fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

راڳ سکڻ لاءِ ڏهه سالن تائين شمن ميرالي جي اوطاق تي ٻهاري ڏني: اختيارعلي دايو

16 سالن جي عمر ۾ شمن ميرالي کان راڳ ڪي سکيا حاصل ڪئي: پنهنجي اخبار سان ڳالهيون

ڪيسٽ جو دور ختم ٿي ويو آهي پر پوءِ به سنڌي گيت شوق سان ٻڌجن ٿا: اختيار علي دايو

ميان صاحب ( ڳالهه ٻولهه: زبير شيخ ) سنڌ جي ناليواري راڳي اختيار علي دايو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ ڪيسيٽ جو دور ختم ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود ماڻهو سنڌي گيتن کي شوق سان ٻڌن ٿا. هن چيو ته مون 16 سالن جي عمر ۾ شڪارپور پهچي ان وقت هاڻوڪي سنڌ جي مشهور راڳي استاد شمن علي ميرالي وٽ راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو هوس جتي مون استاد شمن ميرالي جي اوطاق تي مسلسل 10 سالن کان وڌيڪ ٻهاري ڏني ۽ سندس گهر جو سودو وٺندو هيس. هن چيو ته راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، پر اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا ۽ چينلز وڌيڪ هجڻ ڪري هر ماڻهو ڳائي رهيو آهي، جنهن سان سٺو آواز ۽ سٺي شاعري ٻڌڻ ۾ نه پئي اچي. اختيار دايو چيو ته هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪري چڪو آهيان، جڏهن ته سنڌ جي مشهور شاعرن قاصر نواز، وحيد هڪڙو، منظور شاهه، گهايل سومرو، اختيار شاهه، مختيار شاهه، ساگر شاهه ۽ ذوالفقار منگي سميت ٻين جي شاعري ڳائي آهي ۽ عوام پاران ڀرپور موٽ پڻ ملي آهي. هن چيو ته هن وقت اڪثر ماڻهو سٺي شاعري ۽ سٺي آواز کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو وري ولگر (غير روايتي) فنڪارن کي پسند ڪن ٿا، جيڪو نه هجڻ گهرجي. اختيار دايو چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فنڪارن جي سار سنڀال لهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا کوڙ فنڪار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا پر وٽن علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي هوندي.

Bookmark the permalink.