
سياري ۾ سکر شهر رات جي پوئين پهر ۾ ڪوهيڙ ۾ وڪوڙجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڪوهيڙ جهڪي به ٿيندي آهي ته شهر کي ڌوڙ ۽ دز اهڙي نموني وڪوڙي ويندي آهي جو خبر ئي ناهي پوندي ته ڌوڙ جو وقت ڪهڙو آهي ۽ دز جو ڪهڙو. پر حقيقت اها آهي ته گذريل چئن ڏهاڪن کان دز هن شهر مٿان ڇانيل ئي رهندي آهي، ان جو ڪارڻ ڪو طوفان ناهي نه وري شهر وارياسي علائقي ۾ آهي. اهڙي فضائي لٽ ته صحرا جي ويجهو پوئتي پيل علائقي جي شهر صالح پٽ ۾ به ناهي. هن شهر جي ”قسمت“ لاجواب آهي جو چئن ڏهاڪن کان ”ترقياتي ڪم“ هلن ٿا، لکن يا ڪروڙن ۾ نه پر اربن ۾ خرچ ٿين ٿا ۽ اهي ترقياتي ڪم ڪڏهن به ختم نه ٿا ٿين، ڀلي اهو ڪو ٻن ٽن ڪلوميٽرن جو روڊ هجي يا وري ڪنهن گهٽيءَ جي ڪا نالي يا فرشبندي. هن وقت به سکر جي ”قسمت“ جا اهي دروازا کليل آهن، رڳو قسمت جا ڇو سکر بيراج جا به بنديءَ لاءِ دروازا کلڻ وارا آهن ۽ پوءِ دريا ڪنڌي هجڻ باوجود شهر پياسو هوندو! اها ڪار هن شهر سان ڪا نئين به ناهي ۽ ايتري پراڻي به ناهي جو حافظي ۾ نه اچي، ان لاءِ نساسڪ جي نالي پيسا ڪيئن ان پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا جيڪو سکر جي شهرين پيتو ئي نه، اهڙي صفائي سان کپايا ويا جو ماڻهن شهر جي اهڙي صفائي ڏٺي ئي نه! خير هن سياري ته ماڻهن سان واهه جي ڪئي آهي. گهرن ۾ گئس ناپيد آهي ته سياري ۾ ڪيترن ئي فيڊرز مان بجلي ڏهن کان ارڙهن ڪلاڪن تائين گڏهه جي سڱن جيان گم آهي. اهڙي ڪار شايد اڳ ۾ ساڻن ڪڏهن ڪنهن ڪئي هجي. مٿان وري ادارن جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت اهڙي جو هڪ ٻئي کي ڪم جو اطلاع نه ڏين. گذريل هفتي شهر جي وڏي حصي ۾ گيس پائيپن ۾ ايترو پاڻي ڀرجي ويو جو اهڙو ته ڪڏهن نلڪن ۾ نه آيو هوندو ۽ ڏينهن جو گيس ڌار گم هئي جيڪا هاڻ سي اين جي اسٽيشنن تي آهي. گهرن ۾ گيس رڳو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ٽي ٽي ڪلاڪ اچي ٿي، ان تي به ماڻهو شڪر ڪرڻ تي مجبور آهن. ٺهيل روڊ اکيڙيا ويا آهن ۽ دستور موجب نون روڊن جي آسري ماڻهو چپ آهن. ملٽري روڊ جي ڌوڙ اڌ شهر تي ڇانيل هوندي آهي. ڀلا هاڻ ماڻهو دانهن ڏين به ته ڪنهن کي؟ اڳ ۾ سکر ۾ ”شاهه هائوس“ ۽ ”سکر(شيخ) هائوس“ ۾ تضاد چوٽن تي هيو پر 2018ع جي اليڪشن ۾ ضلعي ۾ پي ٽي آءِ جي آمد ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي ڪري شيخ هائوس عرف سکر هائوس جي ويڇن کي ونگ وجهي ڇڏيو ۽ ٻئي سياسي اڳواڻ هاڻ بظاهر هڪ ٻئي مخالف نظر نه ٿا اچن ڇو ته اڳ ۾ اڻ لکيل معاهدي تحت شهر جي بادشاهي اسلام دين شيخ کي مليل هئي جو پاڻ سينيٽر، ٻه پٽ ايم اين اي ۽ ميئر اٿس، جڏهن ته باقي ضلعو خورشيد شاهه جي حوالي هو جنهن جو هڪ پٽ ايم پي اي ۽ ڀائٽيو صوبائي وزير آهي. پني عاقل جو ايم پي اي به ڏانهس لاڙو رکندڙ آهي. باقي ناصر حسين شاهه ٻنهي پاسي هٿ جوڙي مان ڪم وٺي رهيو آهي. سکر شهر ۾ هاڻ خورشيد احمد شاهه جو به اسٽيڪ جڙي ويو آهي جو جنهن تڪ جي حصي جو ميئر سينيٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ ارسلان شيخ آهي ان تڪ تي ايم پي اي خورشيد احمد شاه جو پٽ فرخ شاهه ايم پي اي آهي، سو هاڻ ان اڻ لکيل معاهدي جي ڪا به اهميت ناهي رهي، ماڻهن لاءِ مسئلن جي حل نه ٿيڻ جا ذميوار ٻئي ليکيا ٿا وڃن. مٿان وري پي ٽي آءِ جا پرڙا به گهمن پيا جو مبين جتوئي ۽ طاهر شاهه جي سياست به سکر ۾ هلندڙ آهي. پي ٽي آءِ وارن توڙي ميونسپل به فوٽ پاٿن کي کوٽائي انهن ۾ وڻن جون چڪيون ته لڳايون آهن پر سنڀار ڪير ڪري ۽ اکيڙ کي ڪير سڌاري! مٿان وري گهر اسڪيم لاءِ ضلعي انتظاميا نادرا کي ڪا آفيس نه ڏني ته اهي ڊي سي آفيس آڏو موبائيل گاڏي ۾ فارم جاري ڪندا رهيا ۽ 20 ڊسمبر آخري تاريخ تائين ضلعي انتظاميا کين ڪا به لفٽ نه ڪرائي ايئن ئي جيئن اسڪيم جي افتتاح واري ڏينهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي نه ڪرائي وئي هئي. ڏسڻو اهو آهي حد دخلين لاءِ جيڪا مهم شروع ٿي رهي آهي ان ۾ هن شهر کي سياسي حددخليون قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو يا ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪا دخل اندازي ڪئي ٿي وڃي! مٿان وري بدامني جي دز به شهر تي ڇائنجي وئي آهي. چورين جون وارداتون شروع ٿيون ته هر ڪنهن سمجهيو ته ڪي عادي يا شوق خاطر چور نڪتا آهن پر ڦرن جي واقعن ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو. مٿان وري گذريل هفتي هڪ پڙهيل جوان رميش لال کي شو روم مان نڪرڻ مهل اغوا ڪيو ويو ته هراس جي هڪ ٻي چادر شهر مٿان ڇائنجي وئي آهي، سندس بازيابي جو ڪوششون به اهي ئي روايتي آهن ۽ وري هڪ ڏينهن اڳ سکر شهر ٻاهران ٻٻرلو باءِ پاس وٽ ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڦر جا اهي واقعا ئي اصل ۾ وڏي ڏوهه کي هٿي ڏيندا آهن، انهن تي ضابطي سان اغوا جو ڏوهه سولو ناهي هوندو. اها بدامني سکر، خيرپور ۽ شڪارپور ضلعن ۾ وري ڀڙڪي آهي، ان ڪري اهو سوال به اڀري ٿو ته ڪٿي اغوا انڊسٽري وري سرگرم ته نه پئي ٿئي. اهڙي انڊسٽري جا سبب ڪي ڳجها ناهن رهيا.