fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

راحت فتح علي جي آواز ۾ فلم سمبا جو گيت ”تيري بن“ جاري

بالي ووڊ اسٽار رنوير سنگهه ۽ سارا علي خان

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اسٽار رنوير سنگهه ۽ سارا علي خان جي فلم “سمبا” جي رومانوي گيت ” تيري بن نهين لگدا دل ميرا “ ريليز ڪيو ويو آهي. سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ بالي ووڊ جي ننڍي نواب جي نياڻي سارا علي خان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي ۽ فلم 28 ڊسمبر تي سئنما گهرن جي سونهن بڻجندي. اهو گيت قوالي جي شنهشاهه راڳي استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت آهي جنهن کي فلم ۾ ريمڪس ٺاهي پيش ڪيو آهي. تيري بن نهين لگدا دل ميرا جو ريمڪس گيت 3 منٽ 35 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ راڳي راحت فتح علي خان پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايو آهي. گيت کي سوئيزر لينڊ جي خوبصورت وادين ۾ عڪسبند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رنوير سنگهه ۽ سارا ٻئي دلڪش نظر اچي رهيا آهن. تيري بن نهين لگدا دل ميرا گيت کي ريليز ٿيڻ جي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ يوٽيوب تي ٻه لکن کان وڌيڪ مداح ڏسي چڪا آهن.  فلم سمبا ۾ سارا ۽ رنوير جي جوڙي پهريون ڀيرو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي جڏهن ته فلم ۾ سونو سود ۽ آشوتوش راڻا کانسواءِ اجي ديوگن مختصر ڪردار ۾ نظر ايندو. ڪرن جوهر جي پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري روهت شيٽي ڏنِي آهي.

 

Bookmark the permalink.