فائنل ۾ گلوبل ڪاليج ٽيم ڊگري ڪاليج نصير آباد جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني, گلوبل ڪاليج جي ٽيم جي ڪپتان مظهر کي 30 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر جو اعزاز مليو
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾لاڙڪاڻي جي ٽيم انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي انتظام هيٺ ڪرايل انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چئمپين شپ جي فائنل ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم نصير آباد جي ڊگري ڪاليج ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو.
فائنل مقابلي ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي ٽيم 46 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گهربل هدف 6 اوورن ۾ مڪمل ڪري چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪئي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڪپتان مظهر علي کي 30 رنسون ٺاهڻ تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
خاص مهمان تعليمي بورڊ لارڪاڻو جي سيڪريٽري احمد خان، ڊائريڪٽر اسپورٽس تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو محمد رمضان جمالي، خادم حسين گوپانگ، زاهد علي، ظهور علي ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ فائنل مقابلو هارائيندڙ ٽيم ۾ ٽرافي، ميڊل ۽ روڪ رقم انعام ورهايا. جڏهن ته ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 16 ڪاليجن ۽ اسڪولجن جي ٽيمن حصو ورتو.
صوبائي وزير شهلا رضا افتتاح ڪيو, 12 ورهين کان گهٽ ڄمار وارين ڇوڪرين لاءِ ڪرايل ٽورنامينٽ 8 ضلعن جي ٽيمن شرڪت ڪئي
اسلام ڪوٽ (رپورٽر) ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان دِيا وومين فٽبال ڪلب پاران شروع ڪيل فٽبال ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي 12 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي ٽيمن جا مقابلا جاري آهن. عورتاڻي ترقي جي صوبائي وزير اسيمبلي شهلا رضا ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو.
ٽورنامينٽ ۾ ٿر فائونڊيشن پرائمري اسڪولن جي ڇوڪرين جي ٽيمن سميت سنڌ جي 8 ضلعن ڪراچي، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر، خيرپور ۽ حب جي ڇوڪرين جي ٽيمن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل ھمايون عزيز چيو ته ٿر تبدلي ٿيندو ۽ پاڪستان وارو نعرو سچ ثابت ٿي رهيو آهي، ٿر جهڙي علائقي ۾ اھڙي قسم جا ايونٽس ساراهه جوڳا آهن.
هن چيو ته ٿر جا ٻار انتھائي ھوشيار ۽ محنتي آهن، ٿر جي ٻارن کي آئون فوجي جنرل ڏسڻ چاهيان ٿو.
ٻي پاسي ڊي ٿرپارڪر آصف جميل شيخ چيو ته ٿر فائونڊيشن جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي، جنهن ڏورانهين علائقي ۾ پروگرام ڪرايو. هن چيو ته ھتان جي ٻارڙين ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي، جنهن ٽيلينٽ کي اڀارڻ يقينن وڏو ڪم آھي.
ان موقعي تي ٿر فائونڊيشن جي تعليم واري شعبي جي مينيجر سبين شاهه چيو ته اسان فٽبال جي 8 ئي ضلعن جي ٽيمن کي ڦڙت ڏٺو سين. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن جو مشن رڳو تعليم ئي نه پر ٿر جي عورتن کي هر طرح سان بااختيار بڻائڻ لاءِ ٻيا موقعا پڻ فراهم ڪري رهي آهي.
ٽورنامينٽ ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل ھمايون عزيز ۽ ڊي سي ٿرپارڪر آصف جميل ٻارڙن ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا.
4 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺهيل شاهه عبدالطيف اسٽيڊيم ۾ نالن جو پاڻي وهڻو لڳو، ميونسپل ڪميٽي کي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو : رانديگر
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪميٽي جي بي ڌياني سبب 4 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل فٽبال ميدان نيڪال جي پاڻي هيٺ اچي ٻڌي ويو، رانديگر انتظاميه جي بي ڌياني خلاف روڊن تي نڪري آيا.
فيفا جي نگراني ۾ ٺهيل شاهه عبد الطيف اسٽيڊيم ۾ شهر جي نيڪال جو پاڻي وهڻ لڳو، پاڻي سبب سڄو ميدان خراب ٿي ويو. هوڏانهن فٽبال ايسوسي ايشن جي صدر نظر محمد بروهي، ڪوچ سهراب کوسي ۽ حاجي اصغر بروهي سميت ٻين رانديگرن اتنظاميه خلاف احتجاج ڪيو.
رانديگرن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي شڪايت ڪئي، جواب ۾ چيو ويو ته عملو شادي تي ويل آهي، جنهن سبب ڪم متاثر ٿي رهيو آهي.
هنن چيو ته اسان جي شڪايتن ڪو به ڌيان نه ويو، نالين جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي ميدان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب اڄ اسان جي ٿيندڙ ميچ به نه ٿي سگھي، سکيا لاءِ ايندڙ رانديگر به مايوس ٿي ويا آهن.
رانديگرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميدان مان بنا دير گندو پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن راند متاثر نه ٿي سگهي.