
ممبئي (اينٽرٽينمينٽ) هلندڙ سال جي بهترين شادي قرار ڏني ويندڙ ڀارت جي امير ترين شخص مڪيش امباني جي ڌيءُ کي سندس ساهرن پارن ارب روپين جو محل نما گهر تحفي ۾ ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشا امباني کي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي ۾ پنجاهه هزار فوٽن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل محل نما گهر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي وَر آنند پيرامل سان گڏ منتقل ٿيندي. ممبئي ۾ موجود ان گهر جي خاص ڳالهه اها آهي ته اتان ممبئي جو خوبصورت منظر نظر اچي ٿو. ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيل محل کي شيشي توڙي اسٽيل سان تيار ڪيو ويو آهي. ايشا امباني جي گذريل 35 سالن ۾ ٿيندڙ سڀ کان مهانگي شادي قرار ڏني پئي وڃي.