fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

حيدر آباد جيم خاني جي مستقبل جي انتظامي معاملن بابت انيڪ سوال!

فيض کوسو

حيدرآباد ۾ وڏن ماڻهن جي ڪلب جيم خانا ۾ هن وقت عدالت جي اسٽي آرڊر جي ڪري جيتوڻيڪ چونڊ سرگرمين جو ته ڪو ماحول ناهي، پر ڪلب جي صدر ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽ جاويد جوڻيجي جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪلب جي مستقبل جي انتظامي معاملن بابت انيڪ سوال پيدا ٿي پيا آهن. ڪجهه ميمبرن جو خيال آهي ته ڪلب ۾ هاڻي جڏهن به انتظامي عهدن ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ ٿيندي تڏهن چونڊن جو اهو چهچٽو نظر اچي نه سگهندو، جيڪو چهچٽو ٻن روايتي حريفن جاويد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر هادي بخش جي آمهون سامهون بيهڻ جي ڪري نظر ايندو هو. ٿيندو ايئن هو جو جڏهن جيم خانا ۾ چونڊ شيڊيول جو اعلان ٿيندو هو تڏهن سياسي سرگرميون ايترو ته عروج تي وڃي پهچنديون هيون، جو لڳندو هو ته هي چونڊ ڪنهن ننڍڙي ڪلب جي انتظامي ۽ مينجنگ ڪاميٽي جي چونڊ ناهي پر اها چونڊ ملڪ جي ڪنهن وڏي ايوان ۾ ٿيندڙ ڪنهن وڏي عهدي جي چونڊ هجي. جيم خانا ۾ هن وقت ڪل وقتي صدر ناهي، انهي جون ذميواريون هڪ وقتي صدر جي حوالي ٿيون آهن، اهڙي ريت سيڪريٽري جي عهدي جون ذميواريون به ڪل وقتي سيڪريٽري بدران وقتي سيڪريٽري انجام ڏئي رهيو آهي. جيم خانا جي سياست تي نظر رکندڙ ۽ ان جي آئين کي سمجهندڙ ميمبرن جو خيال آهي ته جيم خانا جو انتظام هن وقت ايڍاڪ بنيادن تي هلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته خاص طور سيڪريٽري جي عهدي تي ڪنهن وقتي سيڪريٽري جو مقرر ٿيڻ ان جي آئين جي خلاف تصور ٿئي ٿو. جيم خانا جو چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ ڪلب جي مرحوم صدر جاويد جوڻيجي سان اختلافن جي ڪري اڍائي سال اڳ پنهنجي آفيس کي تالو ڏئي، ڪنڊائتو ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي پنهنجي هڪ فيصلي تحت ساجد ڀٽو کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين ڪلب جو قائم مقام سيڪريٽري مقرر ٿيل آهي. ڪلب جي چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جو چوڻ آهي ته جيم خانا جي آئين ۾ ڪنهن به قائم مقام سيڪريٽري جي ڪا گنجائش موجود ناهي، ۽ ڪلب کي غير قانوني طور هلايو پيو وڃي، هن جو چوڻ آهي ته ڪلب جي آئين تحت بينڪن ۾ ٿيندڙ پئسن جي ڏيتي ليتي وارن چيڪن تي ٽن مان ٻن عهديدارن کي صحيحون ڪرڻيون آهن، جن۾ سيڪريٽري ۽ خزانچي شامل هجن ٿا، سيڪريٽري يا خزانچي جي نه هجڻ جي صورت ۾ پوءَ اهي صحيحون صدر به ڪري سگهي ٿو، هاڻي جڏهن ڪلب جو ڪل وقتي صدر ۽ ڪل وقتي سيڪريٽري موجود ناهن رهيا ته پوءِ بينڪن ۾ ٿيندڙ ڏيتي ليتي وارن چيڪن تي صحيحون به غيرقانوني آهن، ڪلب جي وقتي سيڪريٽري ساجد ڀٽو جي دعويٰ آهي ته هو آئين پٽاندر ڪلب جو وقتي سيڪريٽري مقرر ٿيل آهي ۽ کيس مينجنگ ڪاميٽي وقتي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن مينجنگ ڪاميٽي جي سڀني ميمبرن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا. هناعترافڪيوتههوئيماليمعاملن۾پنهنجيصحياستعمال ڪري ٿو ۽ آئيني طور ڪلب “۾ ڪو بهانتظاميبحرانموجودناهي،
جيم خانا جون چونڊون آخري ڀيرو 2013ع ۾ ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ ڪلب جا پنج ميمبر عارف پاشا، غلام حسين ميمڻ، غلام سرور قريشي، مرحوم ڊاڪٽر انور لغاري ۽ الهڏتو شر ڪلب کي آئين تحت نه هلائڻ واري معاملي خلاف عدالت ۾ ويا هئا، جنهن کانپوءِ عدالت چونڊن جي حوالي سان اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو هو، مرحوم جاويد جوڻيجي جي لاڏاڻي سبب ميمبرن وچ ۾ هلندڙ اختلاف جيتوڻيڪ پاڻمرادو دم ٽوڙي چڪا آهن، پر ڪلب جي مالي معاملن جي حوالي سان مختلف فورمن تي ٿيندڙ جاچ جو عمل پنهنجي جاءِ تي اڃا موجود آهي، ڪلب جي متوقع چونڊن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اميدوار سامهون ايندا، اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو، پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ مرحوم جاويد جوڻيجي جو فرزند اميد علي عرف علي جوڻيجو ڪلب جي چونڊن ۾ سرگرم ضرور رهندو. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي اميد علي عرف علي جوڻيجي چيو هو ته پنهنجي والد جي نالي سان جيم خانا ۾ جڙيل پينل برقرار رکندو، ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندو، جنهن جي تياري هن هينئر کان ئي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بابا جي نالي سان ٺهندڙ پينل ۾ ڪهڙا اميدوار هوندا اها ته ايندڙ وقت جي ڳالهه آهي، پر آئون انهن چونڊن ۾ بابا جيان سرگرم رهندس. ٻئي طرف جيم خانا جي چونڊن ۾ مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي جيم خانا جي سياست تان هٿ کڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر هادي بخش چيو ته هو پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مصروف آهي، ان ڪري هو هاڻي جيم خاني جي سياست ۾ حصو نه وٺندو. پنهجي اخبار جي ان سوال تي ته سائين جيم خانا ڪيئن ٿو هلي؟ جواب ۾ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ٺهه پهه چئي ڏنو ته مڙس کانسواءِ بيواه به هلندي رهندي آهي سو جيم خانو به هلي پيو. جيم خانا جي پاسيرو ٿي ويل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هو جيم خانا جي انتظامي معاملن ۾ اڃا به گهڻي دلچسپي رکي ٿو. ڪچهري ئي ڪچهري ۾ هن ٻڌايو ته هو ڪلب جي پيٽرن ان چيف سان ذاتي طور ملاقات ڪندو ۽ ان جي صلاح جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙيندو، جيم خانا جي انتظامي معاملن جي حوالي سان سندس چوڻ آهي ته وقتي سيڪريٽري مالي معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، پر جيڪڏهن هو ايئن ڪري رهيو آهي ته اهو عمل غيرقانوني آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيم خانا ڪلب تي گذريل 25 سالن کان هڪ ئي ڌڙي جو راڄ رهيو آهي، جنهن جو مقابلو ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ۽ سندس پينل ڪندو رهيو آهي، پر هن ڌڙي کي ڪا وڏي ڪاميابي ملي نه سگهي آهي .مرحوم جاويد جوڻيجي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ جيم خانا جي سياست ڪهڙو رخ اختيار ڪندي، اهو ته فيصلو ايندڙ وقت کي ئي ڪرڻو آهي، پر هاڻي به جيم خانا جي هوائن ۾ ان جي ايڍاڪ بنيادن تي هلندڙ انتظامي معاملن جي حوالي سان سرگوشيون بهرحال هلندڙ آهن. ڏسڻو اهو آهي ته جيم خانا جي انتظامن کي مستقل بنيادن تي ڪيئن ٿو هلايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪهڙا نوان چهرا ٿا ميدان ۾ اچن.

Bookmark the permalink.