fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

علي رضا عابدي جو قتل: وڏي وزير امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا واڳيل آفيسر شرڪت ڪندا

ڪجهه مافيائون امن خراب ڪرڻ گهرن ٿيون، پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سوڌو واڳيل عملدار شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ شهر اندر ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن، امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ اهم شصخيتن جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه علي رضا عابدي جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪجهه ٽارگيٽ ڪلرز ۽ مافيائن جا مُهرا صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، پر ڪنهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين.

خانواهڻ: گٽرن جي گندي پاڻي سبب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، ازالي جو مطالبو

خانواهڻ )ن پ ا) گٽرن جي گندي پاڻي غريب پورهيتن جا اجها ڊاهي ڇڏيا
گٽرن جو گندي پاڻي ڪافي عرصي کان نيڪال نه ٿيڻ ڪري غريب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، جنهن سبب پورهيتن سخت سيءُ ۾ پريشانين کي منهن ڏنو.
پورهيتن شاهد ملاح ۽ گلشن سولنگي جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان گندو پاڻي بيٺل هئڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون ۽ رات دير سان ٻئي گهر ڊهي پيا، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو.
پورهيتن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

جيڪب آباد ۾ 10سالن دوران 32 عورتون قتل، 11 اغوا ۽ 7 عورتن کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو

ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ حراسان سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا، سرڪار ستل!

2007 کان 18ع 32 عورتون ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 7 کي وحشت جو نشانو بڻايو ويو

ڪراچي(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 10 سالن دوران 32 عورتون ڪاري ڪري ماريون ويون، 11 عورتون اغوا ۽ 7 کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جھيڙن ۾ 7 عورتون قتل ٿيون، ضلعي ۾ عورتن تي تشدد ۽ کين حراسان ڪرڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. 2007 کان وٺي 2018 تائين صرف هڪ ضلعي جيڪب آباد ۾ 32 عورتن کي ڪاري ڪري ماريو ويو، 7 عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو ۽ مختلف جھيڙن ۾ 12 حوا ڄائيون قتل ڪيون ويون. ضلعي ۾ 95 عورتون گھريلو تشدد، 35 عورتون هراسمينٽ جو شڪار ٿيون. 11 عورتن کي اغوا ڪيو ويو، 30 ٻارڙين جون شاديون ڪرايون ويون، 396 عورتون مسئلن توڙي ٻين سببن جي ڪري تحفظ لاءِ ڀٽڪنديون رهيون. اهڙي طرح سڄي ضلعي ۾ 10 سالن دوران مجموعي طور عورتن تي تشدد، حراسان ڪرڻ، ڪاروڪاري، ننڍي هوندي شادين. خانداني مسئلن، طلاق، ملڪيتن مان حصو نه ڏيڻ سميت 2969 واقعا رپورٽ ٿيا. وومين ڊولپمينٽ جي رپورٽ موجب 65 عورتن کي قانوني ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.

سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان

پھريان دارالامان جي حالت سڌارڻ گھرجي، سرڪار سنجيدھ ناھي: مھتاب اڪبر راشدي

ڪراچي: سيف هائوس هلائڻ لاءِ بجيٽ ڪٿان آڻيون؟ مختلف ڊي سيز پريشان آهن. عدالت طرفان سيف هائوس ٺاهڻ جا حڪم ته ڏنا ويا آهن پر انهن سيف هائوسن کي ڪيئن هلائجي ؟ ان حوالي سان مختلف ضلعن جا ڊي سيز پريشان ٿي ويا آهن. ڪجھه ضلعن جي ڊي سيز “پنهنجي اخبار” کي آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته سيف هائوس هلائڻ لاءِ باورچين سميت ٻيو اسٽاف گھرجي ٿو. هنن ٻڌايو ته سيف هائوس ۾ جيڪي عورتون تحفظ لاءِ منتقل ڪيون وينديون، انهن جي کاڌي پيتي لاءِ بجيٽ جي ضرورت آهي. بجيٽ نه هئڻ سبب سيف هائوسن کي هفتي ٻن لاءِ ضلعي جي خرچ تي هلائي سگھجي ٿو پر مستقل بنيادن تي سيف هائوس نٿا هلائي سگھون، سوشل ويلفئير کاتي جي سيڪريٽري طاحه فاروقي چيو آهي ته مورن ضلعن کي بجيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري کاتي کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. هن چيو ته هر ضلعي کي سيف هلائڻ لاءِ ساليانه 50 لک ڏيڻ لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري کي سمري موڪلي ڇڏي آهي، جون يا ان کان اڳ ڄاڻايل ضلعن کي بجيٽ ملي ويندي، اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته جڏهن دارالامان موجود آهن ته پوءِ سيف هائوسن جي ڪهڙي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين دارالامان جي حالت سڌاري وڃي. هن چيو ته سيف هائوسن لاءِ عدالت حڪم ڏنو آهي پر حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدهه ناهي، عدالت حڪم ڏيندي آهي ته ان حڪمن تي عمل به پاڻ ڪرائي .

سنڌ ۾ هوا ڄائي نڌڻڪي! سيف هائوس منصوبي جو خواب به ساڀيان ٿيڻ مشڪل!

عدالتي حڪم ٿڏيل، 5 مهينن ۾ ٻن ڪمرن وارا گهر مختص نه ٿيا، انتظاميا لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ به چيلينج

جتي گهر مليا اُتي سهولتون اڻلڀ، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ جڳهه به مختص نه ٿي، ڪاميٽين جو ڪم به رُلي ويو
سنڌ جي حوا ڄائي نڌڻڪي

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ تشدد جو شڪار عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي سيف هائوس کولڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار، عدالتي حڪمن باوجود مختلف ضلعن جي انتظاميه 5 مهينن دوران سيف هائوسن لاءِ رڳو ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪري سگھي، پر اتي بنيادي سهولت موجود ئي ناهن ۽ نه ئي اسٽاف مقرر ٿي سگھيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نگينه ڊکڻ واري واقعي کان پوءِ صوبي جي هر ضلعي ۾ تشدد جو شڪار عورتن لاءِ “سيف هائوس” کولڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ضلعن جي ڊي سيز کي پابند بڻايو هو ته عارضي بنيادن تي پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي سهڪار سان “سيف هائوس” کوليا وڃن. 5 مهينا گذرڻ باوجود به ضلعن ۾ سيف هائوس نه کُلي سگھيا آهن. ڪافي ضلعن ۾ سيف هائوس قائم ڪرڻ ته ٺهيو پر انتظاميا ڪميٽيون ٺاهڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد، ڪراچي اوڀر، سجاول، ٿرپارڪر، دادو، بدين، عمرڪوٽ، سانگھڙ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ملير، ڪراچي جي ڏکڻ ۽ ڪورنگي وارن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن سيف هائوس لاءِ صرف ٻن ڪمرن وارا گهر مختص ڪيا، جن ۾ باورچي سميت ٻيو عورت اسٽاف مقرر نه ٿي سگھيو آهي. ڪافي هنڌن تي رڌڻا ۽ واش روم جهڙي سهوليت به ناهي. 5 مهينن ۾ سيف هائوسن لاءِ 21 ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ رڳو ڪميٽيون ٺهي سگھيون، جن ۾ ايس ايس پي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ، سول سوسائٽي جو هڪ نمائندو ميمبر طور شامل آهن. جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت 8 ضلعن ۾ سيف هائوسن لاءِ جڳهه به مختص نه ٿي سگھي آهي. ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪاميٽيون ٺهي سگھيون آهن. هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ملير شهزاد افضال جو چوڻ آهي ته اسان سيف هائوس لاءِ ٻن ڪمرن وارا گھر مختص ڪيا آهن. ٻيون سموريون سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ وقت لڳندو.

سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي، صوبائي گهرو کاتي ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته متحده اڳواڻن جي سيڪيورٽي موجوده صورتحال کي ڻظر ۾ رکندي وڌائي وئي آهي.

جيڪا ڳالهه نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجي اها پي ٽي آءِ وارا پيا ڪن : عابدي جو آخري ٽوئيٽ

عابدي عام چونڊن کان اڳ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو: سعيد غني

ڪراچي: اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي قتل ٿيڻ کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ 5 لڳي 57 منٽن تي پنهنجي زندگي جو آخري ٽويٽ ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ ٽوئيٽ ڪندي علي رضا عابدي لکيو هو ته پي ٽي آءِ وارن پريس ڪانفرنس ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ ڪنٽينر واريون ڳالهيون ورجايون ويون. پي ٽي آءِ وارا گذريل 5 سالن کان ساڳيون ڳالهيون ڪن پيا، صرف نئين شيءِ اها آهي ته جيڪي ڳالهيون نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجن، اهي هي پيا ڪن.
ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي 2018 جي چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي رضا عابدي جي آصف علي زرداري سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي سعيد غني لکيو ته علي رضا سٺو دوست هو، هن سان ڪافي ميٽنگس ٿيون، جن ميٽنگس کي سندس خواهش موجب راز ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو

ٿر ۾ ٻار مرڻ جو سلسلو جاري ، ڪلوئي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت

ڪلوئي(ن پ ا)سڄي ٿر جيان ڪلوئي تعلقي ۾ ڏڪاري حالتون برقرار، ڪلوئي لڳ ستون ميل موري ويجهو پورهيت جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا سهولتن جي کوٽ بک بدحاليءَ سبب فوت ٿي ويو، ڪاري ڏڪار سبب غريب پورهيت ٻن وقتن جي ماني لاءِ پڻ پريشان آهن، ستون ميل لڳ ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا بک بدحالي ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويو آهي.
پورهيت دانهيندي چيو منهنجي گهر واري انتهائي ڪمزور هئي مقامي اسپتال عملي پاران ڪمزور ۽ ڳورهاري عورتن لاءِ آيل راشن پڻ نه ڏنو ويو ۽ ٻار انتهائي ڪمزور پيدا ٿيو،جنهن کي اسان اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو، رهواسين اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٻئي طرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن کي امدادي راشن نه ملڻ ۽ سوين ڳوٺ سروي ۾ شامل نه هجڻ خلاف يوسي گرڙاٻه ،ستون ميل ۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن لال ساهڙ، ٻانڌو، ڏمڀرلي، اتادو سومرا، ڊاڀو سميجا، سپڻاڻي سومرا، ارباب احسان فارم ۽ ٻين ڳوٺن مان آيل ڏڪار متاثر ڳوٺاڻن منظور ساهڙ، لکاڏنو ساهڙ، مانجھي، عالم، قربان، ڀائي خان، کيتو مل، ميوو ۽ ٻين امدادي راشن لاءِ سندن ڳوٺ سروي نه ٿيڻ خلاف دانهيندي چيو ته يوسي گرڙاٻه جا ڄاڻايل سمورا ڳوٺ اڃا تائين امدادي راشن لاءِ سروي پڻ نه ڪيا ويا آهن.
رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي ٿرپارڪر جي ڊي ايڇ او علاو الدين سومرو جو چوڻ آهي ته هي راشن صرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن جو آهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏڪاري حالتن سبب هر ماڻهون چاهي ٿو ته راشن جو سامان کين ملي جيڪو ممڪن نه آهي.

ڪراچي ۾ علي رضا عابدي جي تدفين، سندس گارڊ گرفتار

ڪراچي ۾ قتل ٿيل علي رضا عابدي يثرب امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، گورنر سوڌو اهم شخصيتن جي شرڪت

هٿياربندن جي حملي دوران علي رضا عابدي جي گارڊ جوابي فائرنگ نه ڪئي، کيس گرفتار ڪيو آهي: ايس ايس پي سائوٿ

ڪراچي (رپورٽر) پوليس ڊفنيس ۾ گذريل رات قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل علي رضا عابدي جي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو، علي رضا عابدي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي سائوٿ چيو ته گارڊ حملي وقت جوابي ڪارروائي نه ڪئي.
علي رضا عابدي جي جنازي نماز امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي، علامه حسن ظفر نقوي نماز پڙهائي، جنازي نماز ۾ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي اڳواڻن کانسواءِ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي جي ڏکڻ پوليس علي رضا عابدي جي گارڊ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاهه چيو ته علي رضا عابدي معمول کان هٽي ڪري آفيس کان گهر جلدي هليو ويو هو، حملي وقت علي رضا عابدي جي گارڊ قدير کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو فائرنگ جي جواب ۾ ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران گهر اندر ويو ۽ علي رضا عابدي جي والد کان هٿيار گهريو.
ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي گاڏي گهر جي در وٽ پهچڻ وقت گارڊ جيئن ئي گهر جو در کوليو ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪئي، گارڊ قدير جو واسطو ڊيرا غازي خان سان آهي ۽ هو ڏيڍ مهينو اڳ علي رضا عابدي جي گهر گارڊ طور مقرر ٿيو هو، کانئس واقعي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي وارثن ڪنهن خاص قسم جو خدشو ظاهر نه ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڊفينس فيز 5 جي علائقي خيابانِ غازي ۾ گذريل رات هٿياربندن علي رضا عابدي تي قاتلاڻو حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو، علي رضا عابدي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پيو پر هو بچي نه سگهيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي حڪومت نه پر سپريم ڪورٽ جوڙائي: شهزاد اڪبر

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي حڪومت نه سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙي وئي، جي آءِ ٽي ان ڪري ٺهي جيئن معاملي جي تهه تائين پهچي سگهجي، وزيراعظم جي صلاحڪار هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي سان تعلق هجڻ جو الزام هنيو پيو وڃي پر ان جو ثبوت به ڏنو وڃي، عدالتي حڪم تي جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ حڪومت جي ڪا به مداخلت نه هئي، هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته عليمه خان سرڪاري عهدو ڪڏهن ناهي رکيو،جيڪڏهن اپوزيشن ان خلاف جي آءِ ٽي بڻائڻ چاهي ٿي ته عدالت وڃي،

پنگريو لڳ گم ڄاڻايل نينگر هٿ

پنگريو(ن پ ا)پنگريو لڳ مدرسي جامع حنفيه سلطان المدارس مان پراسرار طريقي سان گم ٿيل نينگر 13 ورهيه محبت ولد رمضان ملاح ڳولا بعد هٿ اچي ويو آهي ،نينگر محبت ملاح ٻڌايو ته قاري عبدالباسط مدرسي کان هٽي ڪري ذاتي ڪم وٺندو آهي ۽ جواب ڏيڻ تي تشدد پڻ ڪندو آهي جنهن ڪري مجبور ٿي خوف مان نڪتو هئس .

ڪوٽڙي بئراج ڏانهن سالياني بندي سبب پاڻي فراهمي بند، گڊو وٽ 25 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ، نارا ۽ روهڙي جي پاڻي ۾ ڪٽوتي

تربيلا مان کڻت گهٽائڻ بعد سطح 14 سئو 16 فوٽ ٿي، دريائي وھڪرن ۾ بھتري نھ آئي

سکر بيراج (فائيل فوٽو)

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج وٽان سالياني بندي سبب ڪوٽڙي بئراج ڏانهن ويندڙ پاڻي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي. سکر بيراج جي واهن کي سندن گھرج 26 ھزار ڪيوسڪ بجاءِ 17940 ڪيوسڪ فراھم ٿي رھيو آهي، ٻي پاسي آبپاشي کاتي سنڌ پاران نارا ۽ روھڙي ڪئنالن مان پنج پنج سئو ڪيوسڪ گھٽائي دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن ۾ واڌارو پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ھوڏانھن سڀاڻي ڪوٽڙي بئراج جي بندي شروع ڪئي پئي وڃي. سکر ڪنٽرول موجب ھر سال جيان 6 جنوري تي ڪوٽڙي ڏانھن پاڻي ڇڏيو ويندو. تربيلا ڊيم مان به کڻت گھٽائڻ بعد پاڻي ذخيرن ۾ معمولي واڌارو ٿيو آهي. پاڻي جي سطح 1416.70 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڻي آمد 16000 ڪيوسڪ مان he10000 ڪيوسڪس جاري ڪيو پيو وڃي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي 25 سيڪڙو کان مٿي ٿي وٿي آهي، جتي پاڻي جي آمد گھٽجي 26504 ٿي وٿي آهي.

حيدرآباد ۾ ڪينسر ۾ مبتلا اڌڙوٽ آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا همراهه آپگهات ڪري ڇڏيو. ڀنگي پاڙي جي رهواسي 50سالن جي لڇمڻ داس پکي ۾ رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن موجب لڇمڻ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب ذهني پريشاني جي ور چڙهيل هوندو. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اپوزيشن کي ماٺ رکڻ لاءِ گرفتاري لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي: بختاور ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي ليڊر آڻڻ لاءِ 2018 جي اليڪشن چورائي وئي، ضمني چونڊ ۾ پي ٽي آءِ سڀ ڪجهه وڃايو، سندن غيرقانوني ووٽ بينڪ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ڏجي، ضمني چونڊن ۾ شڪست باوجود تحريڪ انصاف پاڻ کي اڃا حڪمراني جو حقدار سمجهي ٿي، جنهن تي حيرت آهي، هن چيو ته حيران ۽ پريشان آهيان ته عليمه خان کان ڪمپنين ۽ ملڪيتن جي مني ٽريل ڇو نه پڇي وئي؟ هاڻي اپوزيشن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ گرفتاري جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

نوازشريف خلاف فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار، قانوني جنگ وڙھبي: احسن اقبال

سليڪٽيڊ وزيراعظم سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، اپوزيشن کان انتقام ورتو پيو وڃي

پنڊي جو بدصورت نيب ترجمان آهي، حڪومت ڪرپشن جي حق ۾ آهي: راڻا ثناءُ الله/مشاهد الله

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) ميان نوازشريف خلاف عدالتي فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، قانون جنگ وڙهڻ جو اعلان، پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير ۽ مشاهد الله سيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف خلاف عدالت جو فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، ان خلاف قانون جنگ وڙهي ويندي، سزا به عدالت ٻڌائي ۽ انصاف به اها ئي ڪندي، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عدالتن جو احترام آهي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي ان جو ثبوت ڏنو، هن چيو ته ڪنهن به عدالتي فيصلي خلاف ن ليگ احتجاج ناهي ڪندي، مهانگائي خلاف احتجاج ڪنداسين، هن چيو ته موجوده احتساب ن ليگ لاءِ نئون ناهي، ماضي ۾ به ان کي منهن ڏنو، پنڊي جي خوبصورت شهر ۾ هڪ بدصورت شخص رهندو آهي، پنڊي جو بدصورت شخص نيب جو ترجمان بڻيل آهي،ان موقعي تي مشاهد الله خان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت ڪرپشن خلاف نه ان جي حق ۾ آهي، بيشمار ثبوت موجود آهن، هي جيڪو موجوده فيصلو آهي، ان تي ڳالهه اسانجو قانون حق آهي، حڪومت جو هڪ تڪراري وزير هر روز عدليا يا نيب جو ترجمان بڻجي ڳالهائيندو آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان سان وفادار هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ته ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون، احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ ۾ سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومت وينٽي ليٽر تي زنده آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اسان ان خلاف قانوني جنگ وڙهنداسين،نوازشريف خلاف نيب ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين هڪ لفظ به نه هو ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، موجوده احتساب عمل ٻه رخو آهي، ليگي اڳواڻن کي جاچ دوران گرفتار ڪيو، جلد پارليامينٽ اندران ۽ ٻاهران خوشخبري ملندي، بنا فرق جي احتساب ٿيو ته اڌ ڪابينا اندر هوندي، ڇا عمران خان، جهانگير ترين، عليما خان جون آف شور ڪمپنيون ناهن؟، ملڪ ۾ مهانگو فرنس آئل آندو ويو، ڊالر مهانگائي جي انتها تي پهتو آهي، حڪومت چوي ٿي اسان کي اگهه بابت خبر ناهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، عليمه خان پاران ڏنڊن ڀرڻ مان ثابت ٿي ويو ته هن ڏوهه قبول ڪيو آهي پر ان جو احتساب نه پيو ٿئي، مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته عمران خان هٽلر جو مثال ڏئي پاڻ کي به هٽلر ثابت ڪيو.