ڪراچي (ڪلچرل نيوز) ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري مزيدار ۽ لذيذ کاڌن جو فيسٽيول لڳايو ويو. ٿڌين هوائن ۾ گرما گرم کاڌن سان گڏ گلوڪاره زويا جيسوال جي گيتن فيسٽيول کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. سرد راتين ۾ سمنڊ ڪناري ”بيچ پارڪ“ تي لڳايل ٽن ڏينهن جي فوڊ فيسٽيول ۾ گرم چانهن، چپلي ڪباب، سيخ ڪباب، افعاني بوٽي ۽ چٽ پٽي کاڌا شهرين جي ڌيان جو مرڪز رهيا. شهرين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سرد هوائن فيسٽيول جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، ايونٽ ۾ گلوڪاره زويا جيسوال جو مڌر آواز تي ماڻهن نچندا رهيا. مزيدار ديسي کاڌن سان سجايل فوڊ فيسٽيول آچر تائين جاري رهندو.