fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ٻڌايو وڃي سنڌ جي اربين روپيه بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي:حليم عادل

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ 2 سالن اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معذور بڻيل نينگر زاهد شاھ جي سنڌ سرڪار سار نه لَڌي، سندس گھر جو گاڏو هلڻ مشڪل ٿي ويو، معذور شاگرد جو علاج ڪرائڻ لاءِ گھر وارا سخت پريشان آهن. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ سرجاني ٽائون پهچي شاگرد ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري کين هڪ لک 20 هزار روپين جوامدادي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارڙا مري رهيا آهن اربين روپيا بجيٽ آهي،ٻڌايو وڃي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي؟ هن چيو ته زاهد شاهه وانگر سنڌ ۾ ڪيترائي ٻارڙا علاج نه ٿيڻ جي ڪري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ رڳو بجيٽ ۾ هر سال اضافو آندو آهي، پر عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن.

خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

قيصر امين بٽ بيان ڏنو ته خواجا ڀائر پيرا گون سٽي جا مالڪ آهن: جاچ آفيسر

خواجھ سعد رفيق

لاهور(رپورٽر ) احتساب عدالت پيرا گون ڪيس ۾ خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
نيب خواجا سعد رفيق کي اسلام آباد کان لاهور پهچائڻ بعد کيس ڀاءُ سلمان رفيق سوڌو لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.
احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قيصر امين بٽ بيان ڏنو ته خواجا ڀائر پيرا گون سٽي جا مالڪ آهن، جاچ آفيسر موجب پيرا گون هائوسنگ سٽي واري منصوبي تحت 2 ارب رپين جا ڪمرشل پلاٽ غيرقانوني طور وڪرو ڪيا ويا.
جاچ آفيسر چيو ته تپيدارن ٻڌايو ته 40 ڪنال زمين به وڪرو ڪئي وئي، جن ماڻهن اها زمين خريد ڪئي، انهن جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي.
نيب اختيارين احتساب عدالت کي خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ 15ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته خواجا ڀائرن جي وڪيلن ريمانڊ جي مخالف ڪئي.
احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي نيب جي استدعا منظور ڪئي ۽ خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾15ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، عدالت جوابدارن کي 5 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

“وزير اعظم بڻايو” اسلام آباد ۾ همراهه پول تي چڙهي ويو، پوليس وارن بهاني سان همراهه کي هيٺ لاهي ورتو

اسلام آباد(رپورٽر) “وزير اعظم بڻايو” اسلام آباد ۾ همراهه پول تي چڙهي ويو.
اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا ۾ همراهه بلڊنگ تي لڳل موبائيل سنگل ٽاور تي چڙهي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
پوليس ۽ ٻين ادارن جي اهلڪارن موقعي تي پهچي پول تي چڙهي ويل همراهه کي هيٺ لاهي ورتو.
پول تي چڙهي ويل همراهه کي پاڪستان جو جهنڊو ويڙهيل هو، هو دانهي رهيو هو ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، وزير اعظم بڻايو سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.

ايف آءِ اي جي جاچ تي ڀروسو ناهي، جي آءِ ٽي سربراهه زرداري جو ڏوهي آهي: سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني مني لانڊرنگ ڪيس جي جي آءِ ٽي سربراهه کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه آصف زرداري جو ڏوهي آهي، تڪراري شخص جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جاچ ڪيئن شفاف ٿي سگهي ٿي؟. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پ پ جنهن ايف آءِ اي سربراهه تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي، انهيءَ آفيسر جي اماڻيل نالن تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي. سعيد غني چيو ته عام چونڊن دوران سموري آفيسرن کي هٽايو ويو پر ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ سمجهه کان ٻاهر هو. سعيد غني سوال ڪيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، لڳي ٿو ته جي آءِ ٽي سربراهه کي نه هٽائڻ جو مقصد کانئس جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ڪرائڻ هئي. هن چيو ته وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ڊي جي ايف آءِ ۽ ٻين سان ملاقات مان لڳي ٿو ته اهو سڀ حڪومت جي چوڻ تي ٿيو آهي.

شاگردياڻين ۾ منشيات جو واهپو 75 سيڪڙو وڌي ويو: وفاقي وزير شيرين مزاري

وفاقي وزير شيرين مزاري

اسلام آباد ( م ڊ ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جو استعمال ڪرڻ تمام اهم مسئلو آهي، ائين ته نه ٿا ڪري سگهون ته سڀ ڪجهه ڏسون ۽ پوءِ لڪائي ڇڏيون، وفاقي وزير چيو ته هڪ غلط فهمي پيدا ٿي هئي ته 75 سيڪڙو شاگردياڻيون منشيات استعمال ڪري رهيون آهن، ائين بلڪل ناهي، سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اهو مسئلو تمام وڏو آهي، حل ٿيڻ گهرجي.

بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران آصف جي حمايت ۾ نعريبازي، جج ڪاوڙجي پيو

عدالتي احاطو جلسي جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گوڙ ختم ڪرايو، جوابدارن کي اندر اچڻ ڏيو: جج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشيءَ دوران پيپلز پارٽي جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن توڙي حامي وڪيل عدالت ٻاهران پهچي ويا. عدالتي احاطي ٻاهران ڪارڪنن “زنده هي بيبي زنده هي، آصف تيري جان نثار بي مثال” جي نعريبازي ڪندا رهيا. وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن جي پهچڻ سبب بئنڪنگ ڪورٽ جي احاطي جلسي جا منظر اچي رهيا هئا. عدالتي احاطي ۾ گوڙ ٿيڻ تي بئنڪنگ ڪورٽ جي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدالت ۾ گوڙ ختم ڪرايو وڃي. جج چيو ته جوابدارن کي اندر اچڻ ڏنو وڃي، جنهن بعد آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر اندر اچي حاضري لڳائي.