fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪم نه ملڻ تي سونو نگم کي پاڪستاني گلوڪارن تي ڪاوڙ

سٺو هو پاڪستاني هجان هان، فلمن ۾ گيت ڳائڻ جو ڪم ته ملي وڃي هان: سونو نگم

پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ۽ ڀارتي گلوڪار سونو نگم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري ڳائڻي سونو نگم پاڪستاني گلوڪارن کي ڀارتي فلمن ۾ ڪم ملڻ تي ڪاوڙجي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سونو نگم چيو آهي ته سٺو هجي هان ته هو پاڪستاني هجي هان، گهٽ ۾ گهٽ پاڙيسري ملڪ مان هجڻ تي کيس فلمن ۾ ڪم ته ملي وڃي هان.  هن چيو ته ميوزڪ ڪمپنيون جيڪو رويو ڀارتي گلوڪارن سان رکي رهيون آهن اهو رويو پاڪستاني گلوڪارن سان رکي ئي نٿيون ڪري سگهن. سونو نگم چيو ته موسيقي واريون ڪمپنيون ڀارتي گلوڪارن مٿان سخت شرط رکن ٿيون پر پاڪستاني گلوڪارن تي اهي شرط لاڳو نٿا ٿين. حيرانگي طور سونو نگم عاطف اسلم کي پنهنجو دوست قرار ڏيندي چيو ته ڪاش هو به پاڪستاني هجي هان، جڏهن ته هن ڀارت ۾ عاطف ۽ راحت فتح علي خان کي اهميت ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

Bookmark the permalink.