
لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ ماهره خان جي نئين فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جون جهلڪيون جاري ٿيندي ئي فلم تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به فلم جي واکاڻ جاري آهي.
فلم جي ڀارتي سليبريٽيز به واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، سڌارت ملهوترا، ڪرن جوهر ۽ انو راگ ڪيشپ ته جهلڪيون ڏسي فلم بابت خيالن جو اظهار ڪيو، پر هاڻي بالي ووڊ اسٽارز عاليه ڀٽ ۽ سونم ڪپور به فواد خان جي فلم جي واکاڻ ڪندي ٽوئيٽر ڪندي لکيو ته شاندار ٽريلر آهي.
بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، ماهره خان، حمائمه ملڪ، حمزه علي عباسي، گوهر رشيد، فارس شفيع، شفقت چيما، نيئر اعجاز ۽ صائمه بلوچ به شامل آهن.