fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪشمير جهڙي خوبصورتي دنيا ۾ ڪٿي به ناهي: ارجن رامپال

ڪشمير خدا جو تحفو آهي، اهڙي جڳهه ڀارت سميت دنيا ۾ ناهي: ارجن

ارجن رامپال ويب سيريز “دي فائنل ڪال” جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل
ارجن رامپال فلم جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال چيو آهي ته ڪشمير جهڙي خوبصورتي دنيا ۾ ناهي، جڏهن ته ڪشمير جهڙي جڳهه ڀارت سميت دنيا ۾ ناهي. ارجن رامپال هن وقت پنهنجي ايندڙ ويب سيريز جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل آهي، جتي هن شوٽنگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي رائزنگ ڪشمير نالي ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي ارجن رامپال چيو ته هن دنيا ۾ ڪشمير جهڙي خوبصورتي هن ڪٿي به ناهي ڏٺي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير خدا جو تحفو آهي، هتي اچي کيس احساس ٿيو آهي ته هيءَ جڳهه قدرتي آهي. ارجن رامپال چيو ته ڀارتي فلمسازن کي ڪشمير اچي فلمن جي شوٽنگ ڪرڻ گهرجي. ارجن رامپال جي ويب سيريز “ دي فائنل ڪال” جي شوٽنگ ڪشمير ۾ جاري آهي، جنهن ۾ هو هڪ ڪشميري شخص سان دوستي ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ڪنگ خان فلم جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل

دبئي ۾ “زيرو” جي مشهوري لاءِ شاهه رخ خان مداحن لاءِ پروگرام ڪيو

شاهه رخ دبئي گلوبل وليج سان گڏ مسقط جي سٽي سينٽر به پهچي ويو
شاھ رخ خان

دبئي (شوبز نيوز) ڪنگ خان شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل آهي. ڪنگ خان گذريل فلم جي ناڪامي کانپوءِ پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ فلم جي مشهوري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. شاهه رخ خان جي نئين فلم ڪرسمس جي موقعي تي ريليز ٿيندي، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف ۽ انوشڪا شرما پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

هندي ميڊيم جي سيڪيئول ۾شاهه رخ ۽ ڪاجول جي نالن تي غور

هندي ميڊيم جي سيڪيئول ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪاجول ڪم ڪرڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

صبا قمر ۽ عرفان ,شاهه رخ ۽ ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز ) صبا قمر ۽ عرفان خان جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم“ بلاڪ باسٽر ثابت ٿي هئي، جنهن ڀارت ۾ 3 سئو ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو هو، هاڻ ان ڪامياب فلم جو سيڪيول ٺاهيو ويندو.  ڀارتي ميڊيا موجب فلسمازن ان سلسلي ۾ عرفان خان سان لنڊن ۾ ملاقات پڻ ڪئي، جيڪو نيورو اينڊوڪرائن ڪينسر جي علاج ڪرائي رهيو آهي،فلم هدايتڪار  بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ڪاجول کي ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيش ويجان ۽ ڀوشن ڪمار جي پروڊڪشن ۽ ساڪت چوڌري جي هدايتڪاري هيٺ ٺاهيل فلم هندي ميڊيم جي ڪهاڻي چاندني چوڪ جي شادي شدا جوڙي جي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي نينگري کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ دهلي لڏي ويندا آهن.

اداڪارا ميرا جي اڪائونٽ مان هيڪر پيسا چورائي ويا

ميرا جي اڪائونٽ مان هيڪر 4  لکن جي رقم ڪڍرائي ويا

لالي ووڊ اداڪارا ميرا

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا ميرا جي بينڪ اڪائونٽ مان هيڪر لکين روپيا ڪڍرائي ويا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميرا چيو ته سندس اڪائونٽ مان 4 لکن جي رقم غائب ٿي وئي آهي، جيڪا هڪير چورائي ويا آهن. ميرا چيو ته هن ان حوالي سان بينڪ سان ڳالهايو پر بينڪ طرفان ڪو به جواب ناهي آيو، تنهنڪري جلد پريس ڪانفرنس ڪندس. ان موقعي تي اداڪارا چيو ته هو جلد پنجاب جي ثقافت واري وزير فياض الحسن چوهاڻ سان ملاقات ڪندي ۽ حڪومت کان اپيل ڪندي ته فلم ٺاهڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي.

 

اسڪول ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيو هئس:عمران هاشمي جو انڪشاف

بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته تعيلم دوران ڪاپي ڪري 75 سيڪڙو مارڪن سان پاس ٿيو هئس، پر اڄ تائين ان عمل تي وڏي شرمندگي آهي.  پنهنجي نئين فلم ”چيٽ انڊيا“ جي مشهوري ۾ مصروف اداڪار عمران هاشمي هڪ انٽرويو دوران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڪاپي ڪري پاس ٿيو هئس. هن چيو ته معاشيات جي پرچن جي تياري بلڪل به نه ڪئي هئي، جن ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيس. اهڙي عمل تي ڳڻتي ڏيکاريندي عمران هاشمي چيو ته اڄ مون کي اهو ٻڌائيندي شرم اچي رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته ڪاپي بلڪل به سٺو عمل ناهي، آئون اهو چوندس ته ڪنهن کي به نقل نه ڪرڻ گهرجي.

 

دهشت سان ڀرپور هالي ووڊ فلم “گاڊزيلا”سيريز جون جهلڪيون جاري

گاڊزيلا ڪنگ آف دي مونسٽرز کي ايندڙ سال مارچ ۾ سينيما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي

هالي ووڊ فلم “گاڊزيلا”جو پوسٽر

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن ۽ دهشت سان ڀرپور فلم گاڊزيلا سيريز جي نئين فلم گاڊزيلا: ڪنگ آف دي مونسٽرز” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪاري مائيڪل ڊائونٽري ڏني آهي، جڏهن ته اسٽار ڪاسٽ ۾ اداڪار بريڊلي وائٽ فورڊ،  ملي بوبي برائون،  وارا فرميگا،  ڪيلي شينڊلر، چارلس سينڊلر شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي ديو گاڊزيلا بلا تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ ييرو ٻيهر انساني دنيا ۾ تباهي مچائڻ لاءِ آئي آهي. جاپاني ۽ ليجنڊري سينيما تحت ٺهيل فلم کي ايندڙ سال مارچ ۾ سينيما گهرن ۾ پيش ڪيو ويندو.