اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نا اهلي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ پاران انهيءَ درخواست جي ايندڙ هفتي ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن ابتدائي ٻڌڻي ۾ آصف زرداري کي طلب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، ابتدائي ٻڌڻيءَ ۾ رڳو درخواست گذار جي موقف ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان پاران آصف علي زرداري جي نا اهليءَ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
هيلمٽ نه پائيندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏنو وڃي: لاهور هاءِ ڪورٽ
لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سڄي پنجاب ۾ بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائيندي پيٽرول ڏيندڙ پمپس سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ هيلمٽ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون حڪم جاري ڪري ڇڏيو، سڄي پنجاب ۾ هيلمٽ نه پائيندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس علي اڪبر قريشي حڪم ۾ چيو ته بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي ڪنهن به پيٽرول پمپ تي پيٽرول نه ڏنو وڃي.
جسٽس علي اڪبر حڪم ڏنو ته بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول فراهم ڪندڙ پمپس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پمپس کي سيل ڪيو وڃي.
اسلام آباد: جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجب فريال ٽالپر کي زرداري ۽ بحريه گروپس جي ڪمپني JV-OPAL-225 پاران هڪ ارب 22 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي. انهي ڪمپني جي عمارت جنهن پلاٽ تي قائم ڪئي وئي تنهن جو مالڪ حاڪم علي زرداري آهي.
علي جهانگير 30 مئي تي سفير واري عهدي جي چارج سنڀالي هئي
ڪراچي (م ڊ) امريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير علي جهانگير صديقي کي عهدي تان هٽايو ويو، جهانگير صديقي چيو آهي ته امريڪا سان اعتماد واري کوٽ ختم ٿي رهي آهي.
علي جهانگير صديقي کي هلندڙ سال 8 مارچ تي امريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو هو ۽ هن 30 مئي تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي هئي.
علي جهانگير صديقي جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ پريس رليز ۾ فرق هوندو هو، پر هن ڀيري پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ امريڪي هم منصب وچ ۾ ملاقات بابت پريس رليز ۾ فرق نه هو.
هن چيو ته امريڪا سان اعتماد واري کوٽ ختم ٿي رهي آهي ۽ اعتماد گڏ ڪم ڪرڻ سان ئي وڌندو آهي، افغانستان کانسواءِ امريڪا سان به ڪيترن ئي معاملن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.
سيوهڻ(ن پ ا) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو. فريال ٽالپر 13 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ قلندر جي درگاهه تي پهتي. فريال جي سڪيورٽي ۾ شامل گارڊز صحافين کي ڪووريج کان روڪي ڇڏيو. قلندر جي نگري تي حاضري دوران فريال ٽالپر سان سهيل انور سيال ۽ ضياءَ الحسن لنجار سميت ٻيا اڳواڻ به گڏ هئا.
ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڏکئي وقت ۾ بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو کي پيپلزپارٽي ۾ سرگرم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل سڄو ڏينهن صنم ڀٽو بلاول هائوس ۾ گذاريو، جنهن دوران هن نه رڳو بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي پر پ پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره، پ پ پ ڪي پي ڪي جي صدر همايون خان، پ پ پ بلوچستان جي صدر علي محمد جتڪ سان پڻ ملاقات ڪرائي وئي. بلاول هائوس جي ذريعن موجب صنم ڀٽو سان ٽنهي صوبن جي صدرن جيڪا ملاقات ڪئي، ان ۾ پارٽي جي ٽنهي صوبن ۾ صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي . پ پ پ جا ويجھا ذريعا ٻڌائين ٿا ته صنم ڀٽو جيڪا سياست کان هميشه پري رهندي آئي آهي، ان کي تازو سندس ڀاڻيجي ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي سياست ۾ اچڻ جي لاءِ آماده ڪري ورتو آهي. پ پ پ جا حلقا ٻڌائين ٿا ته ڪافي عرصي کان وٺي پ پ پ جا سينئر اڳواڻ ۽ سينئر ڪارڪن پارٽي اندر ڀٽي خاندان جي ڪنهن به فرد جي سرگرم نه هئڻ تي مايوس رهيا آهن، تنهنڪري پ پ پ جي ليڊرشپ فيصلو ڪيو ته ڀٽي خاندان سان تعلق رکندڙ صنم ڀٽو کي ماٺ جو روزو ٽوڙائي سياسي طور سرگرم ڪيو وڃي. ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينظير بٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب پڻ ڪندي، سياسي سرگرمين تي نظر رکندڙ حلقا ٻڌائين ٿا ته هڪ اهڙو موقعو جڏهن پ پ جي ليڊر شپ کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، تڏهن صنم جو امڪاني طور سرگرم ٿيڻ پ پ پ کي سياسي طور فائدو پهچائيندو.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ملڪ ۾ سياست جنگ جي ميدان جو نظارو ڏيکاري رهي آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن هڪٻئي سان سهڪار ڪن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته موجوده سياسي حالتون ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ مستقبل لاءِ خطرو آهن، هن چيو ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڳالهيون هاڪاري اڳڀرائي آهي پر ڳالهين کي حڪومت کي بنا جواز ڪريڊٽ کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سڀاڻي جيڪڏهن معاملا اڳتي نه وڌيا ته سڄو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو. هن چيو ته اپوزيشن کي گهرجي ته حڪومت کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ڏئي ۽ حڪومت جو به اهو فرض آهي ته اپوزيشن کي ساهه کڻڻ ڏئي، نالي ماتر احتساب ذريعي سياسي جماعتن کي ختم نٿو ڪري سگهجي، احتساب جي اهميت ۽ ساک تڏهن بحال ٿي سگهندي جڏهن اهو بنا فرق ۽ بنا امتياز هجي.
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير دوست محمد کوسه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي۾ شموليت اختيار ڪري ورتي،بلاول هائوس ڪراچي ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير سردار دوست محمد کوسه پپيلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،آصف رزداري دوست محمد کوسه جي شموليت جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دوست محمد کوسه جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت سان پارٽي ڏکڻ پنجاب ۾ مضبوط ٿيندي،اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب عوام جي امنگن مطابق صوبو ضرور بڻجندو،ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي جدوجهد جاري رهندي.ان موقعي تي دوست محمد کوسه آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ئي ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پنهنجو حق ڏياري سگهي ٿي،انهيءَ موقعي تي قمر الزمان ڪائره ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
ملير نديءَ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف نيب جو ڪال اپ نوٽيس سياسي انتقام آهي: قائم علي شاهه
نيب جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي: قائم علي شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جون پريشانيون وڌي ويون، نيب طرفان ڪال اپ نوٽيس اماڻڻ خلاف گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
قائم علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ورتي، درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ملير ندي جي زمين جي الاٽمينٽ تي 18 ڊسمبر تي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته زمين الاٽ ڪرڻ بعد اها الاٽمينٽ رد به ڪئي وئي هئي.
قائم علي شاهه درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته نيب پيپلزپارٽي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، نيب جو ڪال اپ نوٽيس به سياسي انتقام جي برابر آهي، نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نيب کي منهنجي گرفتاري کان روڪيو وڃي.