fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
عالمي ڪپ جي ميزباني لاءِ ڏوڪڙ ڏيو: ڀارت کي ڌمڪي
آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح تي ڪٽيل ٽڪيس جي رقم واپس چاهي ٿو

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آسي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خبردار ڪيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين عالمي ٽي ٽوئنٽي 2016 دوران ٽڪيس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ڊالر ادا نه ڪيا ته عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني تان هٿ کڻڻو پوندو. ڀارتي بورڊ جي اڳوڻي صدر ششانگ منوهر جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي هلائيندڙ گورننگ باڊي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح ٽيڪس جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتي جي رقم واپس گهرڻ چاهي ٿي، آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. آءِ سي سي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رقم ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته هلندڙ سال جي نفعي واري حصي مان اها رقم ڪٽي ويندي. آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي اها به ڌمڪي ڏني ته رقم واپس نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ شيڊول چيمپئنز ٽرافي 2021ع ۽ عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني لاءِ ٻين آپشنز تي به غور ڪري سگهجي ٿو.

آءِ سي سي جي ڀارتي بورڊ کي ڌمڪي

آءِ سي سي جي ڀارتي بورڊ کي ڌمڪي

اسٽيو سمٿ بال ٽيمپرنگ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو
اهو واقعو ٿيڻ کان روڪي سگهيس پر اها منهنجي ڪپتان طور ناڪامي هئي، بال ٽيمپرنگ واقعي جي سڄي ذميواري مون مٿان لاڳو ٿئي ٿي: اسٽيو سمٿ جو اعتراف

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ دوران بال خراب ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ سال جي پابندي کي منهن ڏيندڙ اسٽيون سمٿ ان سڄي واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. هلندڙ سال مارچ کانپوءِ پهريون ڀيرو پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيو سمٿ چيو ته ان وقت هو واقعو ٿيڻ کان روڪي سگهڻ جي پوزيشن ۾ هيو پر اهو نه روڪڻ سندس ڪپتاني ۽ اڳواڻي جي ناڪامي هئي. هن چيو ته فيلڊ تي هڪڙي شيءِ ٿي رهي هئي جنهن کي هو چاهي هان ته روڪي سگهي ها. هن چيو ته ان واقعي کانپوءِ اهڙا ڏينهن به آيا، جڏهن هو پنهنجي ڪمري کان نڪري نه سگهندو هو. سندس چوڻ هو ته آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهريون ڀيرو اهو واقعو ٿيو آهي، ٻين ٽيمن ۾ اهو واقعو ٿيندو هوندو يا نه مونکي خبر ناهي پر هر ٽيم چاهيندي آهي ته بال سونگ ڪري. اسٽيون سمٿ کي ڪالهه بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان روڪيو ويو، جڏهن ته هو پي ايس ايل ۾ پڻ شريڪ ٿيندو.

اسٽيو سمٿ بال ٽيمپرنگ ڪري رھيو آھي

اسٽيو سمٿ بال ٽيمپرنگ ڪري رھيو آھي

فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن، فلينڊر بدران آفريڪي ٽيم ۾ شامل
فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف کيڏندو، ڊين پيٽرسن پاران پهرين ٽيسٽ ميچ کي يادگار بڻائڻ ڀرپور محنت ڪرڻ لڳو

پورٽز ايلزبيٿ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پاران پاڪستان خلاف پهرين باڪسنگ ٽيسٽ ميچ لاءِ ڊين پيٽرسن کي ويرون فلينڊر جي جڳهه تي ٽيم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا جي ترجمان پاران جار ي ڪيل بيان ۾ چيو ته 29 سالن جو ڊين پيٽرسن پاڪستان خلاف ڊيبيو ڪندو، جيڪو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 321 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ڊين پيٽرسن ڏکڻ آفريڪا لاءِ ٽن ون ڊي ميچن ۽ اٺ ٽي 20 ميچن ۾ نمائندگي ڪري چڪو آهي. ڊين پيٽرسن پاڪستان خلاف بهتر پرفارم ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، سندس چوڻ هو ته هو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو.

فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن

فاسٽ بالر ڊين پيٽرسن

آءِ سي سي ٽي 20 ريڪنگ جاري، پاڪستان پهرين نمبر تي
پاڪستان 138 پوائنٽن سان پهرين، ڀارت ٻئين ۽ انگلينڊ ٽئين نمبر تي پهتا

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان پهرين نمبر تي بدستور قائم آهي. آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان 138 پوائنٽن بعد بدستور پهرين پوزيشن تي آهي. جڏهن ته ٽاپ 10 ٽيمن ۾ ڀارت 126 پوائنٽن سان ٻئين، انگلينڊ 118 پوائنٽن سان ٽئين، آسٽريليا 117 پوائنٽن سان چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا 114 پوائنٽن سان پنجين نمبر آهن. ان کانسواءِ نيوزلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، افغانستان اٺين، سريلنڪا نائين ۽ بنگلاديش ڏهين نمبر تي آهي.

احمد شھزاد

احمد شھزاد

احمد شهزاد خلاف ڪرڪيٽ کيڏڻ تان پابندي ختم ٿي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد مٿان ڪرڪيٽ کيڏڻ تان پابندي جو وقت ختم ٿي ويو آهي. احمد شهزاد هلندڙ سال جولاءِ دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي هئي، جنهنڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران مٿس پابندي مڙهي وئي هئي. احمد شهزاد وڏي عرصي کان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ناهي رهيو، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي توڙي سندس ڪارڪردگي سبب ٽيم کان کيس ٻاهر رکيو ويو. پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ احمد شهزاد نئين جوش سان ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو امڪان آهي. امام الحق ۽ فخر زمان جي شاندار ڪارڪردگي سبب به کيس ٽيم ۾ واپسي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، انڪري احمد شهزاد کي پي ايس ايل ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي.

آمريڪا ۾ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا
سوشل ميڊيا تي وار ڪترڻ واري وڊيو وائرل، صارفين ۽ ماهرن فيصلو رد ڪيو

نيو جرسي (اسپورٽس ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وڏا ڪٽرائي ڇڏيا. نيو جرسي ۾ اسڪول سطح تي ٿيندڙ ريسلنگ مقابلن ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن ميچ ريفري ڪلهن تائين لٽڪيل وڏن وارن واري رانديگر کي وار ڪٽڻ بنا ميچ جاري رکڻ کان روڪي ڇڏيو. ريسلر جي وار ڪترن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. نوجوان ريلسر اينڊريو جانسن جي ڪوچ ميچ ريفري جي فيصلي تي احتجاج ڪندي معاملو ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ريفري چيو ته وار ڪتريا ويندا يا ميچ اڌ ۾ ڇڏي ناڪ آئوٽ لاءِ تيار ٿي وڃو، جنهن تي ڪوچ مجبور ٿي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا.

شهدادڪوٽ ۾ يونائٽيڊ ٽيم الحسيني کي 59 رنسن تان هارائي ڇڏيو

شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهداد ڪوٽ ۾ مرحوم عبدالرزاق جي ياد ۾ ڪرايل ميچ ۾ يونائٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. شهدادڪوٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ يونائيٽيڊ ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 202 رنسون ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم 143 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي. احسان 55 ۽ عرفان گوپانگ 51 رنسون ٺاهيون. ان موقعي تي خاص مهمان آزاد فورم شھدادڪوٽ جا اڳواڻ لياقت علي جوڻيجو ۽ زيب سنڌي فاتح ٽيم کي انعامي رقم ڏني. ميچ دوران ڪامينٽيٽر جون ذميواريون جهوني ڪرڪيٽر وليم بلوچ هو، کيس به انعام طور رقم ڏني وئي.

شهدادڪوٽ : يونائٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم

شهدادڪوٽ : يونائٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم

آل پاڪستان ميموريل شوٽنگ والي بال ڪپ 4 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿيندو

نئون ديرو(رپورٽر) آل پاڪستان ميموريل شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ 4 جنوري شروع ٿيندي. نئي ديري جي بلاول ڀٽو زرداري والي بال ڪلب جي ميزباني هيٺ عبدالمجيد شيخ ميموريل شوٽنگ والي بال ڪپ 4 کان 6 جنوري کان لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ ميزبان ٽيم مختلف ڪلبن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ انجنيئر ظهير ٻڌايو ته شوٽنگ بال ڪلپ لاءِ پنجاب،بلوچستان سميت سنڌ جي ڪلبن سان رابطا ڪري کين دعوت ڏني وئي آهي، ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان ٽيمون حصو وٺنديون.

نوشهري فيروز جي ٽيم کي موري جي ٽيم هٿان شڪست
موري جي قريشي ڪرڪيٽ ڪلب 189 جو هدف ماڻي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا

نوشھروفيروز (ن پ ا) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه بخاري ميموريل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ٻي مئچ ۾ موري جي ٽيم قريشي ڪرڪيٽ ڪلب نوشهري فيروز جي ٽيم ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نوشهري فيروز جي ڊگري ڪاليج جي ميدان تي کيڏي ويندڙ ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ ۾ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان 189 رنسون ٺاھي سگهي. جن ۾ امان اللّه وسطڙو 23 بالن ۾ 45 رنسون ۽ صدام 30 بالن ۾ 39 رنسون ٺاھي نمايان رھيا. جواب ۾ قريشي ڪرڪيٽ ڪلب مورو مليل حدف 6 وڪيٽن جي نقصان ماڻي ميچ کٽي. جن ۾ واستي 6 بالن ۾ 30 رنسون ۽ آصف علي 14 بالن ۾ 37 رنسون ٺاھي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو.

نوشهري فيروز جي ٽيم کي موري جي ٽيم هٿان شڪست

نوشهري فيروز جي ٽيم کي موري جي ٽيم هٿان شڪست

بي بي ايل: سڊني ٿنڊر ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ڪامياب
ٽئين ميچ ۾ سڊني ٿنڊر ميلبورين اسٽار کي 15 رنسن تان شڪست ڏني

ڪينبيرا (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جي ٽئين ميچ ۾ سڊني ٿنڊر ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ميلبورين اسٽارس کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. منوڪا اول ميدان تي بگ بيش ليگ جي کيڏيل ٽئين ميچ ۾ ميلبورن اسٽارس ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سڊني ٿنڊر دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهيون، سنگها شاندار بيٽنگ ڪندي 63 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سيمس 34، واٽسن 22 ۽ جوز بٽلر 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيان. ميلبورين طرفان زامپا ۽ لمِڪهاني 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڊي جي براوو هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ميلبورين اسٽارس کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ميچ کٽڻ لاءِ 89 رنسون گهربل هيون، ميلبورين 8 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 74 رنسون ٺاهي سگهي. جنهن ۾ لرڪن 28، براوو 11 ۽ ڊين 7 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سڊني ٿنڊر طرفان سيمز 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ميڪ اينڊريو، گرين ۽ سانڌو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

سڊني ٿنڊر جا رانديگر

سڊني ٿنڊر جا رانديگر

پي ايس ايل ٽيمن جا لوگو

پي ايس ايل ٽيمن جا لوگو

پي ايس ايل فرنچائزز جو ٽيڪس ڇوٽ لاءِ عدالت وڃڻ جو امڪان

لاھور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائزز طرفان ٽيڪس ۾ ڇوٽ لاءِ ايندڙ هفتي عدالت وڃڻ جو امڪان آهي، سومر تي قطعي فيصلو ٿيندو. ميڊيا رپورٽن موجب پي ايس ايل جي گذريل ٽنهي ايڊيشنز ۾ لاڳت کان وڌيڪ خرچ اچڻ تي پريشان فرنچائزز مالڪ انتظار ۾ آهن ته حڪومت سندن درخواست تي همدردي طور غور ڪندي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هڪ فرنچائز ذريعن موجب ڀارت ۾ آءِ پي ايل فرنچائزز کي 10 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي. پي ايس ايل کي به سهولت ڏني وڃي ته مالي مسئلا گهٽجي ويندا، اميد آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر طرفان هاڪاري جواب ملندو. ذريعن موجب ٻي صورت ۾ عدالت وڃي فرنچائزز پنهنجو موقف پيش ڪنديون. ان سلسلي ۾ اڳڀرائي لاءِ فرنچائزز حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جنهن تي سڀاڻي کان غور ويچار ڪيو ويندو.

ڀارت خلاف باڪسنگ ٽيسٽ ۾ مارش جي شموليت جو امڪان

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪوچ جسٽن لينگر ڀارت خلاف رٿيل باڪسنگ ڊي ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ پيٽر هينڊز ڪامب جي جاءِ تي مچل مارش کي شامل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. آسٽريلوي ڪوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽيم متوازن ڪرڻ لاءِ بالنگ آل رائونڊر هجڻ سبب اسان مچل مارش کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ کيڏائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، سندس تجربو به وڌيڪ آهي. هن چيو ته اميد آهي ته مچل مارش بال ۽ بيٽ سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم کي سوڀ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار نڀائيندو. سندس چوڻ هو ته پيٽر هينڊز ڪامب ۽ مچل مارش ٻئي صلاحيتن وارا رانديگر آهن، ٻئي اسپنرز سٺو کيڏندا آهن، ان ڪري اسان لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، جڏهن ته ٽيم بهتر مفاد ۾ سخت فيصلو ڪرڻو پوندو.

زلمي اسڪول ليگ ٽرافي اي پي ايس جي شهيدن نالي

پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي ته زلمي اسڪول ليگ جي ٽرافي سدائين شهيد ٻارڙن جي نالي سان ٿيندي. جاويد آفريدي جو چوڻ هو ته اسڪول ليگ کي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن نالي ڪرڻ سان شهيدن جي ياد سدائين ڏياريندي رهندي ۽ نئين نسل ۽ شاگردن کي ڏکين حالتن ۾ زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌائڻ ۽ کين همٿ ڏيڻ جو مثال به جوڙيندي.

پشاور زلمي جو چيئرمين جاويد آفريدي

پشاور زلمي جو چيئرمين جاويد آفريدي