fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ملي سائرس هيمسورٿ سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي

ملي سائرس سوشل ميڊيا ذريعي آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪئي

ليام هيمسورٿ ۽ ملي سائرس آچر ڏينهن شادي ڪئي، خاص تقريب به ٿي
ملي سائرس هيمسورٿ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ ڳائڻي ملي سائرس آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ ملي سائرس پنهنجي ور سان گڏ مٺي جي تصيور شيئر ڪئي، هن شادي جي حوالي سان تصوير به شيئر ڪئي، جيڪا آچر ڏينهن ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي هلي رهيون آهن. ٻئي ڄڻا ڏهه سال اڳ “لاسٽ سانگ” فلم جي شوٽنگ دوران مليا، جنهن کانپوءِ سندن وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون هلنديون رهيون آهن. جوڙي پاران 2012ع ۾ مڱڻي ڪئي هئي پر اها هڪ سال اندر ئي ختم ٿي وئي هئي، پر هلندڙ سال نومبر ۾ هڪڀيرو ٻيهر سندن شادي جون خبرون سامهون آيون هيون.

ايندڙ فلم ڏسڻ کانپوءِ نقادن جا وات بند ٿي ويندا: ڪنگنا راناوت

ڪنگنا راناوت ايندڙ فلم ۾ جهانسي جي راڻي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

منهنجي فلمن تي تنقيد ڪندڙ مانيڪارانيڪا ڏسڻ کانپوءِ چپ ٿي ويندا: ڪنگنا
ڪنگنا راناوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪوئين ڪنگنا راناوت پنهنجي ايندڙ فلم جي باري ۾ ايترو تي پراميد آهي، جو سندس چوڻ آهي ته هن جا نقاد ايندڙ فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجا وار بند ڪري ڇڏيندا. انڊين ايڪسپريس موجب
ڪنگنا راناوت جو چوڻ هو ته سندس خيال آهي ته جيڪي هن ۽ فلم خلاف ڳالهائي رهيا آهن، اهي فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي وات بند ڪري ڇڏيندا.
سندس چوڻ هو ته شروع ۾ کيس اها فلم ڏکي لڳي پر فلم ٽيم جي مدد سان بهترين ڪم ڪيو ويو آهي. ڪنگنا فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ پهريون ڀيرو ڪو ڊائريڪشن پڻ ڏئي رهي آهي. فلم جي ليکڪ جي حوالي سان ڪنگنا چيو ته هن ايندڙ فلم به ساڳيو ڪهاڻيڪار لکي رهيو آهي، جيڪا هڪ پيار جي ڪهاڻي آهي. ڪنگنا راناوت جي مانيڪارانيڪا ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

ايڪشن سان ڀرپور هالي ووڊ فلم الادين جون جهلڪيون جاري

فلم جي ڪهاڻي چراغ ۾ قيد جن ۽ الادين جي زندگي چوڌاري گهمي ٿي

هالي ووڊ فلم الادين جو پوسٽر

لاس اينجلس (شوبز نيوز) وچ اوڀر جي مشهور تاريخي ڪهاڻي الادين بابت هالي ووڊ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار مينا مسعود ادا ڪندو، جڏهن ته ول سمٿ جيني ۽ نومي اسڪاٽ جاسمين بڻجندي. الادين جو نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ول سمٿ ۽ مرڪزي ڪردار پاران پنهنجي مداحن نالي پيغام پڻ جاري ڪيو آهي. فينٽسي ۽ جادو سان گڏ ايڪشن سان ڀرپور فلم ايندڙ سال مئي ۾ ريليز ٿيندي. ڊزني جي ان فلم جو تمام گهڻو انتظار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته تاريخي فلم کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي. فلم جي هدايتڪاري گاءِ رچي ڏني آهي، جڏهن ته فلم کي موشن پڪچرز ڊزني والٽ اسٽوڊيو جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي.

پاڪستاني فلم انڊسٽري ڏکئي دور مان گذري رهي آهي: ريما

اسان جي فلم انڊسٽري وڌيڪ بهتر ۽ ترقي جي راهه تي اچي سگهي ٿي

پاڪستاني اداڪارھ ريما

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني فلم اسٽار ريما خان چيو آهي ته فلم انڊسٽري بابت منهنجي سوچ هاڪاري آهي ۽ اسان جي فلم انڊسٽري وڌيڪ بهتر ۽ ترقي جي راهه تي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان انڊسٽري ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، پر مستقبل مان سٺيون اميدون رکڻ گهرجي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريما خان چيو ته فنڪار پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي، جيڪو عام کي خاص بڻائي ٿو ان توهان تي حق هوندو آهي ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندي مون تي ذميواري آهي ته مان پاڪ سر زمين جي نالي کي وڌيڪ سنواريان.
هن چيو ته اڄ مون جيڪا مشهوري ماڻي آهي، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان سبب آهي، جنهن مون تي جڏهن به تنقيدڪئي ته مون دل تي نه ورتو.
سندس چوڻ هو ته روين ۾ تبديلي آڻي ئي اسان بهتري ڏانهن وڌي سگهون ٿا.

سمبا جو هيرو سنگهم کان مختلف آهي: روهت شيٽي

سمبا جو مرڪزي ڪردار هيرو مخالف آهي، سنگهم جهڙو ناهي

ڀارتي ميڊيا ۾ سمبا ۽ سنگهم جي هڪجهڙائي جي خبرن تي هدايتڪار جو جواب
روھت شيٽي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ايڪشن ۽ ڪاميڊي فلمون ٺاهڻ ڪري مشهور روهت شيٽي پنهنجي نئين فلم سمبا بابت کلي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ سمبا ۽ سنگهم جي مرڪزي ڪردار جي هڪجهڙائي تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وئي، جنهن تي روهت شيٽي خاموشي ٽوڙيندي سمبا جي ڪردار کي هيرو مخالف ۽ سنگهم کان بلڪل الڳ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو پوليس تي ڪا فلم ٺاهيندو آهي ته اها سنگهم جهڙي ڪردار جيان هوندي ڇاڪاڻ ته اها فلم تمام گهڻي مشهور آهي. روهت شيٽي موجب سمبا جو ڪردار هيرو مخالف آهي، جيڪو بي ايمان، ڪرپٽ ۽ رشوت وٺندڙ آهي پر کيس حالتون تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

محرومين جي چڪر ۾ اسان جيئڻ وساري ڇڏيندا آهيون: شاهه رخ خان

ڪجهه جهلڪيون کانپوءِ پنهنجون فلمون ڪڏهن به ناهيان ڏسندو: ڪنگ خان

زيرو ظاهري طور محروم پر ڀرپور طريقي سان جيئڻ سيکاريندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي آهي: شاهه رخ
شاھ رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آ هي ته سندس نئين فلم زيرو اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جيڪي ظاهري طور ته محرومين جو شڪار آهن پر هو زندگي کي ڀرپور طريقي سان جيئڻ سيکارين ٿا. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي بالي ڪنگ خان چيو ته شاهه رخ خان چيو ته فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي منفرد آهي. هن چيو ته هو پنهنجو فلمون ڪڏهن به ناهي ڏسندو، فلم جون ڪجهه جهلڪيون فلم يونٽ سان ڏسندو آهيان، ان کانپوءِ فلم ڪڏهن به ناهيان ڏسندو. زيرو ابتدا کان شروع ڪرڻ جي ڳالهه آهي.

پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جوناس هني مون ملهائڻ سوئٽزرلينڊ ويندا

28 ڊسمبر تي سوئٽزرلينڊ روانا ٿيندا، ۽ ايندڙ سال 10 جنوري تي واپس ممبئي پهچندا

پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جوناس

 

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جوناس هني مون ملهائڻ سوئٽزر لينڊ ويندا. ڀارتي ميڊيا موجب نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا 28 ڊسمبر تي سوئٽزرلينڊ روانا ٿيندا، ۽ ايندڙ سال 10 جنوري تي واپس ممبئي پهچندا. جوڙو هني مون کان اڳ 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ممبئي ۾ آجياڻو ڏيندا. جڏهن ته آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ نڪ جوناس جو خاندان 18 ڊسمبر تي ممبئي پهچندو.

 

سيف علي خان پنهنجي ڌيءُ جي اداڪاري جون تعريفون ڪندي ٿڪجي پيو

بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڌيءُ جو سٺو مستقبل ڏسي رهيو آهيان: سيف علي خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان پنهنجي ڌيءُ سارا علي خان جي پهرين فلم ڪيدرناٿ جي ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي ۽ سندس ڪاميابي تي هر هنڌ تعريف ڪري رهيو آهي. سارا علي خان کي فلم انڊسٽري جو نئون اسٽار ڪوٺيو پيو وڃي. سيف علي خان ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سارا ڪيدرناٿ ۾ سندس اميد کان وڌيڪ سٺي اداڪاري ڪئي آهي، مان پنهنجي ڌيءُ لاءِ ڏاڍو خوش آهيان. سندس چوڻ هو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو سارا جو هو ۽ ان پنهنجي پرفارمنس ذريعي فيصلو صحي ثابت ڪيو آهي، سندس بالي ووڊ ۾ روشن مستقبل ڏسي رهيو آهيان. سيف علي خان چيو ته ماڻهن سارا جي اداڪاري جي تعريف ڪري بالي ووڊ سندس آجيان ڪئي آهي. سارا علي خان جي اداڪاري جي سندس ماٽيلي ماءُ ڪرينا ڪپور ۽ سوها علي خان به تعريف ڪئي هئي.