fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

حيدرآباد: گئس سلينڊر ڌماڪي جي 5 زخمين مان نينگري فوت

ڳوٺ ڇٽو مير بحر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا

حيدرآباد(رپورٽر)گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن مان 14 ورهين جي نينگري فوت ٿي ويو.
راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڇٽو مير بحر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين مان 14 ورهين جي عائشه ملاح زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

جيڪب آباد ڀرسان ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون،پيءُ فوت،ٻه پٽ زخمي

جيڪب آباد)رپورٽر)جيڪب آباد ڀرسان شمبي شاھ لڳ ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون،هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا،صدر ٿاڻي جي حد شنبي شاھ لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو عبداللطيف جکراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سيف الدين ۽ قمرالدين جکراڻي شديد زخمي ٿي پيا،علائقي واسين لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پهچايو،جتي زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي اطلاع ملڻ تي فوتي ۽ زخمين جا وارث اسپتال پھتا لاش کڻائي ڪري پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويا ،صدر پوليس جي اھلڪار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته حادثو اسان جي حد ۾ ناھي ٿيو ،بلوچستان جو حد آهي اھا پوليس وڌيڪ ڪاروائي ڪندي ٻي پاسي فوتي ۽ زخمي پاڻ ۾ پيءُ پٽ آھن جن جو تعلق بلوچستان جي ٻڌائي پئي وڃي.

صالح پٽ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن ھٿان پيرسن قتل

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان زمين جي تڪرار تان پيرسن قتل ٿي ويو،ان ڏس ۾ صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش مڱريو ۾ زمين جي تڪرار تان پنجن جوابدرن گھر م ستل 70 ورهيه ڏاتر ڏنو ولد محمد پناھ مڱريو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع بعد صالح پٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال روھڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه وري ڪا گرفتاري ٿي سگھي آھي ، صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته مقتول ڏاتر ڏنو مڱريو جي پٽ محمد نواز مڱريو ٻڌايو آھي ته اسان جو پنھنجي سئوٽن سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي جنهن تي عبدالفتاح مڱريو سميت پنجن جوابدارن اسان جي گھر ۾ گھڙي گھر اندر ستل سندن پيءُ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي ،پوليس مطابق فريادي ٿاڻي تي نه آيا آھن جيئن فريادي ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

گولاڙچي ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪڙيو گهنور )ن پ ا) گولاڙچي ويجهو شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو.
گولاڙچي جي گراڙي ٿاڻي جي حد ۾ 22 سالن جي نوجوان دودو ڀيل جو وڻ ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته دودو ڀيل ڪافي عرصي کان شادي ڪرائڻ جي ضد ڪري رهيو هو، في الحال انڪار ڪرڻ تي هن انتهائي قدم کنيو.
آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش وڻ مان لاهي وارثن حوالي ڪيو ويو

سانگھڙ: گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 2 نينگريون فوت

ڳوٺ گھنڊڻ ۾ صبح جو اوچتو گھر جي ڇت ڪري پئي.ھڪ ٻارڙو بھ زخمي

سانگھڙ(ن پ ا)ڳوٺ گھنڊڻ ۾ گھرجي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 2 نينگريون فوت ٿي ويون جڏھن تھ ھڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو. ٻار کي اسپتال پھچايو ويو.گھر ۾ موجود ماڻھو صبح جو ناشتو ڪري رھيا ھئا تھ اوچتو ڌماڪي سان گھر جي ڇت ڪري پئي.واقعي سبب ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي وئي.

شاھھ سلمان ابراهيم الصاف کي ھٽائي عادل الجبير کي پرڏيھي مقرر ڪري ڇڏيو

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي بادشاهه شاهه سلمان ڪابينه ۾ اهم تبديلي ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير ابراهيم الصاف کي پرڏيهي وزير مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ابراهيم الصاف کي عادل الجبير جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويندو، هوڏانهن اهي به چوٻول آهن ته ان قدم جو بنيادي سبب آڪٽوبر ۾ ترڪي جي شهر استنبول جي سعودي سفارتخاني ۾ سعودي صحافي جمال خاشقجي جو قتل جو آهي.
پرڏيهي وزير جي تبديلي سان گڏ شاهه سلمان چيف آف نيشنل گارڊ شهزادي معتب بن عبدالله جي جاءِ شهزادي عبدالله بن باندر بن عبدالعزيز جي مقرري جو شاهي فرمان جاري ڪيو آهي.
جنرل سيڪيورٽي ڍيف لاءِ جنرل خالد بن قرار الخربي جڏهن ته معساد ليبان کي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائز مقرر ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي:محمد زبير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، گورنر راڄ نه لڳي ته بهتر آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، وزيراعظم گھرووزارت پاڻ وٽ رکڻ جو شوق صرف ان لاءِ آهي ته ايف آءِ سندس ماتحت هجي. عمران خان کي شوق آهي ته سينٽرلائز سسٽم هجي جنهن کي هو پاڻ ويهي ڪنٽرول ڪري. ڪير سندس ڳالهه نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ڇڏين ٿا. هن اهڙو اظهار ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ امام بارگاهه يثرب ۾ علي رضا عابدي جي ٽيجھي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد زبير چيو ته علي رضا عابدي سٺو انسان ۽ بهترين سياستدان هو، وزيراعظم کي به سندس وارثن سان تعزيت لاءِ ڪراچي اچڻ گھرجي ها، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم، گھرو وزير به آهي. هن چيو ته 2013 ۾ هر طرف ڌماڪا ٿيندا هئا پر اسان جي حڪومت پهرين 100 ڏينهن ۾ آپريشن شروع ڪيو، جيڪو اڃا جاري آهي. نواز ليگ حڪومت رينجرز کي پوليسنگ اختيار ڏياريا، جنهن بعد 2015 کان حالتون بهتر ٿيڻ شروع ٿيون. هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي، وزيراعظم کي ڪم ڪرڻ گھرجي. اڳواڻي گورنر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻن بلين وارو معاملو نسورو ڪوڙ آهي. نوازشريف سمورا عدالتي فيصلا قبول ڪيا، سندس متعلق ڪا به منفي ڳالهه سامهون نه آئي آهي. ججز فيصلا ڪندا آهن ته ڏوهه لکندا آهن، پهرين پٽ کان منافعو نه وٺڻ ۽ هاڻي وري پٽ کان فائدو وٺڻ جي سزا ملي آهي. ايف بي آر ڪجهه ٻيو ۽ نيب وري ٻيون ڳالهه ڪري ٿي. فيصل واوڊا ته روز نئين ڪهاڻي پيش ڪري ٿو.هن چيو ته وزيراعظم کي گھرو وزير بڻجڻ جوشوق ان لاءِ آهي جو هو چاهي ٿو ته ايف آءِ اي سندس ماتحت هجي.ڪير سندن ڳالهيون نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ڍاهي ٿا ڇڏي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. جيڪو غلط آهي، گورنر راڄ نه لڳڻ گھرجي.

ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي

ٽنڊوآدم (ن پ ا)ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو،ان ڏس ۾ٽنڊوآدم جي علائقي رشيد ڪالوني ۾ 25 ورهيه نوجوان محمد نذير پٽ محمد مائٽن کان ناراض ٿي زهريلي دواپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن تعلقي آسپتال آندو .

ڄامشورو ڀرسان مزدا ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.

سيوھڻ ( ن پ ا ) ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪار هڪ مزدا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صوبو لغاري نالي هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مشتاق، فدا حسين، محبوب لغاري ۽ اصغر شامل آهن، جن کي ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو.
پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪار سوار ماڻهو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدابخش وڃي رهيا هئا

ڪوٽ لال: پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار

ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو پوليس پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
جلالجي چودڳي لڳ پوليس هڪ گهر تي چڙهائي ڪري شر برادري سان واسطو رکندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پورهيت جي گهر تي حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏيبهن اڳ جوابدارن پورهيت اعجاز ونگي جي گهر تي حملو ڪري عورتن سميت گهرڀاتين کي زخمي ڪري وڌو هو

پنجاب ۾ مقرر پوليس آفيسر فرخ ملڪ جون خدمتون واپس سنڌ حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پنجاب ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ سان واسطو رکندڙ گريڊ ارڙهين جي پوليس آفيسر فرخ ملڪ جون خدمتون پنجاب کان واپس وٺي سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون آهن. اهڙيءَ ريت پوليس گروپ جي گريڊ 19 هين جي آفيسر ڪرم الله سومري کي موٽر وي پوليس مان بدلي ڪري سندس خدمتون سنڌ حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن. پوليس گروپ جي گريڊ 19هين جي آفيسر ميان سعيد احمد کي ڪي پي ڪي مان بدلي ڪري ايف آءِ اي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس گروپ جي 19هين گريڊ جي آفيسر عرفان طارق کي پنجاب مان بدلي ڪري اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو. اسٽيبلشمنٽ ۾ مقرري لاءِ انتظار ۾ ويٺل پوليس گروپ جي گريڊ 21 هين جي آفيسر شعيب دستگير کي ايم ڊي نيشنل پوليس فائونڊيشن جڏهن ته نيشنل پوليس فائونڊيشن جي موجوده ايم ڊي عباس حسين ملڪ کي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن اهڙين مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مخدوم سعيد الزمان سروري جماعت جو چيئرمين ٿي ويو

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار ) هالا ۾ سروري جماعت پاڪستان جي اجلاس چيئرمين اڳوڻي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف جي صدارت ۾ ٿيو ـ جنهن ۾ سروري جماعت جماعت جا نوان عهديدارچونڊيا ويا ـ اجلاس ۾ سروري جماعت جي اڳوڻن عهديدارن ـ ميمبرن ۽ خليفن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ منعقد ڪيل اجلاس ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ تنظيم جي سرپرست اعليٰ مخدوم جميل الزمان جي منظوري سان مخدوم سعيد الزمان عاطف چيئرمين ـ سيد نور محمد شاهه سينيئر وائيس چيئرمين ـ 5 وائيس چيئرمينن ۾ ميان مشتاق ڊوگر (پنجاب ) ـ پير عبدالرزاق ( بلوچستان ) ـ پير ڪوڙل شاهه ـ پير امجد شاهه ـ سرفراز راڄڙ مقرر ڪيا ويا ـ جڏهن تـ جنرل سيڪريٽري پير منصور ـ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري پير ضياءَ الحق ـ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور ميمڻ ـ سيڪريٽري نشر اشاعت گل حسن درس ـ سيڪريٽري ماليات الهه رکيو ڏاهري ـ سيڪريٽري روزگار شبير راڄپر ـ سيڪريٽري صحت حميد چانهيون ـ سيڪريٽري تعليم ايوب ڪورائي کي اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو ـ جڏهن تـ فيصلو ڪيو ويو تـ مرڪز جا وڌيڪ عهديدار بعد ۾ چونڊيا ويندا.

ملير ۾ جج ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل بار جي نائب صدر کي بازياب ڪرائي ورتو

جوڊيشل مئجسٽريٽ 9 آصف اڪبر جو شاهه لطيف ٿاڻي ڇاپو، باندي بڻايل وڪيل سڪندر شر بازياب

سينيئر وڪيل جي گرفتاري خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪندي هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل

ملير (ن پ ا ) جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوء وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو ، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي،هن چيو ته مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي.

خانواهڻ: گٽرن جي گندي پاڻي سبب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، ازالي جو مطالبو

خانواهڻ )ن پ ا) گٽرن جي گندي پاڻي غريب پورهيتن جا اجها ڊاهي ڇڏيا
گٽرن جو گندي پاڻي ڪافي عرصي کان نيڪال نه ٿيڻ ڪري غريب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، جنهن سبب پورهيتن سخت سيءُ ۾ پريشانين کي منهن ڏنو.
پورهيتن شاهد ملاح ۽ گلشن سولنگي جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان گندو پاڻي بيٺل هئڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون ۽ رات دير سان ٻئي گهر ڊهي پيا، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو.
پورهيتن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

حيدرآباد ۾ ڪينسر ۾ مبتلا اڌڙوٽ آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا همراهه آپگهات ڪري ڇڏيو. ڀنگي پاڙي جي رهواسي 50سالن جي لڇمڻ داس پکي ۾ رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن موجب لڇمڻ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب ذهني پريشاني جي ور چڙهيل هوندو. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.