fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پي سي بي گورننگ باڊي جو اجلاس، پي ايس ايل لاءِ بجيٽ منظور

احسان ماني پي سي بي جي نئين سر جوڙڪ بابت رپورٽ پيش ڪئي، نين مقررين تي اعتماد ظاهر

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ باڊي جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سپر ليگ جي بجيٽ ۽ آڊٽ ڪميٽين جي رپورٽ پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سميت ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو. لاهور جي نيشنل اڪيڊمي ۾ چيئرمين پي سي بي احساني ماني جي صدارت هيٺ  ٿيل اجلاس ۾ ٽاسڪ فورس جي تجويز ڪيل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جوڙجڪ تي نظرثاني ڪئي وئي. اجلاس ۾  احسان ماني پي سي بي جي نئين جوڙجڪ بابت رپورٽ پيش ڪئي. جڏهن ته پي سي بي ۾ ٿيل مقررين بابت ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.  پاڪستان سپر ليگ جي بجيٽ ۽ آڊٽ ڪميٽين جي رپورٽ تي به بحث ڪيو ويو.  اجلاس ۾ پاڪ-ڀارت سيريز بابت ٽياڪڙ ڪميٽي ۽ هاڻوڪي مسئلن تي پڻ بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن پي ايس ايل 2019 جي بجيٽ جي منظوري ڏيڻ سان گڏ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي پينشنز ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري پڻ ڏني.

Bookmark the permalink.