
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي هاڻوڪي ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ گهرجي، کيس گهرجي ته هو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته عالمي ڪپ ويجهو آهي، سرفراز احمد ذهني طور اڳ ئي تيار رهي، آئون اڳ ٽنهي طرز واري ڪرڪيٽ ۾ سرفراز احمد جي ڪپتاني جي حمايت ۾ هئس، پر هاڻي سرفراز احمد کي گهرجي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي تي ڀرپور ڌيان ڏئي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ امن واپس آيو آهي، سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر آهي، ملڪي حالتن جي بهتري جو ڪريڊٽ اسانجي سڪيورٽي ادارن ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي هو.