fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سپر اسٽار کي مات

المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو، فاروق بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو

خانپور: فاتح ٽيم جا رانديگر ٽرافي سان گڏ

خانپور( رپورٽر) خانپور ۾المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
خانپور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم م خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي کيڏيل فائنل مقابلي ۾ المصطفيٰ پھريان بيٽنگ ڪندي سپر اسٽار ٽيم کي 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
سپر اسٽار ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن 97 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت المصطفيٰ ڪرڪيٽ ٽيم 72 رنسن تان ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪيو.
ميچ م سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ تي نويد قريشي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ م بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاروق آرائين کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
خاص مھمان علي مراد سيٺار، استاد محمد سليم ۽ ٻين ڪامياب ٽيم المصطفيٰ جي ڪپتان مصطفيٰ آرائين ۽ فائنل ھارائيندڙ سپر اسٽار ٽيم جي بھادر بلوچ کي ٽرافي ۽ انعام ڏنا.

خيرپور ۾ راندين جو هفتو ملهايو ويو، جناح هائوس ٽيم فاتح

مختلف مقابلن ۾ جناح هائوس پهرين، ٽيپو هائوس ٻئين ۽ اقبال هائوس ٽئين پوزيشن ماڻي، ڪاليج جي پرنسيپال احسان علي فاتح ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا

خيرپور: فاتح ٽيم جون رانديگرياڻيون انعام وٺندي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ راندين جو هفتو شاندار مقابلن سان پڄاڻي تي پهتو. بحريه فائونڊيشن ڪاليج ۾ ڪرايل راندين جي هفتي جي پڄاڻي واري ڏينهن ڇوڪرين جي ٽيمن ۾ ٿرو بال جي فائنل مقابلي جناح هائوس ٽيم 1-2 تان ٽيپو هائوس کي شڪست ڏني.
راندين واري هفتي دوران ڇوڪرن جي ڊوڙ واري مقابلي ۾ ٽيپو هائوس جي آصف گوپانگ پهرين ۽ اميد کنڊ ٻين پوزيشن ماڻي.
مختلف مقابلن بعد پڄاڻي واري تقريب رکي وئي، جنهن ۾ جناح هائوس پهرين، ٽيپو هائوس ٻين ۽ اقبال هائوس ٽئين پوزيشن جو اعلان ڪيو ويو. خاص مهمان ڪاليج جي پرنسيپال احسان علي سھتو ٽيمن ۾ ٽرافي، شيلڊ ۽ ميڊل ورهايا.

بي بي ايل : ھوبارٽ هريڪنز ميچ کٽي ورتي

هوبارٽ 155 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو, بگ بيش ليگ پوائنٽس ٽيبل تي هوبارٽ ٻئين نمبر تي اچي وئي

ميٿيو ويڊ شاٽ کيڏندي

هوبارٽ (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ جي ستين ميچ ۾ هوبارٽ هوريڪنز ميلبورن اسٽارز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. هوبارٽ هريڪنز ميچ ۾ ٽاس کٽي ميڪس ويل جي ميلبورن اسٽارز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن دوران ميلبورن اسٽارز پنج وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون، گلين ميڪسويل طوفاني بيٽنگ ڪندي پنج ڇڪن جي مدد سان 45 رنسون ٺاهي نميان رهيو جڏهن ته آرشر ۽ ڊي سي شارٽ 3 ۽ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ هوبارٽ طرفان ڪپتان ميٿيو ويڊ 52 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڊي سي شارٽ 2 وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏ 34 رنسون ٺاهيون، جنهن تي کيس ميچ جو ڀلوڙ رانديگر قرار ڏنو ويو. هوبارٽ هريڪنز ڪاميابي کانپوءِ ٽيبل پوائنٽس تي ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ميلبورن رينيگيڊز پهرين نمبر تي موجود آهي.

بي بي ايل: ميلبورن رينيگڊس ايڊليڊ کان ميچ کٽي ورتي

ميلبورن رينيگڊس 174 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن تي ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪرسچن 49 ۽ محمد نبي 48 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ٽيم جي سوڀ ڏياري

ايڊليڊ: ميلبورن رينيگڊس جا رانديگر

ايڊليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جا شاندار مقابلا جاري، ميلبورن رينيگڊس 5 وڪيٽن تان ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کي هارائي ڇڏيو. ايڊليڊ اول ميدان تي بگ بيش ليگ جي 6هين ميچ ۾ ميلبورن رينيگڊس ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو.
بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي ايڊليڊ اسٽرائيڪرز پهرين کيڏندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون. بيٽسمينن ايم ڊبليو شارٽ شاندار ففٽي هڻي 65 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ويلس 42 ۽ ويٿرلينڊ 32 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
ميلبورن رينيگڊس طرفان رچرڊسن 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن محمد نبي ۽ بائس هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
174 رنسن جي جواب ۾ ميلبورن رينيگڊس آخري اوور جي پهرين بال تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي مليل هدف ماڻي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. ڪرسچن 49 ۽ محمد نبي 48 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. ٻين بيٽسمينن ۾ وائيٽ 32 ۽ هارپر 28 رنسون ٺاهيون.
ايڊليڊ اسٽرائيڪرز طرفان راشد خان ۽ اسٽين ليڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته والينٽي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جيڪب آباد جو فٽبال گرائونڊ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو

4 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺهيل شاهه عبدالطيف اسٽيڊيم ۾ نالن جو پاڻي وهڻو لڳو، ميونسپل ڪميٽي کي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو : رانديگر

جيڪب آباد جو فٽبال گرائونڊ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪميٽي جي بي ڌياني سبب 4 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل فٽبال ميدان نيڪال جي پاڻي هيٺ اچي ٻڌي ويو، رانديگر انتظاميه جي بي ڌياني خلاف روڊن تي نڪري آيا.
فيفا جي نگراني ۾ ٺهيل شاهه عبد الطيف اسٽيڊيم ۾ شهر جي نيڪال جو پاڻي وهڻ لڳو، پاڻي سبب سڄو ميدان خراب ٿي ويو. هوڏانهن فٽبال ايسوسي ايشن جي صدر نظر محمد بروهي، ڪوچ سهراب کوسي ۽ حاجي اصغر بروهي سميت ٻين رانديگرن اتنظاميه خلاف احتجاج ڪيو.
رانديگرن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي شڪايت ڪئي، جواب ۾ چيو ويو ته عملو شادي تي ويل آهي، جنهن سبب ڪم متاثر ٿي رهيو آهي.
هنن چيو ته اسان جي شڪايتن ڪو به ڌيان نه ويو، نالين جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي ميدان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب اڄ اسان جي ٿيندڙ ميچ به نه ٿي سگھي، سکيا لاءِ ايندڙ رانديگر به مايوس ٿي ويا آهن.
رانديگرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميدان مان بنا دير گندو پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن راند متاثر نه ٿي سگهي.

بي بي ايل: سڊني ٿنڊر ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ڪامياب

ٽئين ميچ ۾ سڊني ٿنڊر ميلبورين اسٽار کي 15 رنسن تان شڪست ڏني

سڊني ٿنڊر جا رانديگر

ڪينبيرا (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جي ٽئين ميچ ۾ سڊني ٿنڊر ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ميلبورين اسٽارس کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. منوڪا اول ميدان تي بگ بيش ليگ جي کيڏيل ٽئين ميچ ۾ ميلبورن اسٽارس ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
سڊني ٿنڊر دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهيون،
سنگها شاندار بيٽنگ ڪندي 63 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سيمس 34، واٽسن 22 ۽ جوز بٽلر 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيان. ميلبورين طرفان زامپا ۽ لمِڪهاني 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڊي جي براوو هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ميلبورين اسٽارس کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ميچ کٽڻ لاءِ 89 رنسون گهربل هيون، ميلبورين 8 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 74 رنسون ٺاهي سگهي. جنهن ۾ لرڪن 28، براوو 11 ۽ ڊين 7 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سڊني ٿنڊر طرفان سيمز 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ميڪ اينڊريو، گرين ۽ سانڌو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

بيگ بيش ليگ شروع، بيٽ سان ٽاس جو نئون طريقو متعارف

ايڊليڊ اسٽرائيڪرز پهرين ميچ ۾ 147 رنسن جو حدف 5 وڪيٽن تي حاصل ڪيو، برسبين هيٽ ۽ ايڊليڊ اسٽرائيڪرز ۾ ميچ جي ٽاس سڪي بدران بيٽ اڇلي ڪئي وئي

بيٽ سان ٽاس جو نئون طريقو متعارف

ايڊليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا بگ بيش ليگ جي نئين سيزن ۾ سڪي بدران بيٽ سان ٽاس ڪرڻ جو قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو. آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش جي شروعات ٿيوئي، برسبين هيٽ ۽ ايڊليڊ اسٽرائيڪر جي افتتاحي ميچ ۾ ٽاس لاءِ بيٽ اڇلي وئي. ايڊليڊ ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. برسبين هيٽ جي ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 146 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عادل راشد 3 وڪيٽون ورتيون. ايڊليڊ اسٽرائيڪر 5 وڪيٽن جي نقصان تي حدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

سرفراز بدران ناڪام رانديگرن کي  ڪڍڻ گهرجي: جاويد ميانداد

ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ناڪامي جو ذميوار سرفراز کي قرار ڏيڻ درست ناهي

اڳوڻو ڪپتان جاويد ميانداد

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته پي سي بي سرفراز احمد کي قيادت تان هٽائڻ بدران اهڙن رانديگرن کي ٽيم مان ڪڍي جيڪي ناڪام رهيا آهن. هڪ انٽرويو ۾ جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته ڪيويز خلاف تازي هو سيريز ۾ شڪست جو ذميوار سرفراز احمد کي قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي، سرفراز پاڻ مٿان ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه وجهي. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته سرفراز احمد هن وقت قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت لاءِ سڀ کان بهترين ۽ مناسب آپشن آهي، ڇاڪاڻ ته کيس وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏ بيٽنگ ۾ به مهارت حاصل آهي. هن چيو ته اسان کي اهڙن رانديگرن تي تنقيد ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام آهن، تڏهن ئي ٽيم سٺا نتيجا ڏئي سگهندي.