
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال چيو آهي ته ڪشمير جهڙي خوبصورتي دنيا ۾ ناهي، جڏهن ته ڪشمير جهڙي جڳهه ڀارت سميت دنيا ۾ ناهي. ارجن رامپال هن وقت پنهنجي ايندڙ ويب سيريز جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل آهي، جتي هن شوٽنگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي رائزنگ ڪشمير نالي ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي ارجن رامپال چيو ته هن دنيا ۾ ڪشمير جهڙي خوبصورتي هن ڪٿي به ناهي ڏٺي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير خدا جو تحفو آهي، هتي اچي کيس احساس ٿيو آهي ته هيءَ جڳهه قدرتي آهي. ارجن رامپال چيو ته ڀارتي فلمسازن کي ڪشمير اچي فلمن جي شوٽنگ ڪرڻ گهرجي. ارجن رامپال جي ويب سيريز “ دي فائنل ڪال” جي شوٽنگ ڪشمير ۾ جاري آهي، جنهن ۾ هو هڪ ڪشميري شخص سان دوستي ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.