fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

انيل ڪپور ۽ سونم جي فلم “اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون جهلڪيون جاري

انيل ڪپور ۽ سونم ڪپور فلم ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا

پيءُ ڌيءُ پهريون ڀيرو گڏ نظر ايندا، راجڪمار رائو به اهم ڪردار ادا ڪندو
انيل ڪپور ۽ سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي منفرد اداڪار انيل ڪپور ۽ سندس لاڏلي ڌيءُ سونم ڪپور جي فلم اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. فلم ۾ انيل ڪپور هڪ فڪرمند پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٽريلر موجب سونم ڪپور پنهنجي پيءُ کان ڪو راز لڪائي رهي آهي. فلم ۾ راجڪمار رائو پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو سونم سان پيار ڪري ٿو پر هوءَ کيس پنهنجو سچ ٻڌائي ڇڏي ٿي. فلم بولڊ موضوع تي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سونم ڪپور کي هم جنس پرست جي ڪردار ۾ نظر ايندي. ٽريلر جاري ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهن ٽريلر کي ڏسي ورتو آهي. فلم ۾ جوهي چاولا به نظر ايندي، جڏهن ته فلم کي ايندڙ سال فيبروري ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.

جيڪولين يتيم ۽ بيمار ٻارن سان گڏ ڪرسمس ملھايو

جيڪولين يتيم ٻارڙن ۾ تحفا ورھائيندي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪرسمس يتيم ٻارڙن ۽ ڪينسر جي مريضن سان گڏ ملهائي.
اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪرسمس کان اڳ شام ڪيترن ئي يتيم خانن جو دورو ڪيو ۽ سانتا ڪلاز جو روپ ڪري ٻارڙن ۾ تحفا ورهايا.
اداڪاره جو چوڻ هو ته ڪرسمس خوشيون ورهائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ مون ان موقعي جي شروعات نيڪي سان ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي.
ذريعن موجب جيڪولين ٻارڙن سان گڏ نچندي ۽ ڳائيندي به رهي، ان سان گڏ تعليم حاصل ڪرائڻ جي اهميت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ڪرسمس جي موقعي تي اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪينسر اسپتال به وئي ۽ اتي مريضن جي عيادت ڪندي مريض ٻارڙن ۾ تحفا ورهايا.

شاهه رخ خان جي “زيرو” ٽن ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ ڪمائي سگهي

ڀارت جي هزارين سينيمائن ۾ ريليز ڪرڻ باوجود فلم ٻوٽو نه ٻاريو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي تازو ريليز ٿيل فلم ٽن ڏينهن اندر 50 ڪروڙ مس ڪمائي سگهي آهي، ريليز ٿيڻ جي ڏينهن 20 ڪروڙ ڪمائي کانپوءِ فلم ٻي ڏينهن صرف 18 ڪروڙ ڪمايا، جڏهن ته ٽئين ڏينهن به فلم جي ڪارڪردگي خاص نه رهي ۽ صرف 50 ڪروڙ ڀارتي روپيا ڪمائي ڪري سگهي آهي. زيرو ۾ شاهه رخ خان هڪ بندري قد واري شخص جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته انوشڪا شرما هڪ معذور جو ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم ۾ ذيشان ايوب ۽ ڪترينا ڪيف پڻ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن. فلم ٽن ڏينهن تائين سٺو ڪاروبار نه ڪري سگهڻ ڪري فلمسازن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

نصير الدين شاهه ڀارت ڇڏي پاڪستان وڃي: شيوسينا

ناميارو اداڪار نصيرالدين شاهه

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارت ۾ انتهاپسند پارٽين نامياري اداڪار نصير الدين شاهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کين ڀارت ڇڏي پاڪستان وڃڻ گهرجي.
شيوسينا جي ميمبر منيشا ڪياندي چيو آهي ته جيڪڏهن نصير الدين شاهه کي ڀارت ۾ رهندي پريشاني ٿئي ٿي ته هو پاڪستان منتقل ٿي وڃي. هن چيو ته اسان جذبا بلڪل ساڳي ريت مجروح ٿيا آهن جيئن اڳ عامر خان ۽ سندس گهرواري ڪرن رائو به اهڙو بيان ڏنو هو.
سندس چوڻ هو ته نصير الدين شاهه ٻيون اداڪار آهي، جنهن ڀارت ۾ رهندي ۽ فائدو وٺندي اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪئي آهي، جيڪڏهن هو هتي پاڻ کي فٽ محسوس نٿو ڪري ته کيس پاڪستان وڃڻ گهرجي.

فلم “الهيار اينڊ دي ليجنڊ آف مارخور” ٻيو ايوارڊ به ماڻي ورتو

فلم “الهيار يار اينڊ دي ليجنڊ آف مارخور” جو پوسٽر

اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) جهنگي جيوت تي ٻڌل ايني ميٽيڊ فلم “الهيار اينڊ دي ليجنڊ آف مارخور” ڏکڻ ايشيا عالمي فلم فيسٽيول ۾ بهترين فيچر فلم جو ايوارڊ کٽي ورتو.
پاڪستاني اينيميٽيڊ فلم اهو ٻيو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيائي عالمي فلم فيسٽيول ۾ ڏسندڙن جي راءِ تي ڏنو ويو. ان کان اڳ ان فلم کي موضوع ۽ ٽيڪنالاجي تحت “مونو لٿ” ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو.
فلم جي ٽيم سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جو اعلان ڪندي مداحن کي واڌاين جو پيغام ڏنو ته پاڪستان جي عزت ۾ اضافي سان اسان سڀ تمام گهڻو خوش آهيون.

سلمان خان هن ڀيري سالگره منفرد طور ملهائيندو

بالي ووڊ سلطان سلمان خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان هر سال جيان هن ڀيري به سالگره کي منفرد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان 27 ڊسمبر تي 53 ورهين جو ٿيندو، سلمان خان سالگره کي منفرد بڻائڻ لاءِ هن ڀيري فارم هائوس جي چونڊ ڪئي آهي، جتي سالگره تقريب 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ 28 ڊسمبر تي ختم ٿيندي. سالگره ۾ سلمان خان جا ويجها دوست ۽ ڀائر ارباز خان ۽ سهيل خان سميت ٻيا خاندان جا ماڻهو شريڪ ٿيندا.

سلمان خان جي فلم ”ڀارت“ جنوري ۾ مڪمل ٿيندي

سلمان خان جي فلم ”ڀارت“

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم ”ڀارت“ جي آخري شيڊول جي عڪسبندي نئين سال جي شروعات ۾ مڪمل ٿيندي. ان سلسلي ۾ هدايتڪار علي عباس ظفر جو چوڻ هو ته فلم ”ڀارت“ جي پنجاب ۽ دهلي شيڊول جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هاڻي فلم جي آخري شيڊول جي عڪسبندي نئين سال جي شروعات ۾ ڪئي ويندي. فلم ۾ اداڪار سلمان خان، ڪترينه ڪيف سان گڏ ديشا پتاني، تبو ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته فلم ايندڙ سال عيد تي ريليز ڪئي ويندي.

اداڪاري بنا منهنجي زندگي اڻپوري آهي: ساره علي خان

بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان چيو آهي ته اداڪار بنا منهنجي زندگي اڻپوري ناهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ساره علي خان جو چوڻ هو ته اداڪاري جو مقصد حقيقت پسندي ۽ ان سان سلهاڙيل رهڻ آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته شوقينن منهنجي حقيقت پسندي جي واکاڻ ڪئي پر اداڪاري ۾ جتي داد مليو اتي تنقيد به ٿيندي آهي ۽ اهي ٻئي شيون گڏ هلڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته اداڪاري پسند آهي ۽ اداڪاري بنا منهنجي زندگي اڻپوري آهي، مان اهڙن ڪردارن کي اوليت ڏيندي آهيان، جيڪي دلچسپي جو سبب هوندا آهن. ساره علي خان فلم ”سمبا“ ۾ ادڪار رنوير سنگهه سان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا 28 ڊسمبر تي ريليز ٿيندي.

 

رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ جي فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي اعزاز ماڻيو

نالي وارن بالي ووڊ ستارن جي فلم “گلي بواءِ” برلن فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي

بالي ووڊ اداڪار رنويرسنگھ ۽ عاليھ ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) نالي وارن بالي ووڊ اسٽارز عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه جي ايندڙ فلم گلي بواءِ ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي اعزاز ماڻي ورتو آهي. گلي بواءِ کي برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاريو ويندو. فلم جي هيرو رنوير سنگهه فلم جي حوالي سان خبر کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو ته 69 هين برلن فلم فيسٽيول م گلي بواءِ کي چونڊيو ويو آهي، زبردست. برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول 7 فيبروري کان 17 فيبروري تائين جاري رهندو. عالمي سطح جي ان سالياني فلم فيسٽيول ۾ هر سال سڄي دنيا مان بهترين چونڊ فلمون ڏيکاريون وينديون. گلي بواءِ کي اڃان تاِن ريليز ناهي ڪيو ويو، فلم مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ايندڙ سال فلم کي 14 فيبروري تي ريليز ڪيو ويندو. فلم جي هدايتڪاري زويا اختر ڏني آهي.