fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيون ٺاهڻ دير ڇو..؟

پنج مهينا گذرڻ بعد به سنڌ اسيمبلي پنهنجون اسٽينڊنگ ڪميٽيون ٺاهي نه سگهي آهي، قانون موجب اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ ئي اهي ڪميٽيون ٺاهڻيون آهن. ڪميٽين جو ڪم واسطيدار کاتن بابت قانونسازي ۾ مدد ڪرڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ هوندو آهي. سنڌ حڪومت وٽ 36 کاتا آهن، انهن لاءِ صوبائي اسيمبليون جن اوتريون ئي ڪميٽيون ٺاهڻيون آهن. اربع ڏينهن “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيل خبر موجب اپوزيشن انهن ڪميٽين جي ميمبرن لاءِ پنهنجي طرفان نالا اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن پر پيپلز پارٽي اڃا تائين حڪومتي ڌر جي ميمبرن جا نالا نه ڏئي سگهي آهي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهميت ٻن حوالن سان اهم آهي: هڪ اهو ته ان ذريعي اسيمبلي کان علاوه به مختلف کاتن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهندي آهي، جنهن کان شايد حڪومت ڪيٻائي رهي آهي. ٻيو اهو ته هر ڪميٽي جي چيئرمين کي اهي سهولتون ۽ رعايتون مليل هونديون آهن، جيڪي ڪنهن صوبائي وزير کي حاصل هونديون آهن، جنهن ۾ گاڏي، پيٽرول، ڊرائيور، الڳ آفيس، عملو وغيره شامل آهي. حڪمران جماعت اهو طئي نه پئي ڪري سگهي ته پنهنجي ميمبرن مان ڪنهن کي انهيءَ عهدي تي نوازيو وڃي.
ڪميٽين تي مميبرن جي نامزدگي ۽ چيئرمين جي چونڊ اسيمبلي ۾ موجود سياسي جماعتن جي عددي موجودگي مطابق ٿيندي آهي، پر ان جي باوجود هر حڪمران جماعت جي ڪوشش هوندي آهي ته گهرو، تعليم، صحت، ناڻي يا ٻين اهڙن اهم کاتن جي ڪميٽين جي سربراهي مخالف ڌر وٽ نه وڃي، انهن جي سربراهي حڪمران جماعت وٽ ئي هجي ته جيئن عام ماڻهن سان سڌي طرح سان رابطو رکندڙ معاملن ۾ حڪومت جي ڪاڪردگي ترت ڇنڊ ڇاڻ هيٺ نه اچي. سڀ کان اهم پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آهي جنهن کي صوبن جي سمورن کاتن جي مالياتي آڊٽ ڪرڻي آهي، ڏاڍي اڻساهئندڙ ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن جي گذريل ڏهاڪو سالن کان اهڙي آڊٽ وارو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت تائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 09-2008ع تائين جي آڊٽ ڪري سگهي آهي، ٿيندو ائين آهي ته اهڙي آڊٽ کان نٽائڻ لاءِ دير واري اٽڪل اختيار ڪئي ويندي آهي. نتيجي ۾ مشڪل سان اسيمبلي جي مدت دوران هڪ سال جي آڊٽ ٿي سگهندي آهي.
چونڊيل ادارن ۾ ڪميٽي سسٽم هڪ مڃيل اصول آهي، ان سان حڪومت کي ڪم ڪار توڙي مشاورت ۾ سهولت ٿئي ٿي ۽ جيڪي به فيصلا ورتا ويندا آهن يا فيصلن تي عمل ٿيندو آهي ان ۾ هڪ تسلسل رهندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته آمريڪا ۾ ڪانگريس جون مختلف ڪميٽيون وڌيڪ بااختيار آهن، جتي اهي هڪ اداري طور ڪم ڪن پيون. ائين خود ڪانگريس کي هر معاملي تي هوم ورڪ ٿيل ملندو آهي ۽ اها سولائي سان فيصلا وٺي سگهندي آهي، ائين قومي اسيمبلي هجي يا صوبائي اسيمبلي انهن ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جو وجود ۽ ڪاڪردگي خود جمهوريت کي مضبوط ٿيڻ جي نشاني هوندي آهي
پيپلز پارٽي جيئن قومي اسيمبلي کي ادارو مڃي ٿي، اتي ڪميٽيون ٺاهڻ لاءِ زور ڀري ٿي تيئن کيس ساڳي حيثيت ۾ اهميت سنڌ اسيمبلي کي به ڏيڻ گهرجي، ان لاءِ فوري طور تي سنڌ اسيمبلي جون ڪميٽيون ٺاهڻ وارا ڪم مڪمل ڪري جيڪو رڳو حڪمران پارٽي جي ئي فيصلي تي ڪري سگهڻ سبب التوا ۾ پيل آهي، اسين سمجهون ٿا ته ائين ڪرڻ سان ادارا مضبوط ٿيندا ۽ حڪومتي ڪم ۾ مخلاف ڌر جو موقف ۽ input اچي سگهندو، ان ڪري بنا دير جي سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين ٺاهڻ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي.

ڪپتان خان ٽي 20 نه ، ٽيسٽ مئچ کيڏو

سڄو ملڪ غير يقيني جي ڪوهيڙي ۾ ورتل آهي، هينئر ڇا ڪرڻو آهي؟ سڀاڻي ڇا ڪرڻو آهي ؟ ايندڙ وقت ۾ ڇا ڪرڻو آهي ؟ ان بابت نه ڪو ادارو ۽ نه ئي وري اعليٰ آفيسر ڪجهه سوچي ۽ ڪري رهيا آهن. مٿان کان آرڊر اچي ٿو ته ڪرپشن جي جاچ ڪريو ته سڀ ان جاچ ۾ لڳي ويندا آهن، وري حڪم ٿئي ٿو ته “حددخليون هٽائڻيون آهن” سڀ حددخليون هٽائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ لڳي ٿا وڃن، ڀڄ ڀڄان آهي، جنهن جو ڪو طئي ٿيل نه رخ آهي نه منزل.
ملڪ کي درپيش سڀ کان وڏومسئلو مالي بحران آهي جنهن جي حل لاءِ وزيراعظم پرڏيهي توڙي خزاني وارا وزير ذري گهٽ اڌ دنيا گهمي ويا آهن، چين، ملائشيا، سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتون، روس توڙي ترڪي سڀني ملڪن مان ٿي آيا، آءِ ايم ايف سان به رابطو ڪيو ويو پر تازن اطلاعن موجب آءِ ايم ايف به ايڏو سولائي سان قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته پاڪستان قرض موٽائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، قرض ته کڻي ڏجي پر اهو ڀربو ڪٿان ؟ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن به تقريبن 5- ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکرايا آهن، ان ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ 5- ارب ڊالر پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ اچي ويا آهن، اهي پئسا پاڪستان جا ناهن، بلڪه بينڪ ۾ رکيل ڌرادت آهي جنهن کي اوهان خرچ نٿا ڪري سگهو، اها رقم رڳو توهان جي ڪارپت ڏيکارڻ لاءِ آهي، جيئن عام واپار ۾ ٿيندو آهي ته ڪارپت سٺي هجڻ جي صورت ۾ ان کي ٻي ڪا ڌر قرض ڏيئي ڇڏيندي آهي پر اها ڪارپت به ملڪ جي مالي حالتن کي بهتر بڻائي نه سگهي، جو ان بنياد تي کيس ڪو قرض ملي نه سگهيو آهي، ڇا ڪاڻ جو اهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهي پراوا پئسا آهن، اسين هرو ڀرو پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيون ويٺا آهيون.
سڀ پاسا ڏسي اچڻ کانپوءِ نالي وارو وزير روز مني بجيٽ جا دڙڪا پيو ڏي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عام ماڻهو کي رليف نه ڏنو ويو. بظاهر ڊالر جي اگهه جو بهانو آهي پر ڊالر جو اگهه ته اڳ وڌيو هو، تيل جون قيمتون پوءِ گهٽيون آهن. توانائي جو گهوٽالو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي.
حڪومت چين جي آسري تي ڪُڏي رهي هئي پر ان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي مامرن تي نظرثاني ٿيڻ ڏي وڃي رهي آهي، انهن سمورين حالتن ۽ غيريقيني واري صورتحال ۾ ڪو ننڍو وڏو سيڙپڪار سيڙپ لاءِ تيار ناهي، معيشت جو ڦيٿو بنهه ڍرو ٿي رهيو آهي جنهن سان بيروزگاري وڌڻ ۽ ڪاروبار ۾ ٻاڙائي هيڪاري وڌي ويندي.
ساڳي صورتحال ملڪ جي سياسي معاملن جي آهي، پنجن ڇهن سيٽن تي بيٺل حڪومت سڀني کي جيل ۾ وجهي ٺيڪ ڪرڻ جي فارمولي تي هلي رهي آهي، ٻي ڪنهن پارٽي يا نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ رڪموڊيٽ ڪرڻ جي صلاحيت کان وانجهيل کان وانجهيل حڪمران ملڪ جي ماحول ۽ ڪلچر کي غيرسياسي بڻائي رهيا آهن، جيترو ماحول غير سياسي بڻبو اوترو ئي اڻ سهپ وارو ۽ غير جمهوري ٿيندو ويندو.
سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي خواهش چڱي ڳالهه آهي. چوندا آهن ته خواهشون جيڪڏهن گهوڙا هجن ها ته سمورا فقير به سواري ڪن ها، پر رڳو خواهشن جي بنياد تي ملڪ جو ڪاروهنوار، سو به هر پاسي کان گهوٽالي ۾ ورتل ملڪ کي هلائڻ ڏکيو نه بلڪه ناممڪن ٿو لڳي، گڏيل صلاح مشوري سان نظام ٺاهي ۽ انهن ۾ سڌارا آندا ويندا آهن، شخصي خواهشن جي بنياد تي ٺاهيل نظام يا ڪي سڌارا گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن. جيئن ايوب خان جو جوڙيل سمورو نظام سندس وڃڻ بعد ڊهي پٽ پئجي ويو، ساڳي ريت ضياءُ الحق جو نظام به اڏامي ويو، اها ڳالهه آهي ته ضياء جي باقيات واريون انگهون ۽ کُتون اڃا تائين ماڻهن توڙي جمهوري ڌرين ۽ ادارن کي چڀنديون رهن ٿيون.
هڪ افراتفري ۽ غير يقيني جي ڌنڌ آهي، مٿان وري ٽي چار پاور سينٽر ٺهڻ ڪري معاملو ويتر مونجهاري جو شڪار آهي.
حڪومت، جاچ ڪندڙ ادارا ۽ عدليه پنهنجي پنهنجي رخن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو وڻي سو عدليه فيصلو ڏي ٿي انهن فيصلن جي ڳوڙهي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ان سان ايندڙ وقت ۾ سموري پاڪستان ۽ ملڪ جي ماڻهن تي ڏاڍا ناخوشگوار اثر پوندا.
بنا ڪنهن ڊائريڪشن جي ڪارپيٽ هيٺان گڏ ٿيل سالن جي دز هٽائڻ نه ڪو ايڏو سولو ڪم آهي ۽ نه وري اڪيلي سر هٽائي سگهجي، رڳو دز هٽائڻ جي ڪوشش دز کي اڏائي سڄي معاشري جي منهن تي ته پئجي سگهي ٿي پر اها مڪمل طور صاف نٿي ٿي سگهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان پنجن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ جو رانديگر آهي، هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ به ڪاميابي سان کيڏي چڪو آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي ڇو کيڏي رهيو آهي، ايڏي ڪهڙي تڪڙ اٿس؟

24هين ڪانفرنس آف پارٽيز کانپوءِ !؟؟؟

گذريل ڪجهه ئي سالن کان سڄي دنيا ۾ جنهن مسئلي بابت سڀ کان گهڻو ڳالهايو پيو وڃي سو “موسمي ڦير گهير” آهي ،تازو ئي پولينڊ جي شهر ڪاٽووائس ۾ ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ 24 هين “ڪانفرنس آف پارٽيز” جو مقصد به انهيءَ مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ بحث ڪرڻ هو. ان عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان آيل اٽڪل 196 ملڪن جي20هزار کان مٿي نمائندن شرڪت ڪئي.1994 ۾ گڏيل قومن واري تنظيم جي عالمي موسمياتي ٺاهه جي “فريم ورڪ ڪنوينشن” جي منظور ٿيڻ کانپوءِ ڪانفرنس آف پارٽيز هر سال ٿيندي رهي آهي. هن سال ٿيندڙ ان ڪانفرنس جي اهميت انڪري به گهڻي هئي ته 2015 ۾ ٿيندڙ “پئرس ٺاهه” تي عمل درآمد بابت جانچ وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ گڏيل عالمي ڪاوشن بابت بحث ڪرڻ هن ڪانفرنس جا مک ايجنڊا هئا.پئرس معاهدي ۾ شامل ٻين اهم نقطن سان گڏ هڪ نقطو اهو به هو ته دنيا جي گولي جو گرمي پد 1.5 سينٽي گريڊ کان مٿي وڌڻ نه ڏبو تنهنڪري 24هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ دنيا کي اها به اميد هئي ته جيڪڏهن دنيا جا ملڪ پئرس ٺاهه جي ڏس ۾ عمل ڪن ٿا ته دنيا جي گولي کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ايندڙ وقتن ۾ موسمي ڦير گهير وگهي امڪاني تباهين کان به بچي سگهجي ٿو.2015 ۾ پئرس ۾ ٿيل 21هين ڪانفرنس آف پارٽيز کي ڇڏي ڪري باقي ڪا به ان طرز جي عالمي ڪانفرنس خاطرخواهه نتيجا نه ڏئي سگهي آهي. 1997 ۾ ٿيل “ڪيوٽو پروٽوڪول” هجي يا 2009 ۾ ٿيل”ڪوپنهيگن ڪانفرنس” رڳو بينتيجا بحث ٿيا ۽ هڪ ٻئي سان ڪوڙا وعدا وچن ڪيا ويا جڏهن ته هر ملڪ پنهنجي پاران ڪا اهڙي عملي ڪوشش نه ڪئي ته جنهن سان دنيا ۾ هر نئين سج سان گڏ اڀرندڙ نئين تباهڪارين کان دنيا کي بچائي سگهجي.
هي مسئلو ڪيترو سنگين آهي؟ ڇا دنيا جو مستقبل هن سان سلهاڙيل آهي؟ ان قسم جي سوالن جا جواب ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ توجهه جا مرڪز رهيا جتي سڄي دنيا کان ايندڙ موسمياتي ماهرن هر ان راز تان پردو کنيو جن سان هن ڌرتي جي گولي تي انساني بقا کي خطرو آهي.ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ کان پهرين عالمي ميڊيا ۾ اهڙين خبرن گردش ڪئي جن سان لڳو پئي ته شايد هي ڪانفرنس به ڪي سٺا نتيجا نه ڏئي سگهندي. اهڙين خبرن جي اچڻ جو ڪارڻ موسمي ڦير گهير خلاف عالمي جنگ ۾ آمريڪا جو ٻٽو رويو هجڻ هو. جيئن ته آمريڪا دنيا ۾ گرين هائوس گيسن جو سڀ کان وڏو خارج ڪندڙ ملڪ آهي تنهن ڪري گذريل سال هن پئرس ٺاهه کان ڦرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پوءِ اهو رينگٽ هلندورهيو. هن ڀيري به ڪجهه عالمي اڳواڻن اچي ڪانفرنس ۾ شامل آمريڪي نمائندن کي سمجهايوجي نه ته آمريڪا پاڻ کي هن موسمي ڦيرگهير خلاف عالمي جوڙ کان تقريبن الڳ ڪري چڪو هو.
بهرحال آمريڪا جي شديد اختلاف سبب پئرس معاهدي ۾ قلمبند ڪيل ڪجهه نقطن تي نظرثاني ڪئي وئي ته جيئن آمريڪا کي ڪجهه رليف فراهم ڪري سگهجي. معاهدي ۾ ڪيل ان قسم جي هاڃيڪار تبديلين سبب تيزي سان دنيا کي تباهي طرف ڌڪيندڙ موسمي ڦيرگهير خلاف جيڪا عالمي جنگ جوٽي وئي هئي سا نٿو لڳي ته پنهنجي منطقي انجام تائين هاڻ پهچندي. جيتوڻيڪ معاهدي ۾ ڪيل ردوبدل انتهائي غيرسنجيده عمل آهي پر گڏيل قومن واري تنظيم مطابق ان سان پئرس معاهدي تي ڪو خاص فرق نه پوندو.
هن ٻن هفتن واري عالمي ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ واري آفيشل وقت تائين لڳو ائين پئي ته موسمي ڦيرگهير خلاف ٿيل پئرس معاهدي سميت هيسيتائين کنيل سڀئي عالمي وکون ۽ اميدون هن ڪانفرنس جي پڄاڻي سان گڏ پنهنجي پڄاڻي تي پهچنديون پر آخري ڏينهن ڪانفرنس کي هڪ وڌيڪ ڏينهن لاءِ وڌايو ويو جنهن سبب ڪانفرنس ڪنهن حد تائين هڪ سٺي “اينڊ نوٽ” تي ختم ٿي. اميدن تي دنيا قائم آهي سو هتي به ڪجهه ائين ئي ٿيو. آخرڪار آمريڪا کي ڇڏي ،باقي سمورن شريڪ ملڪن جا نمائندا جن ڳالهين تي راضي ٿيا تن ۾ ڪاربن جو خارج ٿيڻ ڪيئن گهٽ ڪري سگهجي ٿو، غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جي مالي مدد ڪرڻ معاهدي ۾ شامل امير ملڪن جي ترجيح هوندي ته جيئن هو به موسمي ڦيرگهير سبب نمودار ٿيندڙ اثرن تي ضابطو آڻڻ جي ڏس ۾ عملي قدم کڻي سگهن ۽ هڪ واضح حڪمت عملي جوڙين ته جيئن دنيا جي گولي جو گرمي پد 1.5 سينٽي گريڊ کان ڪنهن صورت نه وڌي سگهي.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيل وعدن سان ڪير ڪيترو نڀاهه ڪندو پر ايندڙ ڪانفرنس تائين اهو ضرور کُلي چٽو ٿي بيهندو ته ڪير هن ٺاهه سان ڪيترو وفادار آهي ۽ ڪير آمريڪا وانگر ٻٽي سوچ رکي ٿو. دنيا جي وڏن ملڪن لاءِ انهن جوڙيل قائدن تي عمل ڪرڻ ڪنهن صورت به سولو نه هوندو ڇو ته انهن جي معيشيت جو دارومدار ئي انهن صنعتن سان لاڳاپيل آهي جن کي بند ڪرڻ يا گھٽائڻ جي ڳالهه معاهدي ۾ ڪئي وئي آهي. ساڳي ريت دنيا جي انهن ملڪن لاءِ به انهن قاعدن تي عمل ڪرڻ ڏکيو هوندو جيڪي معاشي طور اڃان ايترا سگهارا نه بڻيا آهن جو اهڙين معاشي پابندين کي برداشت ڪري سگهن.امير ملڪن طرفان غريب ملڪن لاءِ ان ڏس ۾ جاري ٿيندڙ مالي امداد يقينن انهن ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ “گرين ڪلائميٽ فنڊ” نالي شروع ڪيل منصوبي سان موسمي ڦيرگهير جي هاڃيڪار اثرن خلاف جنگ ۾ اهڙن ڪمزور ملڪن جي نفسياتي برتري کي وڌيڪ اثرائتو پڻ بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان کي ان ڏس ۾ ٻيڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت پوندي جنهن جا ٻه مک ڪارڻ آهن. هڪ ته پاڪستان شديد موسمي ڦير گھير جي اثرن جي ور چڙهيل وڏن ڏهن ملڪن مان هڪ آهي ۽ ٻيو ته گرين هائوس گيسن کي گهٽائڻ سان گڏ ظاهر ٿيندڙ معاشي مسئلن لاءِ به تيار ناهي. ملڪ پاڪستان جي 6 رڪني وفد جيتوڻيڪ ٻين ملڪن جي نمائندن کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان پئرس معاهدي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد ڪري رهيو آهي پر ڇا ائين آهي؟
خير! پاڪستان کي هن ڪانفرنس آف پارٽيز جي ورڪنگ باڊي جو نائب صدر چونڊيو ويو آهي جيڪو هڪ بهترين ۽ وقتائتو فيصلو آهي. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته موجوده حڪومت هن مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو سمجهي ٿي جنهن ڏس ۾ حڪومت ڪوششون به ڪري پئي پر دهلي دور است! جرمن واچ نالي عالمي اداري پاران تازو جاري ڪيل عالمي موسمي ڦيرگهير واري درجابندي “گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس” ۾ پاڪستان کي دنيا جو اٺون سڀ کان گهڻو متاثر ٿيل ملڪ قرار ڏنو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت پاڪستان لاءِ ڪو سٺو سنوَڻ ڪونهي.

سڀ سانگ سجايو آ پيارا

1 2 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌي ادب ۽ جديد شاعري جو مهان شاعر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي سوڳوار ڪري ويو پر هن جي گيتن جي گونج ۽ شاعري جو لفظ لفظ اڄ به سماج جي ترجماني پيو ڪري ، اڄ به ان ئي زماني جيان سندس شاعري گونجي ٿي جيئن پاڻ پنهنجي زباني چئي ويو ته؛ ڇني گل گلاب جا ، ڪيئي ڌارو ڌار ،اڙي موت ميار ، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان“. شيخ اياز سنڌ جي سهڻي ،قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت شيخ غلام حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ جي گهر پرهه ڦٽي مهل 2 مارچ 1923ع جمعي جي ڏهاڙي تي پيدا ٿيو.سندس تربيت علمي ،ادبي گهراڻي منجهه ٿيڻ سبب ننڍي هوندي ئي ڏات ملي. پڙهڻ جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شڪارپور جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان بنيادي تعليم پرائي وڌيڪ انٽر جي تعليم شڪارپور جي مشهور ڪاليج سي اينڊ ايس مان 1942ع ڌاري حاصل ڪئي. شيخ اياز اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو، 1944ع ڌاريڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو جنهن کانپوءِ کيس قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن ان ئي زماني ۾ 1950ع ڌاري ايس ايم لا ڪاليج منجهان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي ڪرت شروع ڪئي ۽ اچي سکر شهر وسايائين.شيخ اياز ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اها ڇپجڻ به شروع ٿي، هن باقاعده طور سال 1946ع کان ادبي دنيا ۾پير پاتو. شيخ اياز جي ڇَٽي جو نالو ته (مبارڪ علي ) رکيو ويو پر شاعري ۾ هن پنهنجو نالو شيخ ايازڪم آندو.سنڌ جي هن شاعر شعر و شاعري جي شروعات کيئل داس فاني جي اثر هيٺ ڪئي، شيخ اياز کي الله تعالي شاعري جي اهڙي ته ڏات عطا ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي پنهنجي ڏات سان جرڪائي نروار ڪيو .غزل ، هجي يا وائي دوهو هجي يا نظم ، آزاد نظم هجي يا نثراڻو نظم، گيت هجي يا لوڪ گيت، ٽيڙو هجي يا بيت، سڀئي صنفون سندس محتاج نظر اچن ٿيون.کيس سڀني ادبي رنگن ، صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي. شيخ اياز سنڌي ادب جي سمورين صنفن تي قلم کڻي ججهي انداز سان لکيو آهي، سندس خاص موضوع سونهن ، ڏک ، درد ، عشق ، پيار ، امن ، سلامتي ، وصل ، وڇوڙو ، ڌرتي جا مسئلا ، ڌرتي سان پيار پنهنجي اندر جو آواز هڪ سهڻي نموني سان اظهاريو آهي .شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان اتم ۽ اهم آهي. شيخ اياز محبوب جي هر انداز کي پنهنجي ڏات سان ظاهر ڪري هن ريت بيان ڪري ٿو:
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي ، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي ،
ائين وقت ڪٽيو ، ائين عمر لٽي ، سڀ سانگ سجايو آ پيارا .
شيخ اياز جي شاعري رومانيت جي پهلو سان ٽمٽار لڳي پئي آهي سندس رومانيت واري پهلو ۾ لفظن جو سٽاءَ موتين جي مالها جيان چٽيل آهي ، سندس لفظن جي چونڊ به اعليٰدرجي جي آهي.شيخ اياز جي گيت واري صنف به پنهنجي مٽ پاڻ آهي، هو گيت جي صنف ۾ مومل جي واتان راڻي کي انتظار ۾ پنهنجي زباني چوائي ٿو ته :
رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي ،
ماڪ ۾ مينڌرا ، ڪاڪ روئندي رهي .
شيخ اياز سنڌي زبان جو محبوب شاعر هو ، سندس شاعري سنڌ جي هر پيڙهيل طبقي جي ترجماني ڪندي انهن جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي. شيخ اياز هڪ بهترين اعليٰ درجي جو نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ ، سٽ لفظ، لفظ سهڻو ۽ لاجواب آهي. سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي. شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي لفظن جي لغت جو رهبر آهي. شيخ اياز جي نثري صنفن ۾ سفرناما ، تقريرون ، آتم ڪهاڻي ، نوٽ بڪ ، نثري ٽڪرا ، ادبي خط ، افسانا، ڪهاڻيون ، ڊائري ۽ انٽرويو نهايت اعليٰ نموني جا ملن ٿا.شيخ اياز جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ناهن، شيخ اياز کي عالمگير شهرت حاصل هئي، هو پنهنجي پورهئي سان سنڌي ادب جي جهول ڀري ويو آهي. سندس وفات مهل تائين 65 ڪتاب مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ سنڌ ڌرتي جو هي شاعر ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ ڇڏي ويو آهي . شيخ اياز کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جن ۾ اردو ، انگريزي ، سرائيڪي ، جرمني ، گريڪ ، روسي ، وغيره شامل آهن . شيخ اياز سنڌ جي لاکيڻي لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي . شيخ اياز ڀٽائي گهوٽ کي نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو. اياز پاڻ کي لطيف سائين جي پيرن جي پڻي سڏيو آهي ،هن لطيف سرڪار کان سواءِ حضرت سچل سرمست ۽ سامي کي به ساڳي مڃتا ڏني آهي .ڌرتي جو دادلو شاعر شيخ اياز28ڊسمبر 1997ع آچر ڏينهن تيحياتيءَ جا 74 سال 9 مهينا 26 ڏينهن گذاري، اسر ويل دل بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ هي فاني جهان ڇڏي ويو .سندس اڄ 21 هين ورسي ملهائي پئي وڃي ان موقعي تي سنڌ جا اديب ، ڏات ڌڻي مختلف شهرن ۾ ڪوٺايل تقريبن دوران سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهي رهيا آهن ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪري رهيا آهن .

نواز شريف، سياست ۽ سزا

پاناما جي پنڊورا باڪس مان نڪرندڙ نڀاڳ نواز شريف کي وري جيل پڄايو آهي. پاناما پڌراين جي جاچ ڪري دال ۾ ڪارو ڏسي سپريم ڪورٽ نيب کي جيڪي ٽي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو هو، انهن مان هڪ کانپوءِ باقي ٻن ڪيسن جو فيصلو به اچي ويو، پهرين ڪيس ۾ هو نااهل ٿي جيل ويو هو، اپيل جي مرحلي ۾ضمانت تي نڪتل هو، هاڻ آيل ٻن ڪيسن جي فيصلن مان هڪ ۾ بيگناھ نڪتو ٻئي ۾ ڏوهاري ثابت ٿيو. اهڙي ريت اپيل واري ضمانت آخري ڪيس ۾ آيل سزا سان ڪينسل ٿي ۽ هو وري جيل پهتو. ڪرپشن ثابت، همراه ست سالن لاءِ هٿيڪو، العزيزيه مل ۽ هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ ڪمپني جي نالي سان پنهنجي ملڪيت جي پئسن واري واٽ نه ڏئي سگهيو، جنهن تي ملڪيت به ضبط، ڏيڍ ارب رپيا ڏنڊ به ڏيندو، قيد به ڪاٽيندو، نااهلي تنهن کان سوا… پنهنجي صفائي ۾ ڪجھ به پيش نه ڪري سگهيو، پر مڃڻ کان پوءِ به انڪار، ثبوت اڳيان، شاهد سامهان، پر “نهڪر” کي نوَ ڪوٽ.فيصلو ته اچڻو ئي هو، سو اچي ويو. ٽين دنيا ۾ ۽ اسان جهڙي ملڪ ۾ ملڪ جي به اقتدار ۾، اقتدار ۾ به لڳاتار اهڙي سياست جو هجڻ ۽ سياست ۾ اهڙن جو ليڊر ٿي وڃڻ جيڪي ملڪ جا حڪمران ٿي ٻاهرين ملڪن ۾ جائدادن ۽ ڪاروبارن جا مالڪ ٿي وڃن ۽ حساب پائيءَ جو به نه ڏئي سگهن، ٻڏڻ جهڙي ڳالھ آ، دنيا اندر ڪيڏي خواري ٿي ٿئي!اقتدار جي سانجهھ بابت شايد ڪڏهن سوچيو به نه هئائون، جيترو خدشو هوندن اوترو بندوبست ڪيو هئائون، عوام کي ته ڪجھ سمجهندا ئي ناهن، ادارن ۾ پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا هئائون، ميڊيا جي وات ۾ اشتهار رکي سندي ساراه جو جهان جوڙيو هئائون، ڊگهو عرصو رهي ڊگھا انتظام ڪري ڇڏيا هئائون، پر ڪي خدا جون ڪرڻيون به ٿين ٿيون جيڪي انسان جي ڪرڻين جي پاڙ پٽي رکن ٿيون. پرڏيھ مان نڪرندڙ پاناما ليڪس اهڙي ئي هڪ ڪرڻي هئي.اهڙي ئي هڪڙي معاملي ۾ ٻاهران ٻاٻور پوڻ تي، مخالف ڌر جي هوء هوء تي ۽ عدالت جي سنجيدگي سان، سو به ٻن سالن پڄاڻان، هڪڙي حاڪمزادي کي سڳ سان چوري پڪڙجڻ تي سزا ڇا آئي آ وڏن ماڻهن جي گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو آ، ڪيس نواز شريف جو آ خوف گهڻن کي پنهنجو ٿو کائي ته اسان جو ڇا ٿيندو الائي.
رک ته رجهي ٿي… وارا ڍارا آهن، رهندو ڪو به نه، هڪ هڪ جو حساب ٿيندو، جن جيڪو ڪيو آ سو خدا جي ڪاغذن ۾ ته لکيل آ پر هت به ثبوت موجود آهن. “جي آءِ ٽيز” هر ڪنهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ لڳيون آهن، احتساب مشن جيڪو شروع ٿيو آ ڪو دنگ ڪندو، هڻي هنڌ ڪندو، لٺ ڦِري آ سڀني جو وارو ايندو، گهڻن وڏي دولت وارن، وڏن هٿن وارن، وڏن پيٽن وارن، وڏين ملڪيتن وارن، وڏين گاڏين، وڏن بنگلن وارن، وڏي طاقت ۽ وڏي اثر وارن جي شامت آئي آ.اهو قهر خدائي آ، نه ته ڪڏهن هنن جي ڳچيءَ ۾ هٿ نه پيو هو، هٿ هنن جا هوندا ها ۽ ڳچي عوام جي!سياست ۾ اچي الائي ڇو انسان اهڙو ٿي ٿو پوي، اقتدار جي هوَس ۾ انڌو ٿئي ٿو ديد ڇڏائجي ٿي وڃيس، اهو به نٿو ڏسي ته کسيان ڪنهن کان ٿو… هو، جيڪي ويلا ويهندا آهن، بيمارين جي ور چڙهي وري ناهن اٿندا، چُڙي چُڙي مري ويندا هن، ڇا هٿَ کڻي نه پِٽيندا هوندن؟

سکر جي موروثي سياست ۽ سکر جا مسئلا…

هن جديد دور ۾ به موروثي سياست وارو رجحان نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ عام آهي، جيتوڻيڪ ملڪ جي سڀني وڏين پارٽين جي سربراهن پاران موروثي سياست ختم ڪرڻ جا اعلان به ٿيا پر اُنهن تي عمل درآمد هڪ سواليه نشان بڻيل رهيو آهي، اهڙي موروثي سياسي جي خاتمي جي لاءِ موجوده پاڪستان جو وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پڻ اعلان ڪيو آهي، جنهن مان نوجوانن کي وڏيون اميدون پڻ وابسطه آهن، پاڻ هن ڊگهي موضوع تي بحث ڪرڻ بجاءِ پنهنجي موضوع طرف اچون ته جيڪڏهن موروثي سياست تي نظر ڦيرائجي ٿي ته پوري ملڪ جيان سنڌ جي هر ضلعي ۾ موروثي سياست وارو عنصر واضع طور نظر ايندو، جنهن سان حقدار توڙي نئين نسل کي سياست جي ميدان ۾ پارٽيون مڪمل طور نظر انداز ڪندي پنهنجا نوازي توڙي موروثي سياست عيوض ٽڪيٽن جي ورهاست ڪرڻ ۾ مصروف آهن.اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر تي نظر ڦيرائينداسين ته اُتي به سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ٻن خاندانن وٽ ئي موجود آهي، جتي ٻن هائوسن يعني سيد هائوس ۽ شيخ هائوس جو سِڪو هلندو آهي، تنهن ڪري سکر ۾ مقررين توڙي بدلين تي به تڪرار سامهون ايندا رهيا آهن، اهڙي طرح سيد هائوس جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه توڙي شيخ هائوس جي سينيٽر اسلام الدين وچ ۾ تڪرارن واريون ڳالهيون به ڪنهن کان لڪل ناهن. هن وقت تائين سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر شپ تي شيخ گهراڻي جي حڪمراني رهي آهي شيخ خاندان کان سوا ڪو به فرد ميئر شپ حاصل ناهي ڪري سگهيو.چار ڀيرا سينيٽر، هڪ ڀيرو ايم اين اي رهندڙ اسلام الدين شيخ 1989ع کان 83 تائين سکر جو ميئر رهيو، جنهن کان پوءِ هو ٻيهر ميئر چونڊيو پر غير جماعتي بنيادن تي ٿيل اليڪشن ۾ هن ميئر شپ ڇڏي ايم اين اي جي چونڊ وڙهي ۽ ميئر شپ وري سندس ڀاءُ نور الدين شيخ سنڀالي، جيڪو به 87 کان 91 تائين ٻيهر ميئر رهيو ۽ هاڻي وري سينيٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ ارسلان شيخ ميئر آهي. پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ اڪثريت آبادي سنڌي هئڻ باوجود ڄاڻايل وڏا شهر سنڌي ميئر کان محروم آهن، هن وقت اسلام الدين شيخ پاڻ سينيٽر، سندس پٽ نعمان اسلام شيخ ايم اين اي ۽ ٻيو پٽ بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ميئر جي سيٽ تي موجود آهي، اهڙي طرح اڳوڻي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه هڪ ڀيرو وري ايم اين اي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو آهي، سندس پٽ سيد فرخ شاهه ۽ ڀائيٽو سيد اويس قادر شاهه صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهي، موروثي سياست سبب اسٽوڊنٽس واري زماني کان وٺي سياست ڪندڙ پارٽي جا پراڻا جيالا سکر ۾ مڪمل طور نظر انداز ٿيندا رهيا آهن تنهن ڪري انهن ۾ مايوسي توڙي بيچيني واري لهر ڇانيل آهي. گذريل عام چونڊن ۾ صوبائي سيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ آصف علي زرداري جي تمام ويجهو رهندڙ محمد علي شيخ پڻ ڪوشش ڪئي اليڪشن ورڪ پڻ ڀرپور نموني هلائي پر کيس سيٽ نه ملي جنهن تان سکر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين محمد اسلم شيخ پنهنجي ڀاءٌ کي تڪيٽ نه ملڻ تان پارٽيءَ مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جيڪو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. هاڻي ڳالهه ڪجي اُن شهر جي عوام جي جنهن سيد خورشيد احمد شاهه توڙي اسلام الدين شيخ کي عزت مان ۽ مرتبو ڏئي اعليٰ مقام تائين پهچايو آهي، سنڌ جي خوبصورت شهر سکر جا رهواسي اڄ به مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد هئڻ باوجود سکر واسي پيئڻ جي صاف پاڻي واري سهولت کان وانجهيل آهي سکر مان چونڊيل نمائندن هر ڀيري سکر واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي واري فراهمي، ڊرينيج نظام، روڊن رستن جي بهتري سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جا سنهرا خواب ڏيکاريا، پر اُهي خواب اڃا ساڀيا نه ٿي سگهيا آهن، پر اڪثر نمائندا چونڊجن کان پوءِ پنهنجي تڪ ۾ رهڻ بجاءِ ڪراچي يا وري اسلام آباد ۾ رهڻ کي پسند ڪن ٿا، تنهن ڪري سکر ۾ مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ حڪومت سنڌ نساسڪ کي متعارف ڪرائي سکر سميت سمورن شهرن کي پاڻي جي فراهمي يقين بڻائڻ جو وچن ڪيو. پر اربين روپيا پيئڻ جي پاڻي توڙي ڊرينيج جي بهتري لاءِ خرچ ٿيڻ باوجود مسئلو برقرار رهيو، آخرڪار عدالتي حڪم تي نساسڪ کي ته بند ڪيو ويو پر اربين روپين جي خرچ باوجود ڪا به بهتري ناهي آئي. جيڪڏهن روڊن رستن جي ڳالهه ڪجي ته هر ڀيري اهڙا روڊ ٺهندا آهن جيڪي هڪ برسات کان پوءِ ئي ڊهي وڃن ٿا، جن جا ٺيڪا وري بااثر سياستدان پنهنجن منپسند ٺيڪيدارن حوالي ڪري ڇڏيندا آهن جن کان نه ئي انجنيئر پڇا ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي وري حڪمران. تنهن ڪري سکر ۾ جنهن کي جيڪو وڻي ٿو سو تئين پوي ڪري. نتيجي ۾ سکر جي اڪثر آبادي پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي ٿي ۽ وري جن علائقن ۾ پاڻي فراهم ٿئي ٿو اِهو به ڊرينيج مليل بدبوءِ دار گندو پاڻي هوندو آهي، ميونسپل انتظاميه شهر جو سڄو ڊرينيج وارو پاڻي سنڌو ۽ ڪئنالن ۾ چوڙ ڪري ٿي ۽ شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي به سنڌو درياءَ ۽ ڪئنالن مان ئي کنيو وڃي ٿو، ميونسپل جي تلائن جي حالت به انتهائي خراب آهي پاڻي جي تلائن جي سالن کان صفائي نه ٿيڻ سبب ساوڪ ڄميل آهي، جنهن سبب سکر واسين جي صحت داءٌ تي لڳل آهي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان جوڙيل واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم مختلف وقتن تي سکر جو دورو ڪري ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ مٿان پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج نظام جي بهتر نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪري چڪو آهي ته توهان شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي توهان جي والد اسلام الدين شيخ واري دور ۾ به ساڳي حالت هئي ته سالن کان پوءِ هاڻي به ساڳي حالت آهي جيڪا بهتر ٿيڻ بجاءِ توهان شهر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري واٽر ڪميشن جي چيئرمين هڪ اجلاس ۾ واضح حڪم ڏنو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ اسڪيمن جو ڊي ڊي او هوندو پر ڪوبه فنڊ ڊي سي جي منظوريءَ کانسواءِ رليزنه ڪندو. سموريون واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن توڙي ملازمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقلي وارو ڪم منتقل ڪرڻ جي ڪابه ٽائيم لائين ناهي هدايتن تي فوري عمل ٿيڻ گهرجي ڪوبه بهانو نه ٻڌو ويندو، جيڪڏهن شهر ۾ صحت کاتي جي ڳالهه ڪجي ته سيد خورشيد احمد شاهه سول اسپتال سکر جي بجيٽ ته ٻيڻي ڪرائي آهي پر اِن باوجود اُتي صحت جي سهولتن جي اڻهوند آهي، مريضن طرفان دوائون نه ملڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت ڪيتريون ئي شڪايتون عام هونديون آهن اهڙي شڪايتن تي خورشيد شاهه ڪافي ڀيرا دورا پڻ ڪري چڪو آهي، وري جيڪڏهن تعليم جي ڳالهه ڪجي ته ضلعي ۾ ڪيترائي اسڪول بند آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم نه هجڻ سبب کنڀين جيان پرائيويٽ اسڪول کلي ويا آهن، شهر جي تفريحي پارڪن جي حالت بهتر ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، وڏي لاڳت سان تيار ٿيندڙ ملٽري روڊ وارو ڪم رولڙي جي ور چڙهيل آهن، شهر ۾ قبضا مافيا قبرستانن جي بي رحمتي ڪندي قبرون مسمار ڪري اُتي قبضا ڪرڻ، سرڪاري توڙي نجي پراپرٽين تي قبضا ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جون شڪايتون به وڏي تعداد ۾ لاڳاپيل اختيارين کي ٿيون آهن پر اِن طرف به ڪو توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ساڳي طرح حددخلين شهر جي سونهن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. شهر ۾ اڪثر ترقياتي ڪم بغير پلاننگ جي ڪيا ويندا آهن جهڙوڪ روڊن جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ اُنهن کي ڊرينيج جا پائيپ لائين وڇائڻ، پي ٽي سي ايل، پبلڪ هيلٿ توڙي ٻين ادارن طرفان لائينون وڇائڻ جي لاءِ کوٽڻ معمول بڻيل آهي. اهڙن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ ۾ سالن کان حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي سکر جا چونڊيل نمائنده توڙي پارٽي اڳواڻ ڪڏهن به هڪ پليٽ فارم تي گڏ ناهن ٿيا. شهر جي سياست توڙي مسئلن جي نظر رکندڙ سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته سکر شهر کي ٻنهي بااثر سياسي ڌرين جي اختلافن سبب تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سياسي هلچل متعلق ميڊيا سان ڳالهائيندڙ سيد خورشيد احمد شاهه جو سکر شهر متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ موقف رهيو آهي ته ڪجهه سٺن ڪمن متعلق به ميڊيا لکي جنهن ۾ ڪينسر اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، گورنمينٽ آرٽس يونيورسٽي، گورنمينٽ وومين يونيورسٽي، اسپورٽس ڪامپليڪس سميت ٻيا ترقياتي ڪم به شهر ۾ هلندڙ آهن جن متعلق به لکيو وڃي. خورشيد شاهه جي ڳالهه پنهنجي جڳهه تي پر سالن کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ۽ ڊرينيج نظام جي بهتري جهڙن بنيادي مسئلن کي منهن ڏيندڙ لکين سکر واسين جي آخر ڪهڙي غلطي آهي جو اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود اِهي مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا…..؟ هاڻي ڏسجي ته سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم جي حڪم تي سکر واسين جو بنيادي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج وارو مسئلو حل ٿئي ٿو يا هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي رقم ساڳين اسڪيمن تي خرچ ٿيڻ باوجود سکر واسي مٿي ڄاڻايل بنيادي سهولتن کان وانجهيل رهندا….؟

ڪپتان خان ٽي 20 نه ، ٽيسٽ مئچ کيڏو

سڄو ملڪ غير يقيني جي ڪوهيڙي ۾ ورتل آهي، هينئر ڇا ڪرڻو آهي؟ سڀاڻي ڇا ڪرڻو آهي ؟ ايندڙ وقت ۾ ڇا ڪرڻو آهي ؟ ان بابت نه ڪو ادارو ۽ نه ئي وري اعليٰ آفيسر ڪجهه سوچي ۽ ڪري رهيا آهن. مٿان کان آرڊر اچي ٿو ته ڪرپشن جي جاچ ڪريو ته سڀ ان جاچ ۾ لڳي ويندا آهن، وري حڪم ٿئي ٿو ته “حددخليون هٽائڻيون آهن” سڀ حددخليون هٽائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ لڳي ٿا وڃن، ڀڄ ڀڄان آهي، جنهن جو ڪو طئي ٿيل نه رخ آهي نه منزل.
ملڪ کي درپيش سڀ کان وڏومسئلو مالي بحران آهي جنهن جي حل لاءِ وزيراعظم پرڏيهي توڙي خزاني وارا وزير ذري گهٽ اڌ دنيا گهمي ويا آهن، چين، ملائشيا، سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتون، روس توڙي ترڪي سڀني ملڪن مان ٿي آيا، آءِ ايم ايف سان به رابطو ڪيو ويو پر تازن اطلاعن موجب آءِ ايم ايف به ايڏو سولائي سان قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته پاڪستان قرض موٽائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، قرض ته کڻي ڏجي پر اهو ڀربو ڪٿان ؟ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن به تقريبن 5- ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکرايا آهن، ان ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ 5- ارب ڊالر پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ اچي ويا آهن، اهي پئسا پاڪستان جا ناهن، بلڪه بينڪ ۾ رکيل ڌرادت آهي جنهن کي اوهان خرچ نٿا ڪري سگهو، اها رقم رڳو توهان جي ڪارپت ڏيکارڻ لاءِ آهي، جيئن عام واپار ۾ ٿيندو آهي ته ڪارپت سٺي هجڻ جي صورت ۾ ان کي ٻي ڪا ڌر قرض ڏيئي ڇڏيندي آهي پر اها ڪارپت به ملڪ جي مالي حالتن کي بهتر بڻائي نه سگهي، جو ان بنياد تي کيس ڪو قرض ملي نه سگهيو آهي، ڇا ڪاڻ جو اهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهي پراوا پئسا آهن، اسين هرو ڀرو پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيون ويٺا آهيون.
سڀ پاسا ڏسي اچڻ کانپوءِ نالي وارو وزير روز مني بجيٽ جا دڙڪا پيو ڏي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عام ماڻهو کي رليف نه ڏنو ويو. بظاهر ڊالر جي اگهه جو بهانو آهي پر ڊالر جو اگهه ته اڳ وڌيو هو، تيل جون قيمتون پوءِ گهٽيون آهن. توانائي جو گهوٽالو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي.
حڪومت چين جي آسري تي ڪُڏي رهي هئي پر ان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي مامرن تي نظرثاني ٿيڻ ڏي وڃي رهي آهي، انهن سمورين حالتن ۽ غيريقيني واري صورتحال ۾ ڪو ننڍو وڏو سيڙپڪار سيڙپ لاءِ تيار ناهي، معيشت جو ڦيٿو بنهه ڍرو ٿي رهيو آهي جنهن سان بيروزگاري وڌڻ ۽ ڪاروبار ۾ ٻاڙائي هيڪاري وڌي ويندي.
ساڳي صورتحال ملڪ جي سياسي معاملن جي آهي، پنجن ڇهن سيٽن تي بيٺل حڪومت سڀني کي جيل ۾ وجهي ٺيڪ ڪرڻ جي فارمولي تي هلي رهي آهي، ٻي ڪنهن پارٽي يا نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ رڪموڊيٽ ڪرڻ جي صلاحيت کان وانجهيل کان وانجهيل حڪمران ملڪ جي ماحول ۽ ڪلچر کي غيرسياسي بڻائي رهيا آهن، جيترو ماحول غير سياسي بڻبو اوترو ئي اڻ سهپ وارو ۽ غير جمهوري ٿيندو ويندو.
سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي خواهش چڱي ڳالهه آهي. چوندا آهن ته خواهشون جيڪڏهن گهوڙا هجن ها ته سمورا فقير به سواري ڪن ها، پر رڳو خواهشن جي بنياد تي ملڪ جو ڪاروهنوار، سو به هر پاسي کان گهوٽالي ۾ ورتل ملڪ کي هلائڻ ڏکيو نه بلڪه ناممڪن ٿو لڳي، گڏيل صلاح مشوري سان نظام ٺاهي ۽ انهن ۾ سڌارا آندا ويندا آهن، شخصي خواهشن جي بنياد تي ٺاهيل نظام يا ڪي سڌارا گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن. جيئن ايوب خان جو جوڙيل سمورو نظام سندس وڃڻ بعد ڊهي پٽ پئجي ويو، ساڳي ريت ضياءُ الحق جو نظام به اڏامي ويو، اها ڳالهه آهي ته ضياء جي باقيات واريون انگهون ۽ کُتون اڃا تائين ماڻهن توڙي جمهوري ڌرين ۽ ادارن کي چڀنديون رهن ٿيون.
هڪ افراتفري ۽ غير يقيني جي ڌنڌ آهي، مٿان وري ٽي چار پاور سينٽر ٺهڻ ڪري معاملو ويتر مونجهاري جو شڪار آهي.
حڪومت، جاچ ڪندڙ ادارا ۽ عدليه پنهنجي پنهنجي رخن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو وڻي سو عدليه فيصلو ڏي ٿي انهن فيصلن جي ڳوڙهي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ان سان ايندڙ وقت ۾ سموري پاڪستان ۽ ملڪ جي ماڻهن تي ڏاڍا ناخوشگوار اثر پوندا.
بنا ڪنهن ڊائريڪشن جي ڪارپيٽ هيٺان گڏ ٿيل سالن جي دز هٽائڻ نه ڪو ايڏو سولو ڪم آهي ۽ نه وري اڪيلي سر هٽائي سگهجي، رڳو دز هٽائڻ جي ڪوشش دز کي اڏائي سڄي معاشري جي منهن تي ته پئجي سگهي ٿي پر اها مڪمل طور صاف نٿي ٿي سگهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان پنجن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ جو رانديگر آهي، هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ به ڪاميابي سان کيڏي چڪو آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي ڇو کيڏي رهيو آهي، ايڏي ڪهڙي تڪڙ اٿس؟

آئي تنهنجي سارَ او يار !!

سنڌ جي چيڪي مٽيءَ سدائين اهڙن ڏاهن کي جنم ڏنو آهي ،جن هر دور ۾ حق ۽ صداقت جي سَر بُلندي ۽ ظلم جبر جي خاتمي جو اهڃاڻ بڻجي پنهنجي قلم، زبان ۽ فن وسيلي هن ڌرتي تي سچائي، سلامتي ۽ پاڪائيءَ جي پوک پوکي آهي . اهڙيءَ ريت سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي مهان ڪلاڪارن کي جنم ڏنو آهي، جن سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو متعارف ڪرايو آهي، انهن ۾ناليوارن فنڪارن منجهان علڻ فقير، فقير عبدالغفور، ڍول فقير، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، عابده پروين ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن جن پنهنجي آواز وسيلي تمام گهڻي مڃتا ماڻي.اهڙن ئي سريلن فنڪارن مان پريالوءِ جو هڪ نوجوان سرمد سنڌي به آهي، سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو، سرمد سنڌي اصل ۾ ته 7 مئي 1958ع ۾ پيدا ٿيو پر تعليمي سرٽيفڪيٽن ۾ سندس عمر 7 جولاءِ 1961ع لکيل آهي، خيرپور ميرس جي ڳوٺ پريالوءِ جي هڪ پورهيت حيات علي مغل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رحمان مغل جي ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي ته هُو پنهنجي آواز وسيلي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو، سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ اٽي جي چڪيءَ تي ويهندي خيرات وٺڻ لاءِ ايندڙ جوڳين جي مُرلي کان متاثر ٿي مُرليءَ جي ڌن کي هينئين ۾ هنڊائي پنهنجي مُنهن پيو جهونگاريندو هو ، پاڻ مئٽرڪ تائين پريالوءِ ۾ تعليم حاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو، ڪاليج جي دنيا ۾ داخل ٿيندي ئي ڪاليج جي تقريبن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين، پاڻ اتان 80-1979ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين، ڪاليج جي فنڪشن ۾ ڳائيندي ڳائيندي نوجوان سرمد سنڌي مقبوليت ماڻي ورتي ۽ سڄي سنڌ جو محبوب راڳي بڻجي ويو ۽ عبدالرحمان مغل مان سرمد سنڌي طور سڃاپجڻ لڳو، هو شروع ۾ ايڇ ڊي اي ۾ ملازم ۽ پوءِ ڪي ڊي اي ۾ انجنيئر طور ڪم ڪندو رهيو، سرڪاري نوڪري تي رهڻ باوجود سر ۽ سنگيت سان لنئون لڳل رهيس، هر محفل ۽ پروگرامن جو حصو بڻجندو رهيو، سرمد سنڌي قومي گيتن جو هيرو ۽ سنڌ جو سُريلو راڳي هو جنهن پيار، محبت، ايڪتا ۽ سُلوڪ جي سبق سان پنهنجي گيتن ۽ واين وسيلي ماڻهن جي دلين کي موهي وڌو ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين کي پنهنجو پرستار بڻايو، ڪراچي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين هر وسندي ۽ هر واهڻ فني شعور جون لاٽون ٻاريندڙ ”اي ڌرتي” جي پياري پڪار سان ”جيئي لطيف” جي جهونگار سان جڏهن ڪو گيت گونجي نوجوانن جي جذبن کي جلا ڏيئي ۽ انهن جي سينن ۾ موجود سمنڊ ۾ لذيز لهر پيدا ڪري وجهي ته سچُ سمجهو اهو ئي ”سرمد سنڌي” هوندو، جنهن جو آواز منُ موهيندڙ آهي، سرمد سنڌي ڳائڻ جي شروعات 1975ع ڌاري سنگت ۾ ماچيس وڄائي ڪئي، ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندو رهيو، سندس سُريلي آواز ۾ ماکيءَ جي مٺاس جهڙا آلاپ محفلن ۾ گونجڻ لڳا، ان کان پوءِ راڳ جي حوالي سان پي ٽي وي جي پروڊيوسر سميع بلوچ سندس تمام گهڻي مدد ڪئي، سميع بلوچ هن کي هارون رند وٽ وٺي ويو، سرمد کي سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي، هو پاڻ کي سنڌي سمجهندو هو، هن پنهنجي مَڌُر ۽ مٺڙي آواز ذريعي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو ۽ روح گرمايا، مايوس ۽ ٿڪل دلين کي آٿت ڏني، موٽ ۾ سنڌي ماڻهن به سرمد کي ڪروڙين قرب ڏنا،جيءُ ۾ جايون ڏنيون، سڄي سنڌ ۾ جيڪا عزت سرمد کي ملي سا ڪنهن ٻئي فنڪار کي حاصل ٿي نه سگهي، شاعر تاجل بيوس کيس”راڳ جو راڻو” ۽ ”سنڌ جو وڪٽر هارا”ڪري سڏيو، سرمد کي اعزاز ته تمام وڏا هئا پر هُن کي سن جي اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو اعزاز حاصل هو. سرمد سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ ساهه سان گڏ ڌڙڪندو هو، هر گهر، گهٽي، ڳوٺ، واهڻ، وستي ۾ سرمد جا لازوال گيت گونجندا رهيا، سرمد درد جو آواز هو، ان جي آواز ۾ ديس واسين جي درد جي دانهن هئي، سرمد نه صرف وڏو ڪلاڪار هو پر گهڻ پاسائي شخصيت به هو، هو هڪ بهترين دوست، شفيق طبيعت جو مالڪ، بهترين انسان، فرمانبردار پُٽ ۽ پيار ڪندڙ پيءُ هو، سرمد جو هڪ ڀيرو پهرين به روڊ حادثو ٿيو هو پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دعائن کيس بچائي ورتو، ان حادثي ۾ هو معذور ٿي ويو هو پر سنڌ جي عشق ۾ مختلف محفلن ۾ ويل چيئر تي ويهي به ڳائيندو رهيو، اِهو سرمد جو سنڌ سان عشق هو جو اڳتي هلي سرمد انور قمبراڻي (مرحوم) جي شاعري ڳائي ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين، گهڻن کي اسان به روئاري وينداسين”، سرمد سنڌي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪوچ وسيلي ڪراچي وڃي رهيو هو ته بس جو ٺٽو ويجهو ڪمند سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڪراچي نيو پئي ويو ته ستي ۾ هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ 38 سالن جي ڦوهه جواني ۾ پنهنجي عزيزن، دوستن، قومي ڪارڪنن ۽ پرستارن کي جدائي جو داغ ڏئي راهه رباني وٺي ويو، هُو واقعي پوري دنيا کي روئاري ويو،27 ڊسمبر 1996ع جو ڏينهن سنڌ جي ڀاڳ ۾ هڪ اڀاڳ جي لهر کڻي آيو جنهن سرمد جهڙو سدابهار راڳي کسيو، جنهن هڪ قومي دوست کسيو، جنهن اهو نوجوان کسيو جنهن جي ڳائڻ ۾ سنڌ جي دردن جي ترجماني ٿيندي هئي، اهڙي طرح سرمد سنڌي جسماني طور تي سنڌ واسين کان جد ا ٿي ويو، پر روحاني طور تي صدين تائين ديس واسين جي دلين ۾ زندهه رهندو، اڄ سرمد سنڌي جي 22 هين ورسي آهي، جيڪا سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ملهائي رهيا آهن ۽ پنهنجي قومي دوست کي ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

هائبرڊ جنگ جا خطرا ۽ رياستي بيانيو!

 

تازو ئي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيول اڪيڊمي ۾ اهم خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن دهشتگردي ۽ ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان ڳالهايو، سندس هڪ جملو اهم هو ته ”اسين هائبرڊ جنگ جي وڌندڙ خطرن جو شڪار آهيون!“ هائبرڊ جنگ وارو اصطلاح ان کان اڳ شايد ڪنهن آرمي سربراهه پاران گهٽ ۾ گهٽ مون ڪونه ٻڌو آهي. هائبرڊ جنگ دراصل روايتي ويڙهه جي طريقن سان گڏ غير روايتي طريقن کي چئجي ٿو، جنهن ۾ سفارتڪاري، فيڪ نيوز، سائبر وار، دشمن ملڪ جي اليڪشني عمل ۾ داخلت سميت ان کي غير مستحڪم ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪيترن ئي طريقن جي استعمال کي چيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته انهن غير روايتي طريقن ۾ روايتي هٿيارن جو استعمال نه ٿيندو آهي يا بنهه محدود هوندو آهي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ انهن غير روايتي طريقن جي خطرن کان آگاهه ڪيو جنهن جو هڪ اهم مورچو سائبر اسپيس به آهي. توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه عرصو اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پڻ پنهنجي هڪ پريس بريفنگ ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته ملڪ ۾ فوج سميت ٻين ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ سميت غلط خبرون ڦهلائي عوام کي گمراهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي سلامتي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ انهي پريس بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر  سوشل ميڊيا تي ٺهيل اهي اڪائونٽس پڻ ڏيکاريا.  ان کانپوءِ پاڻ کي جيڪي ڪجهه نظر آيو تنهن ۾ اظهار جي آزادي تي هڪ اڻ اعلانيل قسم جي بندش، ميڊيا جي مٿان وڌيڪ سختيون ۽ چيڪ ڏسڻ ۾ آيا.

هي نئون دور آهي ۽ ٽيڪنالاجي پنهنجو دائرو ۽ اثر ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو هاڻي روايتي جنگيون جهڙوڪر ماضيءَ ۾ دفن ٿي رهجي ويون آهن. هاڻي جيڪي جنگيون وڙهيون وڃن پيون سي انتهائي غير روايتي انداز سان وڙهجن ٿيون. ان تي مونکي ڪجهه سال اڳ ٿيل اهو واقعو ياد اچي ويو جڏهن ايران جي ستن هيڪرز پاران منظم نموني امريڪا جي درجن کان وڌيڪ بينڪن تي سائبر حملو ڪري لکين ڊالرز جو نقصان پهچايو. امريڪا پاران الزام لڳايو ويو ته جن ستن ڄڻن پاران سائبر حملو ڪيو ويو تن کي ايراني حڪومت جي پٺڀرائي حاصل آهي، بعد ۾ ايران پاران پڻ اهو الزام لڳايو ويو هو ته امريڪا سندن ايٽمي توانائي وارن ري ايڪٽرز تي سائبر حملو ڪيو آهي. سو چوڻ جو مقصد اهو ته اها جنگ جيڪا اڳ هٿيارن ذريعي وڙهي ويندي هئي سا هاڻي ٽيڪنالاجي وسيلي وڌيڪ وڙهي پئي وڃي ۽ ان جا نتيجا به اثر انگيز آهن.

آرمي چيف جي بيان ۾ اها ڳالهه به اهم هئي ته دهشتگردي کانپوءِ اسان کي رجعت پسندي جو خطرو آهي ، نوان خطرا پنهنجن ماڻهن جي شڪل ۾ سامهون اچي رهيا آهن. مونکي خبر ناهي ته سندس اشارو ڪن مخصوص ڌرين ڏانهن هو يا نه پر اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان لڪيل ناهي ته هن ملڪ ۾ اهي ”پنهنجا ماڻهو“ ڪير تيار ڪندو رهيو آهي ۽ انهن کي مختلف مقصدن لاءِ ڪير ۽ ڪيئن استعمال ڪندو رهيو آهي؟ رجعت پسندي توڙي انتهاپسندي جي رجحانن جي حوالي سان اڳ به ڪيترو ئي بحث ٿي چڪو آهي، مختلف فورمس تي اهي ڳالهيون بار بار اچي چڪيون آهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي نقطن تي مڪمل طور تي ڇونه عمل ٿي سگهيو، مختلف ڌرين پاران پنهنجي گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جي آڙ ۾ جيڪا اشتعال انگيزي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪي نفرت انگيز تقريرون ٿي رهيون آهن ۽ اقليتون هن ملڪ ۾ پاڻ کي انتهائي غير محفوظ تصور ڪري رهيون آهن ته ان وڌندڙ رجعت پسندي واري ٻوڏ اڳيان حقيقي معنيٰ ۾ بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڇونه ڪئي پئي وڃي؟ اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن تي حملن کان ويندي سندن جان ۽ مال تي حملا هن ملڪ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهن رهيا پر جڏهن رياست پنهنجي رٽ جي نفاذ جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار هجي ته اها ڪيفيت پوري ملڪ ۾ هڪ اهڙي غير يقيني واري ماحول کي جنم ڏيندي آهي جنهن ۾ ڪنهن به مخالف قوت کي هڪ سازگار ماحول ميسر ايندو آهي ته اها ان جو فائدو وٺي.

رياست پنهنجي بيانئي جي حوالي سان واضع هوندي آهي، اهو طئي ڪرڻ ته هن ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي، هن ملڪ جا بنياد ڪهڙن اصولن تي هجڻ گهرجن، اهو رياست ئي طئي ڪندي آهي ۽ ان کي انهي پاليسي تي عملدرآمد جو به مڪمل اختيار هوندو آهي، پر هتي پاڻ کي 70 سالن کانپوءِ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ملڪ جو بيانيو آخر آهي ڇا؟  ڪڏهن مذهبي، ڪڏهن لبرل، ڪڏهن ڇا ته ڪڏهن ڇا؟ اسان وٽ مارشلائي دورن ۾ هٿ وٺي جيڪا سوچ پيدا ڪئي وئي تنهن آخر ۾ اهي مهانڊا ڪڍيا ته انهن پنهنجي نفرت ۽ ڪروڌ کي پنهنجن ئي ماڻهن خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. دهشتگردي جا جيڪا هنيانءَ ڏاريندڙ واقعا هن ملڪ ۾ پيش آيا سي شايد ئي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ٿيا هجن جيڪي اندروني گهرو ويڙهه جو شڪار رهيا آهن، پشاور اسڪول جو سانحو انهن واقعن مان هڪ اهڙو سنگين واقعو هو جنهن نه رڳو هن ملڪ کي سڪتي جو شڪار بڻائي ڇڏيو پر عالمي دنيا پڻ هن واقعي تي صدمي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهي ته اهو سڀ ڇو ٿيو، ان جي پويان سبب ڪهڙا هئا ۽ انهن سببن جو خاتمو ڪيئن ڪجي؟ ان حوالي سان رياست کي هڪ واضع پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي ها ته هاڻي هن ملڪ ۾ نفرت، پروپيگنڊا ۽ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، پر افسوس جو  ايئن ٿيندي نظر نه آيو. گهڻو پري ڇو وڃون اوچتو هڪ انتهائي غير معروف مذهبي جماعت جهڙي نموني اڀري اچي پنهنجي ڌرڻن جي وسيلي ملڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو ، عام ماڻهن کي زندگي عذاب بڻائي حڪومتي رٽ جو سڄي دنيا ۾ تماشو بڻائي ڇڏيو ته اهي به ”پنهنجا ماڻهو“ ئي هئا جن کي بعد ۾ هڪ هڪ هزار  خرچي ڏيئي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. اهي ئي ماڻهو اوچتو ايتري عوامي مقبوليت حاصل ڪري حاصل ڪري ويا جو انهن وڏي انگ ۾ ووٽ به کنيا ته سيٽون به کٽيون. انهي جماعت جي اڳواڻن پاران ڪيل اشتعال انگيز، چڙ ڏياريندڙ تقريرون سوشل ميڊيا تي عام جام موجود آهن پر مجال آهي جو انهن مان ڪو ماڻهو ايئن لاپته ٿيو هجي جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو اوچتو  ئي اوچتو لاپته ٿي ويندا آهن ۽ اها خبر ئي نه پوندي آهي ته آخر هنن اهڙو ڪيو ڇا هو، چيو ڇا هو جنهن تي هو ايئن گم ڪيا ويا ڄڻ هنن جو وجود ئي نه هجي؟

سو ايئن نه هوندو آهي ته جيڪي ڪجهه اسان سان ٿي رهيو هجي اهو سمورو ٻين جي حرفت ۽ چالاڪي جو نتيجو هجي، ان ۾ پنهنجون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون به هونديون آهن ته ڪوتاهه انديشي به، پنهنجا ڪيل غلط فيصلا ۽ پاليسيون به هونديون آهن جن جا نتيجا جيڪڏهن فوري طور نه پر ايندڙ ڏينهن ۾ ضرور ڀوڳڻا پوندا آهن. ماضيءَ ۾ ڪيل غلط فيصلن جا نتيجا هي ملڪ اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي، هن ملڪ جون فيصلا ساز قوتون جيڪڏهن چاهين ها ته نه رڳو هي ملڪ هڪ ترقي يافته ملڪ هجي ها پر عالمي برادري ۾ به هن جي ساک هجي ها. اڄ اسان کي نه دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا طعنا ملي رهيا هجن ها نه ئي اسان کي ٻين ملڪن وٽ قرض کڻن لاءِ هٿ ٽنگڻو پوي ها، نه ئي هي ملڪ مختلف قسمن جي مافيائن جو ڳڙهه هجي ها. ڇا هي وقت ناهي ته رياست پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ واضع ۽ چٽو موقف رکي ته هن وقت ملڪ کي ضرورت ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃڻ جي آهي، هي جيڪي مدرسن جو نصاب بدلائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان جو عملي نمونو پاڻ کي ڪڏهن نظر ايندو؟  نفرت انگيز مواد جي ڇپائي توڙي ترسيل جي حوالي سان ڪا جامع قانونسازي ڪڏهن ڪئي ويندي؟ ٿلهي ليکي نيشنل ايڪشن پلان تي جنهن ڏينهن ان جي روح موجب عمل ڪيو  ويو، جنهن وقت هن ملڪ جي ناراض ماڻهن کي ايئن ٻڌو ويو جيئن ”پنهنجن ماڻهن“  جا لاڏ کنيا ويندا آهن ته ڪنهن کي به اهو چوڻ جي نوبت نه ايندي ته ڪو هن ملڪ کي سيڪيورٽي جي حوالي سان خطرا آهن.