
ڪراچي (ڪلچرل نيوز) نامياري شاعر جون ايلياء جون 87هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. اردو شاعر، فلسفي ۽ پروگريسوِ مارڪسوادي جون ايلياء ڀارت جي اتر پرديش جي علائقي امروهه ۾ 14 ڊسمبر 1931 تي اک کولي. اترپرديش جي ناليواري خاندان ۾جنم وٺندڙ جون ايلياء ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. سندس پيءُ علامه شفيق حسن ايليا کي فن ۽ادب سان وڏو لڳاءُ هو، ان کانسواءِ هو هو نجمومي ۽ شاعر پڻ هو. اهڙي علمي ماحول جون ايلياء جي طبيعت به اهڙي ٺاهي. جون ايلياء پهريون اردو شعو رڳو 8 ورهين جي ڄمار ۾ لکيو. جون کي مختلف ٻولين سان وڏو لڳاءُ هو، اهڙي طرح هن عربي ۽ فارسي کانسواءِ انگريزي ۽ جزوي طور عبراني ۾ به مهارت حاصل ڪري ورتي. جون ايلياء فلسفي، اسلامي تاريخ، مسلم صوفي ريتن رسمن، مسلم مذهبي سائنس، اولهه جي ادب سميت ٻين موضوعن تي علم حاصل ڪيو. 1957ع تي پاڪستان لڏي ڪراچي کي رهائشگاهه بڻايو. اتي هو ٿوري عرصي ۾ ئي شهر جي ادبي ڌرين ۾ وڏو مشهور بڻجي ويو. سندس شاعري وڏي مطالعي جي عادت جو چٽو ثبوت هئي، جنهن سبب ئي کيس وڏي انگ ۾ مداح ۽ پذيرائي ملي. جون ايلياء جو پهريون شعري مجموعو سندس 60 ورهين جي ڄمار ۾ شايع ٿيو. ٻيون شاعري مجموعو ”يعني“ سندس لاڏاڻي بعد 2003 ۾ شايع ٿيو، ۽ ٽيون شاعري مجموعو ”گمان“ 2004 ۾ ڇپيو. جون ايلياءَ جي شاعري جي مشهور ڪتابن ۾ ”شايد، يعني، گمان، گويا ۽ فرنود شامل آهن. انهن کانسواءِ سندس ڪتاب رموز به 2016 ۾ ڇپجي چڪو. جون ايلياء نه رڳو شاعر پر ايڊيٽر ۽ ترجمه نگار پڻ هو. جون ٻولي جي معاملي ۾ خاص هو، روايتي رسمن ۾ سندس لهجو شامل آهي، جون ايلياء شاعري ۾ سدائين نون موضوعن کي ڇيڙيو. جون ايلياء 8 نومبر 2002 تي 70 ورهين جي ڄمار
ميگهن مارڪيل گوگل تي سڀ کان وڌيڪ ڳولي ويندڙ شخصيت بڻجي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ”آئڊيل“ نه ڳولي سگهڻ سبب جون ايلياء جي طبيعت ڪاوڙيل ۽ ڀٽڪيل ٿي پئي.