fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌڙي: جيلاني اليون شهيد سورهيه بادشاهه ٽورنامينٽ کٽي ورتو

ڪنڊياري جي جيلاني اليون ٽيم فقير اليون کي 11 رنسن تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڪنڊيار جي ٽيم جيلاني اليون فقير دلبر مهر ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڳوٺ مير عبدالله ٽالپر ۾شھيد سورھيه بادشاھ جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي جيلاني اليون مقرر 3 اوورن ۾ ڪل 29 رنسون ٺاهي سگهي، جواب فقير اليون صرف 18 رنسون ٺاھي ٽورنامينٽ هارايو.
4 ڏينھن کان جاري ٽورنامينٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن جي 17 ٽيمن حصو ورتو.
ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ بعد خاص مھمان فقير امان الله ۽ منير نوھڙي ڪامياب ٽيم کي ٽرافي ڏني، ان سان ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنل شھباز ٿيم کي ٽرافي ۽ روڪ رقم 10 ھزار رپين جو انعام ڏنو، جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنل عاشق کي به ٽرافي ڏني وئي، ان سان گڏ رنر اپ فقير اليون جي ٽيم جي ڪپتان ڊي ايم مھر کي رنر اپ ٽرافي ۽ روڪ رقم جو انعام ڏنو.

نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان

جيمز نيشم، ڊوگ بريسويل کي به 3 ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو

سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 3 جنوري کان شروع ٿيندي

ويلنگٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مارٽن گپٽل جي وڏي عرصي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڪيويز پاران پاڪستان خلاف ڊراپ ڪيل جيمز نيشم ۽ ڊوگ بريسويل کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ٽيم ۾ ڪين وليمسن (ڪپتان) ٽرينٽ بولٽ، ڊوگ بريسويل، جيمز نيشم، مارٽن گپٽل، ميٽ هينري، لوڪي فرگوسن، هينري نڪولس، ڪولن منرو، ٽم اسٽافئر، اش سوڍي، ٽم سائوٿي ۽ روس ٽيلر شامل آهن. نيوزيلينڊ ايندڙ سال ورلڊ ڪپ کان اڳ 11 ون ڊي ميچن، سريلنڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش خلاف کيڏندي جنهن کي نظر ۾ رکندي ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

انٽر ڪالجيٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ ۾ ملتان کي شڪست

فائنل مقابلي ۾ بنون جي ٽيم 40-50 تان ملتان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو, چيمپئن شپ ۾ 15 ٽيمن حصو ورتو

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) بنون جي ٽيم ملتان کي شڪست ڏئي انٽر ڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
تعليمي بورڊ ميدان ۾ ٿيل انٽرڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ جي فائنل مقابلي ۾ بنون ۽ ملتان جي ٽيمن سخت مقابلو ڪيو، راند جي پڄاڻي تي بنون جي ٽيم 40 جي ڀيٽ ۾ 50 پوائنٽن تان ٽائٽيل پنهنجي نالي ڪري سوڀ جو جشن ملهايو.
چيمپئن شپ ۾ ڪل 15 ٽيمن حصو ورتو، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ٽرافيون ۽ روڪ رقم جا انعام به ڏنا ويا.

آلرائونڊر امجد جاويد رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

امجد جاويد گڏيل عرب عمارات جي ڀلوڙ رانديگر ۽ اڳوڻو ڪپتان آهي

عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ آسان نه هئي: اڳوڻو ڪپتان امجد جاويد

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) گڏيل عرب عمارات جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر امجد جاويد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 38 سالن جو امجد جاويد ساڄي هٿ سان فاسٽ بالنگ ڪرڻ سان گڏ بيٽنگ به ڪندو هو. هن گڏيل عرب عمارات جي 15 ون ڊي ميچن ۾ نمائندگي ڪئي، جڏهن ته 22 ٽي 20 ميچن ۾ پڻ يو اي اي طرفان کيڏيون. امجد جاويد کي وڏي عمر ۾ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، انڪري سندس عالمي ڪرڪيٽ اندر ڪيريئر گهڻو وقت هلي نه سگهيو. امجد جاويد تيز بالنگ ڪرائڻ سان گڏ بيٽنگ به سٺي ڪندو هو، جنهنڪري هو يو اي اي جو اهم ۽ سينيئر رانديگر طور ڳڻيو ويندو هو.

مالي بحران سبب پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ايندڙ سال 12 کان 19جنوري تائين ليگ ٿيڻي هئي، نئين تاريخ جو اعلان نه ٿيو

ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن شموليت جو يقين ڏيارڻ باوجود سپر ليگ جتي تاريخ تبديل

لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ )پاڪستان هالي فيڊريشن پاران ايندڙ سال رٿيل پاڪستان سپر هاڪي ليگ ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن طرفان پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر پر هاڻ ان منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڪي ليگ 12 کان 19جنوري تائين رٿيل هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊ نه هئڻ ڪري ليگ ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پي ايڇ ايس ايل هاڻ لاهور ۾ مارچ ۾ ٿي سگهي ٿي پر ان حوالي سان حتمي تاريخ اڃان تائين ناهي آئي، ياد رهي ته 12 پرڏيهي رانديگرن پي ايڇ ايف کي ايونٽ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي هئي.

آمريڪا ۾ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا

سوشل ميڊيا تي وار ڪترڻ واري وڊيو وائرل، صارفين ۽ ماهرن فيصلو رد ڪيو

نيو جرسي (اسپورٽس ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وڏا ڪٽرائي ڇڏيا. نيو جرسي ۾ اسڪول سطح تي ٿيندڙ ريسلنگ مقابلن ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن ميچ ريفري ڪلهن تائين لٽڪيل وڏن وارن واري رانديگر کي وار ڪٽڻ بنا ميچ جاري رکڻ کان روڪي ڇڏيو. ريسلر جي وار ڪترن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
نوجوان ريلسر اينڊريو جانسن جي ڪوچ ميچ ريفري جي فيصلي تي احتجاج ڪندي معاملو ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ريفري چيو ته وار ڪتريا ويندا يا ميچ اڌ ۾ ڇڏي ناڪ آئوٽ لاءِ تيار ٿي وڃو، جنهن تي ڪوچ مجبور ٿي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا.

پريالوءِ ۾ “دلڙي ي چوي اسڪول وڃان” جي نالي سان ثقافتي پروگرام

پروگرام ۾ ٻارڙن تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪيا

پريالوءِ (رپوٽر ) پريالوءِ ۾ “ دلڙي چوي اسڪول وڃان” جي عنوان هيٺ هڪ ثقافتي پروگرام پريالوءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿي گذريو، جنهن دوران ٻارڙن ٽيبلوزپيش ڪري پنهنجي والدين سان گڏ پروگرام جي مهمان خاص ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه سميت ٻين کان خوب داد حاصل ڪيو. پروگرام ۾ سنڌ جي ثقافت واري راند ملهه ملاکڙي جا مقابلا پڻ ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي مشهورملهه پهلوانن محمد خان ڦل، اويس گھانگرو ، ديدارجمالي سميت ٻين حصوورتو. ملاکڙي ۾ پهلوانن پنهنجي زورآزمائي ڪندي هڪٻئي کي دسي مٽي سان رنگي ڇڏيو. ثقافتي پروگرام جي مهمان خاص ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه ملهه جي پهلوانن کي انعام پڻ ڏنا، جڏهن ته ثقافي پروگرام منقعد ڪرائڻ ۾ حسين مهر، وڏيرو معشوق علي ڌاريجو، راڻو خان ڦلپوٽو، گلشير مهر ڪردار ادا ڪيو.

آءِ پي ايل ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شموليت لاءِ رابطي جو اعلان

ڀارتي بورڊ سان ڳالهين ذريعي رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ سڀني ملڪن سان رابطي ۾ آهيون: وسيم خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين مقرر ڪيل مينيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان چيو آهي ته سندس خواهش آهي ته پاڪستاني رانديگرن کي آءِ پي ايل ۾ کيڏايو وڃي. ڪرڪيٽ جي ويبسائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي ايم ڊي وسيم خان چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين سان ٻه طرفا ڪرڪيٽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيا معاملا معاملا به آهن، جيڪي پيچيدا آهن، پر منهنجي خواهش هوندي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل ۾ شامل ڪرايان. وسيم خان چيو ته هو سڀني ڪرڪيٽ بورڊن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن اعتماد پيدا ٿي سگهي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ٿئي، ان حوالي سان پي ايس ايل جون پاڪستان ۾ 8 ميچون اهم ڪردار ادا ڪنديون. ايم ڊي پي سي بي وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ بهترين اسٽيڊيم موجود آهن ۽ عوام جي ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي، پرڏيهي رانديگر پي ايس ايل ۾ آيا ته معاملا بهتري طرف ويندا.

ٽنڊي الهيار ۾ مبارڪ جروار ٽيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي

فائنل ۾ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول ٽيم پراونشل هاءِ اسڪول کي 6 وڪيٽن تان هارايو، ٽورنامينٽ ضلعي جي 15 هاءِ اسڪولن جي ٽيمن حصو ورتو، فاتح ٽيم کي ٽرافي ڏني وئي

ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊي الهيار ۾ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول جي ٽيم 6 وڪيٽن تان پراونشل بوائز هاءِ اسڪول کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن سيڪنڊري آفيس طرفان ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ 15 هاءِ اسڪولن جي ٽيمن حصو ورتو. جن مان پراونشل هاءِ اسڪول ۽ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول ٽيمون فائنل ۾ جاءِ ٺاهي. فائنل مقابلي ۾ پراونشل هاءِ اسڪول جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 85 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول جي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي مليل هدف آخري اوور ۾ ماڻي ٽورنامينٽ کٽي ورتي. ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري مٺو اوڏ ڪامياب ٽيم جي ڪپتان فرحان عمراڻي کي ونر ٽرافي ڏني، جڏهن ته ٽي اي او رشيد احمد بوزدار فائنل هارائيندڙ ٽيم جي ڪپتان هريش ڪمار کي رنرز اپ ٽرافي ڏني. ڊي اي او مٺو اوڏ جو چوڻ هو ته ضلعي جي نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ سميت ٻين راندن جو وڏو ٽيلنٽ آهي. جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ: ٻھ پاڪستاني رانديگر فائنل ۾

فائنلز ۾ حمام احمد جو ڀارتي روهن گانڌي، حمزه احمد جو آمريڪي ڪريني سان مقابلو ٿيندو

بوسٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) يو ايس اوپن جونئير اسڪواش چيمپئن سپ ۾ 2 پاڪستاني رانديگر حمزه خان ۽ همام احمد فائنلز ۾ پهچي ويا. آمريڪي شهر بوسٽن ۾ جاري يو ايس اوپن جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ جي سيمي فائنلز ۾ انڊر 13 سيمي فائنل ۾ پشارو سان واسطو رکندڙ حمام احمد آمريڪا جي احمد حق خلاف ڪاميابي ماڻي، سندس اسڪور 7-11، 6-11 ۽ 9-11 رهيو، فائنلز ۾ سندس مقابلو ڀارتي روهن گانڌي سان ٿيندو. ٻي پاسي انڊر 15 ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ پشاور جي حمزه خان ٽاپ سيڊ ميڪسيڪو جي سوسا فيڊريڪو کي هارايو. ميچ جو اسڪور 5-11، 9-11 ۽ 5-11 رهيو. ٽرافي جي فائنل ۾ حمزه خان جو مقابلو آمريڪي رانديگر ڪريني سان ٿيندو.

پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ جو ميدان ماري ورتو

ايونٽ ۾پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا

پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي

ڪولمبو(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ ۾ ميدان ماري ورتو، چيمپئن شپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڪولمبو ۾ ٿيل رسه ڪشي چيمپئن شپ جي مقابلن ۾ پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا. ايونٽ ۾ پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته چيمپئن شپ ۾ پاڪستان سميت 6 ملڪن مقابلن ۾ حصو ورتو، جن م مين اينڊ ويمن ڪمبائن مقابلا 600 ڪلو ڪيٽيگري ۾ ٿيا.