fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ ۾ گئس بحران نه ٽريو: ڪراچي ۾ فيڪٽريون بند

سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن پاران پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان

سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان پيو ٿئي: صنعتڪار

ڪراچي ( ن پ ا ) سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس بحران وڌي وڃڻ ڪري فيڪٽريون بند ڪندي پهرين جنوري تي گورنر هائوس ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
سائيٽ ايوسيئيشن چيئرمين سليم پاريک موجب گئس بحران سبب آچر کان سائيٽ ايريا ۾ سموريون فيڪٽريون بند ڪيون ويون آهن، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
هن چيو ته گئس جي فراهمي بند هئڻ خلاف پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ صنعتڪارن وچ ۾ اهم گڏجاڻي اڄ ٿيندي.
گئس بحران سبب سوئي سدرن گئس ڪمپني اڄ به ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سموري سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بند رکي آهي، جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام جو مطالبو آهي ته گئس بحران جو مستقل حل ڪڍيو وڃي

سنڌ مان رڙيون اچن پيون،مني لانڊرنگ خلاف آپريشن جو اعلان

ساليانو 10 ارب جي مني لانڊرنگ ٿئي پئي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي جلدي ناھي: عمران خان

وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ مان ڪالهه کان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم آفيس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان مان ساليانو 10 ارب ڊالرز جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي، سمورن مسئلن جو سبب بي انتظامي آهي، ماضي ۾ بنيادي ڍانچي جي سڌاري تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جا جلدي ناهي، آءِ ايم ايف بهتر شرطن تي پاڪستان کي قرض ڏيندو، واضع ڪريان ٿو هاڻي ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو بحران ناهي، مني بجيٽ عوام دشمن نه هوندي، غربت جي خاتمي جي وڏي پروگرام جو جلد اعلان ڪندس، هن چيو ته ڀارت ۾ هاڻي پاڪستان سان بهتر لاڳاپن تي بحٿ شروع ٿي ويو آهي.

”اي سي ايل کان نٿا ڊڄون“ بلاول طرفان مراد شاهه تي اعتماد ظاهر

اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، گُجر خان جلد ڀڄي ويندو، مراد شاهه تي سئو سيڪڙو اعتماد آهي: گهوٽڪي ۾ ڳالهيون

گهوٽڪي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ايس اي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، اسان نه پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪٺ پتلي حڪمرانن کان نه ڀڄنداسين، اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، پر گُجر خان جلد ڀڄي ويندو. هن چيو ته اي سي ايل ۽ نوٽيسز کان نٿا ڊڄون، احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ڪرڻ گهرجي، عليم خان ۽ عليمه خان جو به احتساب ڪيو وڃي، ڪير به مقدس ڳئون نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تي مون کي سئو سيڪڙو اعتماد آهي، پيپلز پارٽي ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، پر ماڻهن جا اجايو دماغ ٺهي رهيا آهن.

اي سي اي ۾ شامل ڪيل نالن جي فھرست جاري

فھرست ۾قائم علي شاھھ، امتياز شيخ، سھيل انور سيال، غلام مصطفيٰ ڦل، مڪيش چاولا ۽ ٻين جا نالا شامل

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي سرڪار اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ انور مجيد سوڌو مني لانڊرنگ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اِي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد فهرست جاري ڪئي وئي.
گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
وفاقي گهرو وزارت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بعد سندن فهرست ايئرپورٽس اختيارين ڏانهن اماڻي ڇڏي، آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، انور مجيد، غني مجيد، نازلي مجيد، نمر مجيد، حسين لوائي ۽ علي حسن زرداري جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌا ويا، اي سي ايل ۾ شامل ڪيل ماڻهن جي فهرست ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، امتياز شيخ، سهيل انور سيال، ڊاڪٽر دنشا ايڇ، سيڪريٽري لينڊ غلام مصطفيٰ ڦل، منظور قادر ڪاڪا، مڪيش چاولا، سهيل راجپوت، سنڌ بينڪ جي چيئرمين بلال شيخ، صدر احسن طارق ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.
واضح رهي ته مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ماڻهن جو ذڪر هئڻ سبب وفاقي سرڪار سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا، عدالت ايندڙ سومر تي آصف زرداري ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري چڪي آهي .

سنڌ جو سي سي آءِ ۾ پاڻي ۽ معدني وسيلن لاءِ ڳالهائڻ جو فيصلو

وفاق سي سي آءِ اجلاس لاءِ صوبن کان تجويزون طلب ڪيون، سنڌ سرڪار ماهرن کان مشورا گهري ورتا

سي سي آءِ اجلاسن ۾ صوبي سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاربو،ڪراچي کي گھٽ پاڻي ملڻ وارو معاملو به اهم آهي:وزيراعليٰ هائوس

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي )وفاق سي سي آءِ اجلاس لاءِ صوبن کان تجويزون گھُري ورتيون، سنڌ سرڪار پاڻي معاملن ۾ ناجائزين، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن مان گھٽ حصو ملڻ خلاف اجلاس ۾ آواز اٿارڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌحڪومت پاران 91ع ٺاھ تحت پاڻي نه ملڻ ۽ گئس گھٽ ملڻ خلاف ڀرپور نموني اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته وفاقي حڪومت پاران ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ ) اجلاس لاءِ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ کان ايجنڊا لاءِ تجويزون گھرائي ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل اجلاس ۾ سنڌ سان پاڻي،گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي ورڇ ۾ وفاقي سرڪار جي ناجائزن خلاف ڀرپور نموني ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪندي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ اجلاسن ۾ صوبي سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاريو ويندو. ڪراچي کي گھٽ پاڻي ملڻ وارو معاملو به اهم آهي.هن چيو ته ٻين ڪهڙن اشوز تي تياري ڪئي پئي وڃي ان بابت في الحال معلومات ناهي. هوڏانهن توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سان گئس جي ورهاست ۾ وفاق ناجائزيون ڪري پيو. اجلاس ۾ اهو معاملو اهم آهي اٿاريو ويندو. جيئن سنڌ سان ناانصافي نه ٿئي، پاڻي ماهر ادريس راجپوت سنڌ حڪومت کي تجويز ڏيندي چيو آهي ته صوبي کي 1991ع پاڻي ٺاھ تحت 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ڏيارڻ لاءِ اجلاس ۾ آواز اٿاريو وڃي. ادريس راجپوت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران 91ع پاڻي ٺاھ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھريو هو. پر وفاق 8.6 ملين ايڪڙ فوڙ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو. پر هاڻي وفاقي سرڪار سنڌ کي اهو پاڻي به نه پيو ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ اهو پڻ زور ڀريو وڃي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ کي پاڻي جي کوٽ وارو حصو به کڻڻ گھرجي. سنڌ کي پاڻي ۾ هر ڏينهن جو حصو ملڻ گھرجي، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ ) جو ايندڙ اجلاس مجموعي طور تي 41 هون ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٽيون اجلاس ٿيندو. سي سي آءِ جي ماضي وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي احتجاجن جو ڪو کڙتيل ئي ناهي نڪتو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجي حڪومتي مُدي ۾ 2 ڀيرا سي سي آءِ اجلاس گھرائي چُڪي آهي. عمران خان جي سرڪار پاران ايندڙ اجلاس ٽيون ڀيرو ڪيو ويندو.

اختيار ڏيڻ باوجود ادارا امن قائم نه ڪري سگهيا: وڏو وزير

علي رضا عابدي جي قتل واقعي جا پيرا قائد آباد ڌماڪي ڏانهن وڃن ٿا: وڏي وزير کي اجلاس ۾ آگاهي

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سيد علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو ،جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه ،سڌسماءُ واري صلاحڪار مرتضي وهاب ، آءِ جي سنڌ پوليس ، ڊي جي رينجرز ، صوبائي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي . اجلاس دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته علي رضا عابدي جي قتل جا پيرا قائد آباد ڌماڪي سان ملن ٿا واقعي جي وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي .اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 4 هفتن دوران شهر اندر دهشتگردي جا 6 واقعا پيش آيا آهن جنهن ۾ قائد آباد ڌماڪو، چيني ڪائونسل خاني تي حملو ، ايم ڪيو ايم جي مذهبي تقريب ۾ ڌماڪو ، پي ايس پي آفيس تي حملو ۽ علي رضا عابدي جو قتل شامل آهي . جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺا آهيون .هن چيو ته ٻڌايو ته نيٺ پوليس ڇا پئي ڪري ..؟؟ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ اداره ڇا پيا ڪن .؟ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل اختيار ۽ خودمختياري ڏني پر ڪي سٺا نتيجا هاصل نه ٿي سگهيا آهن .وڏي وزير چيو ته کيس هرحال ۾ شهر اندر امن ۽ شهرين جو تحفظ گهرجي ٿو ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي .ڊي آءِ جي سائوٿ ٻڌايو ته علي رضا عابدي جي والد جو انٽرويو ڪيو آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا .

”بحريا آئڪون“ پلازا زرداري ۽ زين ملڪ گڏجي ٺهرايو: جي آءِ ٽي

پلازا 50 ارب رپين جي تڪراري زمين تي ٺهرائي بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو ان ۾ شامل ڪيو ويو

اسلام آباد: مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي ) 24 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. کربين رپين جي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت زرداري گروپ، بحريا ٽائون ۽ اومني گروپ جو ٽرائيڪا ان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث آهي . جي آءِ ٽي رپورٽ موجب جاچ ۾ لڳ ڀڳ 29 بينڪ اڪائونٽ جعلي نڪتا آهن، جيڪي 42 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيا آهن. جي آءِ ٽي، ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر احسن صادق ، انٽر سروسز انٽيليجنس جي برگيڊيئر شاهد پرويز، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي محمد افضل، قومي احتساب بيورو جي نعمان اسلم ۽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي عمران لطيف تي ٻڌل هئي .
رپورٽ موجب، جي آءِ ٽي 924 انفرادي ۽ مختلف ڪمپنين سان لاڳاپيل 11 هزار 500 جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڳولي ورتا آهن ، جڏهن ته 19 ٺيڪيدارن جي اڪائونٽن وسيلي 36 ارب رپين جي ڪميشن پهچائي وئي، ان کان علاوه 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم بحريا ٽائون جي اڪائونٽن وسيلي موڪلي وئي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملڪ رياض جو ناٺي زين ملڪ ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو اڳوڻو سيڪريٽري مشتاق احمد بحريا ٽائون جا اڪائونٽ هلائيندڙ هئا. مشتاق احمد، ماڊل ايان علي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ به ملوث رهيو آهي .
رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ”بحريا آئڪون“ نالي تعمير ٿيل 64 ماڙ عمارت آصف علي زرداري ۽ زين ملڪ پنهنجي ڪمپني جي مک ماڻهن وسيلي اڏرائي آهي، اها عمارت تڪراري پلاٽ تي تعمير ڪئي وئي جڏهن ته بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو پڻ انهي عمارت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو ڪل 50 ارب رپين جو تڪراري پلاٽ آهي. رپورٽ موجب لاهور جي بحريا ٽائون ۾ قائم بلاول هائوس زرداري گروپ جي ملڪيت آهي، شروع ۾ اها ملڪيت بحريا ٽائون پاران آصف علي زرداري کي تحفي ۾ ڏني وئي پر پوءِ زرداري گروپ پاران ان جي ڪل لاڳت 170 ملين رپين جو اڌ ادا ڪيو ويو .
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اومني گروپ پنهنجي ڪمپنين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سنڌ بئنڪ کان غير قانوني طور تي 53 ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض پڻ ورتو. ان کان علاوه زرداري ڪٽنب جا 12 ملين يا ان کان وڌيڪ جا خرچ اومني گرو پ پاران ادا ڪيا ويا، خرچن ۾ راندين جو سامان خريد ڪرڻ، پالتو ڪتن جي خوراڪ، قرباني جا ٻڪرا، ڪپڙا ڌوئارڻ ، هيٽر ، فرنيچر ، سالگره جي تقريبن ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي مانجهاندي وغيره تي ٿيل خرچ شامل آهي . رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته اومني گروپ پاران ورتل قرض 83 ڀيرا ري اسٽرڪچر ڪرايو ويو جڏهن ته گذريل 10 سالن کان نيشنل بينڪ کان کنيل قرض پڻ واجب الادا آهي.
رپورٽ موجب اومني گروپ مندرن، لائبريرين ۽ جمنازيم لاءِ مخصوص پلاٽن جا کاتا تبديل ڪرائي غير قانوني اڏاوتون ڪرايون ويون ، جڏهن ته ”هنڊي ۽ حوالا“ وسيلي هڪ ارب کان وڌيڪ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي.

سليڪٽيڊ وزيراعظم سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي: ن ليگ

عليمه خان جو احتساب ڪير ڪندو؟ ملڪ ۾ مڙهيل حڪومت وينٽيليٽر تي زنده آهي

نواز ليگ اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ ۾ سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومت وينٽي ليٽر تي زنده آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اسان ان خلاف قانوني جنگ وڙهنداسين، نوازشريف خلاف نيب ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين هڪ لفظ به نه هو ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، موجوده احتساب عمل ٻه رخو آهي، ليگي اڳواڻن کي جاچ دوران گرفتار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ ان جي اڳواڻن خاص رعايت حاصل آهي، هن چيو ته هڪ اهڙي حڪومت مڙهي وئي آهي جيڪا وينٽي ليٽر تي زنده آهي.

نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار، ملڪيت ضبط، 2 پٽ روپوش قرار

نوازشريف کي فليگ شپ ريفرنس مان ثبوت نه ملڻ ڪري بري ڪيو ويو

عدالتي فيصلي بعد نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو، ڏيڍ ارب رپيا ڏنڊ لاڳو
نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ڏيندي فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي بعد نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو.
احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ ڏيڍ ارب رپين جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.
احتساب عدالت نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي روپوش قرار ڏنو ۽ سندن دائمي وارنٽ به جاري ڪيا ويا.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ ڪافي پڪا ثبوت موجود آهن، هو مني ٽريل ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس ۾ ڪي خاص ثابتيون عدالت کي فراهم نه ٿي سگهيون، تنهنڪري ان ريفرنس مان کيس بري ڪيو وڃي ٿو.
نوازشريف فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هو، فيصلي کانپوءِ فوري پوءِ کيس العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته حسن ۽ حسين کي رپوش قرار ڏنو ويو.

العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ملڻ بعد نواز شريف گرفتار

اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو

نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ڏيندي فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي بعد نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو.
احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ ڏيڍ ارب رپين جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ ڪافي پڪا ثبوت موجود آهن، هو مني ٽريل ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس ۾ ڪي خاص ثابتيون عدالت کي فراهم نه ٿي سگهيون، تنهنڪري ان ريفرنس مان کيس بري ڪيو وڃي ٿو.
نوازشريف فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هو، فيصلي کانپوءِ فوري پوءِ کيس العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته حسن ۽ حسين کي رپوش قرار ڏنو ويو.
عدالتي فيصلي کانپوءِ نوازشريف کي بڪتربند ذريعي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پئي ويون.

نواز-زرداري لاءِ اڄ ڳرو ڏينهن: سموريون نظرون عدالتن تي کتل

ميان نوازشريف فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب ڪورٽ ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ آصف زرداري پيش نه ٿيندو: وڪيل

نواز شريف ۽ آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نوازشريف ۽ زرداري لاءِ اڄ ڳرو ڏينهن، فيصلا ڪهڙا ايندا؟ سموريون نظرون عدالتن تي کُتل، اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف آزاد هوندو يا ٻيهر جيل حوالي ٿيندو بابت فيصلو سڀاڻي ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ فيصلو احتساب عدالت سڀاڻي ٻڌائيندي. نواز شريف پاران فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت وڃڻ جو فيصلو. سيڪيورٽي جا انتظام سخت. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ سڀاڻي ٻڌائيندو. اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميان نواز شريف سڀاڻي پنهنجي ڪوھ مري ۾ قائم رهائشگاھ کان فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت پهچندو. العزيزيه ريفرنس ۾ 22 ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 16 شاهدن جون شاهديون قلمبند ڪيون ويون. احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ريفرنسز ۾ مجموعي طور تي 183 ٻڌڻيون ٿيون. ميان نواز شريف جن مان 130 ٻڌڻين دوران احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جن ۾ 70 ڀيرا احتساب عدالت جي جج محمد بشير ۽ 60 ڀيرا احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اڳيان پيش ٿيو. احتساب عدالت جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم وڪيلن سوڌو مسلم ليگ (ن) جي ڪل پندرنهن اڳواڻن کي فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت ملندي، ذريعن موجب هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرس کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.

مني لانڊرنگ: جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي پڌري ٿيڻ جو امڪان

رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد قانوني حڪمت عملي جوڙينداسين، خبر ناهي عدالت ۾ ڇا ٿيندو:لطيف کوسا

اڳوڻو صدرآصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.

انڊونيشيا ۾ سونامي جي تباهي، 222 فوت، سوين زخمي

سُنڊا سامونڊي ٻيٽ تي سونامي تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل، لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري

جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي سامونڊي پٽي سُنڊا ۾ سونامي تباهي مچائي ڇڏي آهي. سونامي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 222 ٿي ويو. انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ جاوا ۽ سماترا جي وچ ۾ موجود ٻيٽ تي تباهي مچي وئي آهي. هزارن جي تعداد ۾ گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته طوفان سبب عورتن ۽ ٻارن سوڌو 800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو گم ٿي ويا آهن. اختيارين موجب پينڊگلينگ، ڏکڻ لامپنگ ۽ سيرانگ وارا علائقاسڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. انڊونيشيا جي ريڊ ڪراس جي ترجمان چيو آهي ته سونامي جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن، تنهن ڪري جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي. اختيارين چيو آهي ته لڳي ٿو سُنڊا سامونڊي ٻيٽ تي موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کانپوءِ سونامي آيو آهي. ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

“آ مولا ڪو بانڊ کلي!” سنڌ جي سياستدانن وٽ بانڊن جا ڀنڊار!

اويس شاھھ، ناصر شاھھ، بجاراڻي ۽ آغا سراج وٽ ڪروڙن جا بانڊز

بانڊ رکندڙ پارليمنٽيرينز

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جي اڪثر ڪروڙ پتي سياستدانن ۾ انعامي بانڊ کلڻ جون خواهشون گھر ڪري ويون آهن، جنهن ڪري سياستدانن ۾ لکن نه پر ڪروڙن جا بانڊ رکڻ جو رجحان وڌي ويو آهي.
ڪنهن وٽ ڪيترا بانڊ؟ اليڪشن ڪميشن پاران تازو جاري ڪيل اثاثن جي تفصيلن موجب سکر مان چونڊيل صوبائي وزير سيد اويس شاھ وٽ 5 ڪروڙ، صوبائي وزير سيد ناصر شاھ وٽ 3 ڪروڙ 25 لک، اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ وٽ 7 ڪروڙ رپين جا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم موجود آهي. مير شبير بجاراڻي وٽ 2 ڪروڙ اسي لک جا انعامي بانڊ آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر وٽ هڪ ڪروڙ ۽ ريٽا ايشور وٽ 1 ڪروڙ 15 لک جا بانڊ آهن.
سنڌ ۾ مخالف ڌر وٽ بانڊ: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم وٽ 79 لک روپيا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ موجود آهن. سانگھڙ سان واسطو رکندڙ سياستدان حاجي خدابخش راڄڙ وٽ 2 ڪروڙ 75 لک جا انعامي بانڊ آهن. بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پاڻ وٽ 2 ڪروڙ 57 لکن جا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم ڄاڻايا آهن. گهوٽڪي جي سردار علي گوهر مهر ۽ نوشهري فيروز جي غلام مرتضيٰ جتوئي وٽ پنجاھ پنجاھ لکن جا بانڊ آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي وٽ 25 لک، ايم ڪيو ايم جي سيد وسيم وٽ 42 لک 40 هزار، ٽنڊو الهيار جي عبدالستار بچاڻي وٽ 25 لک 30 هزار جا بانڊ آهن. ڪراچي سان تعلق رکندڙ رشيد گوڊيل وٽ 28 لک، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي وٽ هڪ ڪروڙ 30 لک، ساجد احمد وٽ 28 لک، سمن سلطانه جعفري ۽ شازيه صوبيه وٽ پنج پنج لک، شڪارپور سان تعلق رکندڙ ايم پي اي شهريار مهر وٽ 40 لک جا انعامي بانڊآهن.
پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به بانڊ رکڻ ۾ اڳڀرا: اهڙيءَ ريت قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاھ وٽ 35 لک، سکر سان واسطو رکندڙ نعمان اسلام شيخ روڪ رقم ۽ پاڻ وٽ موجود انعامي بانڊن جي ڪل رقم 33 لک 28 هزار ڄاڻائي آهي. لاڙڪاڻي جي نذير ٻگهيي وٽ 25 لک، نوابشاھ مان چونڊيل ڊاڪٽر عذرا پيچوهي وٽ 80 لک، نواب وساڻ وٽ 18 لک، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر وٽ 52 لک، سانگھڙ مان قومي اسيمبلي جي ميمبر روشن جوڻيجي وٽ 21 لک، قومي اسيمبلي جي ميمبر شگفته جماڻي وٽ 73 لک 60 هزار، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو وٽ 25 لک، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني وٽ 1 ڪروڙ 48 لک، عابد ڀيي وٽ 18 لک 60 هزار، جيڪب آباد سان واسطو رکندڙ مير ممتاز جکراڻي وٽ 40 لک، عبدالرئوف کوسي وٽ 50 لک، عبدالستار راڄپر وٽ 18 لک، نواب شاھ جي سيد فصيح احمد شاھ وٽ 30 لک، اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ وٽ اڍائي لک، ايم پي اي نعيم کرل وٽ 5 لک، اڳوڻي صوبائي گھرو وزير سهيل انور سيال وٽ 45 لک، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ عزيز جتوئي وٽ 35 لک، قمبر شهدادڪوٽ مان چونڊيل سنڌاسيمبلي سردار خان چانڊيو وٽ 86 لک 50 هزار، ضياءَ عباس شاھ وٽ 5 لک رپين جا انعامي بانڊ آهن.