
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪار اديتيا راءِ ڪپور سماجي رابطن وار ويب سائٽ انسٽاگرام تي اچي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار اديتيا راءِ ڪپور جي انسٽاگرام هلائڻ جو اعلان ادڪار ورون ڌون طرفان جاري ڪيل هڪ مزاحيه وڊيو ۾ ڪيو ويو.
وڊيو ۾ ورون ڌون ٻڌائي رهيو آهي ته اڄوڪي دور ۾ انسٽاگرام تمام ضرورو ٿي ويو آهي، ادڪار جي حيثيت ۾ مون کي پنهنجي فلمن ۽ پاڻ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مشهوري ڪرڻي هوندي آهي، تنهنڪري آئون اچي ويو آهيان ۽ روزانو انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪندس.
هوڏانهن اديتيا راءِ ڪپور فلمساز ڪرن جوهر جي نئين فلم “ڪلنڪ” ۾ نظر ايندو.