fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پرٿ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن آسٽريليا جون ڀارت خلاف6وڪيٽن تي277رنسون

ڪپتان ٽم پين 16 ۽ پيٽر ڪمنز 11 رنسن تي ٻي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا

ڀارتي رانديگر وڪيٽ وٺڻ تي خوشي ملھائيندي

پرٿ ( اسپورٽس نيوز ) آسٽريليا جي ڀارت خلاف چئن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ بيٽنگ جاري آهي، ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي آسٽريليا 6 وڪيٽن تي 277 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. آسٽريلوي ڪپتان ٽم پين پرٿ ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا طرفان مارڪس هيرس ۽ ايرون فنچ اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي اوپنرن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پهرين وڪيٽ لاءِ 112 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪندي پنهنجون ففٽيون مڪمل ڪيون. آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 112 رنسن تي ڪري جڏهن ايرون فنچ 6 چوڪن جي مدد سان 50 ٺاهي جسپريت بمرا جي ايل بي ڊبيلو ٿيو، جنهن بعد عثمان خواجه به وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو ۽ 5 رنسن تي ياديو جو شڪار بڻيو. مارڪس هيرس کي 70 رنسن تي واهاري آئوٽ ڪيو. هينڊس ڪومب کي 7 رنسن تي اشانت شرما پويلين جو رستو ڏيکاريو. هڪ موقعي تي آسٽريليا جون تڪڙيون چار وڪيٽون ڪري پيون پر شان مارش ۽ ٽي ايم هيڊ جي سٺي ڀائيواري سان آسٽريليا کي سهارو مليو. هيڊ کي اشانت شرما، جڏهن ته مارش کي وهاري آئوٽ ڪيو. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين آسٽريليا 6 وڪيٽن تي 277 رنسون ٺاهيون، ڪپتان ٽم پين 16 ۽ پيٽر ڪمنز 11 رنسن تي ٻي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا.

Bookmark the permalink.