هو، جيڪو مائٽن سان گڏ گهمڻ لاءِ ڊکڻ آيو هو.

5 لک رُپيا انعام رکيل بدنام ڌاڙيل منير ناريجو گرفتار

سي آءِ اي لاڙڪاڻو نئون ديرو ۾ ڪارروائي ڪري منير ناريجو کي گرفتار ڪيو

بدنام ڌاڙيل منير ناريجو گرفتار

نئون ديرو(رپورٽر) نئون ديرو جي ڀرسان ڳوٺ عزت جي وانڍ تي لاڙڪاڻو جي سي آءِ اي پوليس جي ٽيم انچارج عبدالغفار شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ گهر تي اوچتو ڇاپو هڻي سترهن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل نامي گرامي ڌاڙيل علي خان عرف ميرو ناريجو کي گرفتار ڪري وٽائنس بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ورتا آهن ان سلسلي ۾ سي آءَ اي لاڙڪاڻو جي ٽيم انچارج غفار شاهه ٻڌايو ته علي خان عرف ميرو ناريجو مٿان سترهن کان مٿي ڪيس خيرپرو،شڪارپور،لاڙڪاڻوسميت ٻين ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن جنهن جي انعام جي رقم پنج لک روپيا رکيل ان کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي هوڏانهن سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪيل ڌاڙيل کي ڳجهي هنڌ تي رکي ڇڏيو آهي

آرمي چيف 14 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

انهن دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ 13 فوجي ۽ 3 عام شهري شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

فوجي عدالتن طرفان وڌيڪ 20 دهشتگردن کي به قيد جي سزا ڏني وئي
آرمي چيف قمر جاويد باجوھ

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف فوجي جوانن ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائيندڙ 14 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر موجب موت جي سزا ماڻيندڙ دهشتگرد سنگين ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جن ۾ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، انهن دهشتگردن جو نشانو بڻجندڙن ۾ 13 فوجي ۽ 3 عام شهري شامل آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سزا ماڻيندڙ دهشتگردن مواصلات جي نظام، پوليس اسٽيشنز ۽ ادارن کي به تباهه ڪيو، انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ آيو هو، آءِ ايس پي آر موجب فوجي عدالتن طرفان وڌيڪ 20 دهشتگردن کي به قيد جي سزا ٻڌائي وئي

ٻن مهينن دوران بيماري ورتل 10 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

چڪاس واري ٽيسٽ جي سهولت ختم هجڻ سبب رهواسي پريشان

ميرپورماٿيلو : ميرپورماٿيلو ڀرپاسي گذريل ٻن مھينن ۾ ڪاري ڪامڻ وگھي 10 کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا آھن جنھن ڳوٺ دريا گبول جو 20 سالن جو نوجوان صدام گبول ـ ڳوٺ گلاب بوزدار جو 22 ورھين جو نديم بوزدار ـ جروار جو رھواسي نانڪ رام ـ وارث علي گبول ـ محمد گبول ۽ ٻيا شامل آھن.ميرپورماٿيلو سول اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ جي چڪاس ۽ مرض جي مقدار چيڪ ڪرڻ لاء ٿيندڙ پي سي آر ٽيسٽ پڻ نومبر 2017 کان بند ڪئي وئي آھي ٽيسٽ مھانگي ھجڻ جي ڪري سوين مريض ٽيسٽ ڪرائڻ کان رھجي ويا آھن جڏھن ته مرض جي تشخيص ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آھي.

گهوٽڪي ۾ 24 هزار ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ،4 مهينن کان سرڪاري دوائون بند

ضلعي اندر ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي ،اوٻاوڙ جي اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس سينٽرز قائم ٿيل ،24 هزار مريض رجسٽرڊ ٿيل

سمورن سينٽرز تي گذريل چار مهينن کان سرڪاري دوائون نه آيون ،اڳ ٿيل ڪورس به اثر وڃائڻ لڳو ، مريض پريشان
ميرپورماٿيلو ۾ ڪاري ڪامڻ جا مريض

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ برڪت ميراڻي ) گھوٽڪي ضلعي اندر ھيپاٽائيٽس بي ـ سي ـ ڊي جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي ، سرڪاري انگن اکرن موجب ضلعي ۾ 20 هزار ماڻهو هن مرض ۾ بتلا آهن ، سرڪار طرفان انهن کي ملندڙ دوائون گذريل 4 مهينن کان بند آهن جن سبب انهن ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن . ميرپورماٿيلو، ڏھرڪي ، اوٻاوڙو سول اسپتال ۾ قائم ھيپاٽائيٽس سينٽر تي مرض ۾ مبتلا مرد توڙي عورت رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 24000 کان مٿي آھي. ميرپورماٿيلو 17500 مريض سي ۾ مبتلا آھي بي جي مريضن جو تعداد 1400 آھي جن مان 2058 مريض اھڙا آھن جن پنھنجو علاج مڪمل نه ڪرايو آھي ھن مھل ميرپورماٿيلو سينٽر تي ھيپاٽائيٽس سي جا 230 مريض علاج ھيٺ آھن جڏھن ته بي جا 430 مريض آھن جن جو علاج ھلندڙ آھي ان کان علاوه ھڪ ھزار کان مٿي اھڙا مريض آھن جيڪي بچاء وارو ڪورس ڪرائڻ جي انتظار ۾ آھن پر چار مھينن کان سنڌ حڪومت طرفان علاج بند ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري انھن مريضن جون زندگيون داء تي لڳل آھن ضلعي گھوٽڪي جي سول اسپتال گھوٽڪي ۾ قائم سينٽر تي پڻ رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 3500 آھي گذريل 6 مھينن ۾ انھن رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 1800 کان مٿي آھي ھن مھل تايئين سي جي 777 ۽ بي جي 352 مريضن پنھنجو علاج مڪمل ڪرايو آھي جڏھن ته سوين اھڙا مريض آھن جيڪي ان مرض ۾ مبتلا ھجڻ باوجود ڪورس نه ملڻ ڪري زندگي ۽ موت سان جنگ ڪري رھيا آھن اوٻاوڙو تعلقي ۾ ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 620 بي جي مريضن جو تعداد 95 آھي ان سينٽر تي پڻ چارمھينن کان علاج نه ملڻ ڪري سوين مريض علاج لاء رلي رھيا آھن.

شڪارپور۾ عورت سوڌو ٽن جوابدارن کي 75 ڪلو چرس رکڻ تي عمر قيد جي سزا ملي وئي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج روشن علي، سندس زال بختاور ڪلاڪ ۽ اوشاق ڦلپوٽو کي سزا ٻڌائي

ڪائنات تُنيو کي آزاد ڪرڻ جو حڪم، ڏنڊ نه ڀرڻ تي جوابدار وڌيڪ 6-6 مهينا قيد ڪاٽيندا

شڪارپور(رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ عورت سوڌو 3 جوابدارن کي عمر قيد ۽ پنج پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد عورت کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو آهي. شڪارپور پوليس 2017ع ۾ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد سومرا واھي ڀرسان مھراڻ ڪار ۾ ويندي ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي 75 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو هو. جن ۾ لاڙڪاڻي جا رھواسي زال مڙس روشن علي ۽ بختاور ڪلال، ڪائنات تنيو ۽ اوشاق ڦلپوٽو شامل ھئا. عدالت عورت ڪائنات تنيو مٿان چرس رکڻ جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو آھي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ 6-6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.

يو اي اي پاران اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ جو اعلان

رقم جمع ڪرائڻ جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتري آڻڻ آهي: يو اي اي

ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورائتا آهيون: عمران خان

ڪراچي ( م ڊ ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا، ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرايا ويندا، جنهن جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتر آڻڻ آهي، يو اي اي طرفان 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ بعد اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي ويندا، واضح رهي ته ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ پاڪستان ۾ پهريان ئي 8 منصوبن جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، جن جي مجموعي لاڳت ڏيڍ ارب درهم آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ذريعي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته يو اي اي ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اهو قدم اسان جي عزم ۽ دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو سالن کان قائم آهي

شاگردياڻين ۾ منشيات جو واهپو 75 سيڪڙو وڌي ويو: وفاقي وزير شيرين مزاري

وفاقي وزير شيرين مزاري

اسلام آباد ( م ڊ ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جو استعمال ڪرڻ تمام اهم مسئلو آهي، ائين ته نه ٿا ڪري سگهون ته سڀ ڪجهه ڏسون ۽ پوءِ لڪائي ڇڏيون، وفاقي وزير چيو ته هڪ غلط فهمي پيدا ٿي هئي ته 75 سيڪڙو شاگردياڻيون منشيات استعمال ڪري رهيون آهن، ائين بلڪل ناهي، سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اهو مسئلو تمام وڏو آهي، حل ٿيڻ گهرجي.