ڏهرڪي (اعظم سهرياڻي ) ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن ڀرسان,سانڪو روڊ جي کليل ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ڪار ريلوي ٽريڪ جي پٽڙين ۾ ڦآسي پيئي، ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس ٽرين پهچي ويئي ٽرين کي ويجهو ڏسي ڪار سوارن ڪار مان ٽپو ڏيئي جان بچائي، ٽرين جو ٽريڪ تي ڦاٿل ڪار ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آھي ته ڪار کي ٽڪر لڳڻ بعد ڪار سوار موقعي تان ڀڄي ويا. حادثي جو شڪار ٿيل ڪار جي ڊرائيور ميرپور ماٿيلو جي رهواسي غلام فريد شيخ والد غلام حسين کي ڏهرڪي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب ڊرائيور غلام فريد شيخ ميرپور مان سواري کڻي داد لغاري ڇڏي ڏهرڪي واپس اچي رهيو هيو ته ڪار پٽڙين ۾ ڦاسي پئي، ٽرين ايندو ڏسي ڊرائيور جان بچائي آھي، پوليس جو چوڻ آھي گاڏي جو مالڪ ڳڙهي چاجر جو رهواسي علي محمد بوزدار ٻڌايو وڃي ٿو.
فيصل آباد ڀرسان 5 ڪروڙ سال قديم مڇين جا پنڊ پهڻ دريافت
ڪوهاٽ جي علائقي ڪلڊانا ۾ قديم مڇين جا پنڊ پهڻ هٿ اچڻ تي شهري حيران ٿي ويا
دريافت ڪوهاٽ جي 5 ڪروڙ سال اڳ دريائي لنگهه هجڻ جي شاهدي آهي: ڊاڪٽر خضر سميع
فيصل آباد (دلچسپ نيوز) فيصل آباد مان 5 ڪروڙ سال پراڻين مڇين جا پنڊ پهڻن جي دريافت شهرين کي حيران ڪري ڇڏيو.
هڪ صدي تاريخ رکندڙ فيصل آباد ۾ ڪوهاٽ جي علائقي ڪلڊانا مان 5 ڪروڙ سال قديم مڇين جا پنڊ پهڻ دريافت ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مقامي جي سي يونيورسٽي ۽ چين جا سائنسدان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
جي سي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر خضر سميع جو چوڻ هو ته دريافت ٿيل مڇين جو واسطو “چني ڊي“ سان آهي، اها دريافت ڪوهاٽ جي 5 ڪروڙ سال اڳ دريائي لنگهه هجڻ جي شاهدي آهي.
هوڏانهن اختيارين جو چوڻ هو ته مڇين جي پنڊ پهڻ تي وڌيڪ تحقيق لاءِ جي سي يونيورسٽي ۾ خاص ليبارٽري قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪوهاٽ ۾ چيني اڪيڊمي آف سائنس جي مدد سان ان سلسلي ۾ ٽن سالن جو هڪ پراجيڪٽ به شروع ڪيو ويندو.
اتر قطب ۾ پهريون ڌاڙو هڻندڙ برف جي دوزخ ۾ قيد
اتر قطب ۾ پهرين بينڪ ڌاڙي جو جوابدار گرفتار ڪيو ويو

اوسلو (دلچسپ) سويڊن ۽ اتر قطب جي وچ واري علائقي ۽ ڌرتي جي اتر قطب ۾ پهريون ڀيرو بينڪ ڌاڙي جو جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. علائقي کي برف جو دوزخ چيو ويندو آهي، جيڪو علائقو گليشيئر ۽ پولار رڇن جي ڪري مشهور آهي. علائقي ۾ ماڻهن کان وڌيڪ رڇن جي آبادي آهي. سوالبورڊ علائقي ۾ واحد بينڪ آهي، جتي هڪ پرڏيهي گهمڻ لاءِ آيو ۽ بينڪ ۾ ڌاڙو هنيائين، جنهن کي علائقي جي پوليس گرفتار ڪري ٿڌي علائقي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، جتي گرمي پد ڪاٽو کان هميشا گهٽ يعني 20 کان ڪاٽو 40 جي دوران رهندو آهي. علائقي ۾ صرف 2 هزار ماڻهن جي آبادي آهي، جڏهن ته علائقي کي برف جو دوزخ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. پوليس موجب جوابدار ڌاڙي کانپوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس جلد گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ نينگري پاران وڏا وار رکڻ جو عالمي رڪارڊ
نلانشي 5 فوٽ 7 انچ وار رکڻ تي نالو عالمي رڪارڊ ۾ شامل
16 سالن جي نينگري 10 سالن کان وارن کي ڪٽرائڻ کان نابري واري

گجرات (دلچسپ) ڀارت ۾ 16 ورهين جي نينگري دنيا ۾ سڀ کان ڊگها وار رکندڙ نينگري جو رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ سندس نالو گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نلانشي پٽيل 2 گذريل 10 سالن کان پنهنجي وارن کي ناهي ڪٽرايو، جنهنڪري سندس وار هن جي قد کان به ڊگها ٿي ويا آهن. نينگري ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ 6 ورهين جي هئي ته وار ڪٽرائڻ دوران سندس خراب تجربو ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ڪڏهن به وار نه ڪٽرائڻ جو فيصلو ڪيو. نينگري جو چوڻ آهي ته شروع ۾ سندس والدين مخالفت ڪئي پر بعد ۾ هو به کيس ڪجهه نه چوندا هئا.
تبت ۾ جامني رنگ جا ناياب صوف پيدا ٿين ٿا، جنھن جي قيمت 1000 روپيا آھي
بيجنگ (دلچسپ نيوز) صوف عام طور سائي، ڳاڙهي يا ڦڪي رنگ جا ٿيندا آهن، پر تبت جي جابلو علائقن ۾ دنيا جا ناياب صوف ڄمون رنگ جا ٿين ٿا، جن جو رنگ پري کان ڪارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
تبت جي خودمختيار علائقي نيانگ چي ۾ڄمون رنگ جا صوف ٿين ٿا، سمنڊ جي سطح کان 3100 ميٽر جي اوچائي تي هڪ چيني ڪمپني اتي باغ پڻ لڳايا آهن.
ڄمون رنگ جا صوف پهريون ڀيرو 2015 ۾ ڦٽڻ شروع ٿيا هئا، جنهن سبب مارڪيٽن ۾ به وڏي اگهه تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا. هڪ صوف جو اگهه 7 ڊالر يا پاڪستاني هڪ هزار رپيا آهن.
عام صوف جو وڻ 3 کان 5 ورهين ۾ پيدوار ڏيڻ شروع ڪري ٿو، پر هن قسم جي صوفن جي پيدوار 8 ورهين کان اڳ ممڪن ناهي هوندي. انهن مان رڳو 30 سيڪڙو صوف اهڙا آهن، جيڪي مڪمل طور ڪاري رنگ جا ٿي وڃن ٿا ۽ سٺي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا.
فرانس ۾ برفباري ٻلي کي به رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
ٻلي جي برفباري مان مزو وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل
سيزن ۾ پهريون ڀيرو ٻلي برف باري ڏٺي ته جهومڻ شروع ڪري ڇڏيو
پيرس (دلچسپ) فرانس ۾ ٻلي برف باري ڏسڻ کانپوءِ جهومڻ لڳي جنهن جي وڊيو انٽرنيٽ تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي. سڄي دنيا ۾ برف باري کي جتي ماڻهو لطف اندوز ڪن ٿا، اتي جانور به خوشي جو اظهار ڪرڻ کان رهي نٿا سهگهن، اهڙو ئي اظهار فرانس ۾ هڪ ٻلي ڪيو. فرانس جي ان ٻلي جڏهن پهريون ڀيرو برف ڏٺي ته جهومڻ لڳي، ٻلي کي پڪڙڻ لاءِ مالڪ به ڪوششون ڪرڻ لڳو، جنهن دوران ڏسڻ وارا به خوش ٿيندا رهيا.
جاپان ۾ فوت ٿي ويلن جا پتلا ٺاهيندڙ عجب رسم
جاپاني ڳوٺ فوتين توڙي ڳوٺ ڇڏيندڙ جا پتلا ٺاهي رکن ٿا
شخص جو پتلو اتي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو

ٽوڪيو (دلچسپ) جاپان ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي جيڪو ماڻهو مري ويندو آهي يا ڳوٺ مان لڏي ويندو آهي، ان جا پتلا ٺاهي رکيا ويندا آهن. جاپان جي ان قديم ڳوٺ ۾ اها رسم صدين کان هلندي اچي ٿي. فوتي يا لڏي ويل شخص جو پتلو ان جڳهه تي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو. ڏکڻ جاپان ۾ ناگورو نالي ڳوٺ آهي، اهي پتلا گڏن جهڙا آهن. هڪ سياح جڏهن ان ڳوٺ ۾ ويو ته هن ان سوين پتلن جو تصويرون ٺاهيون، جيڪي تمام گهڻيون مشهور ٿي ويون آهن. ڳوٺ ۾ صرف 40 ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته پتلن جو انگ 150 کان وڌيڪ آهي. برطانوي سياح ۽ فوٽو گرافر ٽريور موگ اهي تصويرون ٺاهيون آهن.
اسٽيو جابس جي لگزري “وينس ٻيڙي” سندس موت کانپوءِ تيار
اسٽيو جابس موت کان اڳ منصوبو ٺاهيو، سندس زندگي ۾ مڪمل نه ٿيو
80 ميٽر ڊگهي لگزري ٻيڙي تي ڪروڙين ڊالر خرچ، فرانسسي ڊزائينر تيار ڪيو
نيويارڪ (م ڊ) 2011ع ۾ پنهنجي موت کان اڳ ايپل ڪمپني جي سربراهه اسٽيو جابس پاران هڪ مهانگي ۽ لگزڙي ٻيڙي جوڙڻ جو منصوبو جوڙيو هو، جيڪو هن مشهوري فرانسسي ڊزائنرفلپ اسٽارڪ حوالي ڪيو هو. منصوبو شروع ڪرڻ جي فوري بعد اسٽيو جابس فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته سندس لگزري ٻيڙي کي تيار ڪيو ويو هو. ٻيڙي کي شيشي ۽ اسٽيل توڙي ٻين جديد ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ڪيو ويو آهي. وينس نالي ٻيڙي جو افتتاح سندس گهر واري ۽ ٽن ٻارن هالينڊ ۾ 2016ع ۾ لانچ ڪئي هئي، پر هاڻي ان کي آمريڪا آندو ويو آهي. 80 ميٽر ڊگهي لگزري تي ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن. ٻيڙي جي ڊزائن به ايپل کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي ۽ ٻيڙي ايپل جي ڪنهن پراڊڪٽ جهڙي ٽيڪنالاجي سان ڀرپور پر وزن ۾ هلڪي آهي.
مريخ جون نيون تصويرون جاري، نئين ڄاڻ ملڻ جو سلسلو جاري
مريخ جي هيٺين تهه بابت معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ تحقيق ڪئي پئي وڃي
مريخ جي 82 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 1.8 اونهين ڪلوميٽر هنڌ تي برف جا نشان دريافت

واشنگٽن (دلچسپ) مريخ تان نئين ڄاڻ ملڻ جو سلسلو جاري آهي، هڪ طرف يورپ جي خلائي اداري اي ايس ايف برف سان ڀريل هڪ کڏ جي تصوير جاري ڪئي وئي آهي، ته ٻي طرف ناسا جو مشن ان سائٽ به مختلف اوزارن ذريعي مريخ بابت نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مريخ تي برف هجڻ جا ثبوت مليا آهن، مريخ جي 82 ڪلوميٽر ڊگهي هنڌ تي برف جا نشان مليا آهن. ناسا ۽ يورپي خلائي اداري پاران موڪليل اهي تصويرون مارز ايڪسپريس هاءِ ريزوليشن ڪيمرا ذريعي ڪڍيو ويون آهن. يورپي خلائي اداري پاران موڪليل مشن مريخ تي ايندڙ زلزلي بابت ڄاڻ به معلوم ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته مريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي خلائي مشن لانچ ڪيا ويا آهن، جن ۾ اڪثريت آمريڪي خلائي مشن جي آهي.
فرانس ۾ ٻلي برف باري ڏسي رقص ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو
سيزن ۾ پهريون ڀيرو ٻلي برف باري ڏٺي ته جهومڻ شروع ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل

پيرس (دلچسپ) فرانس ۾ ٻلي برف باري ڏسڻ کانپوءِ جهومڻ لڳي جنهن جي وڊيو انٽرنيٽ تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي. سڄي دنيا ۾ برف باري کي جتي ماڻهو لطف اندوز ڪن ٿا، اتي جانور به خوشي جو اظهار ڪرڻ کان رهي نٿا سهگهن، اهڙو ئي اظهار فرانس ۾ هڪ ٻلي ڪيو. فرانس جي ان ٻلي جڏهن پهريون ڀيرو برف ڏٺي ته جهومڻ لڳي، ٻلي کي پڪڙڻ لاءِ مالڪ به ڪوششون ڪرڻ لڳو، جنهن دوران ڏسڻ وارا به خوش ٿيندا رهيا.
سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ سميت ٻين لاءِ هڪ انوکو چارجنگ ڊوائس متعارف
يو ايس بي-سي نالي پاور بينڪ چارجر هڪ ئي وقت فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا ڊوائس چارج ڪري ٿو

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز)جديد دور ۾ آئي ڏينهن ٽينڪنالاجي اهڙيون اليڪٽرانڪ شيون متعارف ڪرائي ٿي، جنهن سان ماڻهو اچرج ۾ پئجي وڃي. اهو ڪنهن ڄاتو هوندو ته چارجنگ ڊوائس ايترا دلچسپ ٿي سگهن ٿا. اهڙي ئي هڪ پاور بينڪ چارجنگ ڊوائس يو ايس بي-سي اليڪٽرانڪ شين جي چارجنگ واري سنهري دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. يو ايس بي-سي هڪ ئي وقت سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ کي چارج ڪري سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻين هاٽ اسپاٽ ۽ بليوٽوٿ ڊوائسز کي به چارج ڪري سگهجي ٿو. ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو ڊينيئل چِن موجب يو ايس بي-سي هڪ اهڙي ڊوائس آهي، جنهن سان ڊيٽا، پاور ۽ وڊيو سميت ٻين ڊوائسز جهڙوڪ مئڪ، پرسنل ڪمپيوٽر، انڊرائڊ ۽ سمارٽ فونز ڪنيڪٽ ڪري سگهن ٿا. هن ڊوائس جو وڏو فائدو اهو آهي ته هي ڊوائس گهڻي چارجنگ وارن ليپ ٽاپ يا ٽيبليٽ کي به فون وانگر گهٽ وقت ۾ چارج ڪري ٿو. اهي ماڻهو چيڪي مستقبل جو حصو ٿيڻ چاهين ٿا، تن لاءِ يو ايس بي-سي جا مختلف نمونا متعارف ڪرايل آهن.
هيڊ ڪينسر کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿي: تحقيق
هيڊ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ مادي کي روڪي ٿي: چلي ۾ تحقيق
هيڊ کي دل جي بيمارين، ڪوليسٽرول خلاف به ڪم آڻي سگهجي ٿي

سينتياگو (دلچسپ) هيڊ کي ڪيترن ئي دوائن ۾ ڪم آندو ويندو آهي، پر چلي ۾ ڊاڪٽرن نئين تحقيق مان ثابت ڪيو آهي ته هيڊ ڪينسر کي وڌيڪ ڦهلجڻ ۾ پڻ ڪارآمد آهي. چلي ۾ ڊاڪٽرن هڪ تحقيق ڪئي جنهن ۾ نينو اميولشن Nanoemulsion ذريعي هيڊ تي تحقيق ڪئي جنهن دوران ڪينسر جي ڦهلاءَ ۾ هيڊ مددگار ثابت ٿي. سائسندانن پاران Fundacion Imagen de Chile ايونٽ دوران ان تحقيق کي پيش ڪيو، سائنسدانن پاران هيڊ ذريعي جانورن مٿان تجربا ڪيا، جنهن ۾ هيڊ اينٽي ڪينسر طور ڪم ڪيو ۽ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ سيلن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ حيراني طور 25 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري. چلي جي سائنسدانن موجب هيڊ جا سائيڊ افيڪٽس به نه هجڻ جي برابر آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هيڊ کي کاڌي طور، يا ڦٽ مٿان ڪريم جيان استعمال به ڪري سگهجي ٿو.
نائجيريا ۾ غريب مريضن جا بل ڀريندڙ مسيحا
زيل اڪاروي علاج ڪرائڻ جي سگهه نه رکندڙ غريبن جا بل ڀري ٿو
زيل اڪاروي هڪ مالي صلاحڪار آهي پر مسيحا طور مشهور آهي

ابوجا (دلچسپ) نائيجيريا ۾ هڪ اهڙو مسيحا موجود آهي، جيڪو پنهنجو علاج نه ڪرائي سگهندڙ غريب مريضن جو ڳجهي طريقي سان بل ادا ڪري ٿو. زيل اڪاروي هڪ مالي صلاحڪار طور وڏين ڪمپنين سان ڪم ڪندو آهي، هو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج نه ڪرائي سگهندڙن وٽ پهچي وڃي ٿو. اسپتالن ۾ سوشل ويلفيئر جي اداري اندر هو پهچندي ئي صرف علاج نه ڪرائي سگهندڙ ماڻهن جي فهرست گهري ٿو، جنهن کانپوءِ هو سمورن ماڻهن جو بل ادا ڪري ڇڏي ٿو. زيل خاص ڪري انهن مريضن جي مدد ڪندو آهي، جيڪي علاج کانپوءِ بل ادا نٿا ڪري سگهندا آهن ۽ اسپتال انتظاميا کين ڊسچارج ناهي ڪندي. زيل اڪاروي جن ماڻهن جي مدد ڪري ٿو ان کانپوءِ هو ساڻن ڪڏهن به رابطي ۾ ناهي ايندو. زيل پاران ان کي هو مسيحائي منصوبو سڏي ٿو. ياد رهي ته نائجيريا ۾ عام ماڻهن لاءِ صحت جون سهولتون پهچ کان ٻاهر آهن.
انڊيانا ۾ اختيارين کي مهينو ڊوڙائيندڙ چالاڪ ڪڪڙ نيٺ پڪڙجي پيو
چالاڪ نالي ڪڪڙ انڊيا سٽي ۾ رولو چالاڪ ڪڪڙ طور سڃاتو ويندو هو
جانور جي سينٽر مان فرار ٿيل ڪڪڙ هڪ مهيني جي ڀڄ ڊڪ کانپوءِ هٿ

(دلچسپ) آمريڪي رياست انڊيانا ۾ هڪ شرارتي ڪڪڙ جانورن جي سينٽر جي اختيارين کي هڪ مهينو ڊوڙائڻ کانپوءِ نيٺ پڪڙجي پيو آهي. نيو الباني فلائيڊ ڪائونٽي اينيمل شيلٽر جي آفيسر ڪيري موزر جو چوڻ هو ته اهو ڪڪڙ مهينو اڳ جانورن جي گهر مان ڀڄي ويو هو، جيڪو ڪيتري ئي وقت تائين انڊيانا شهر ۾ گهمندو رهيو. شهر جا رهواسي ڪڪڙ کي چالاڪ ڪڪڙ جي نالي سان سڏيندا آهن، جيڪو شهر جي مختلف هنڌن تي رلندو وتندو هو. ڪيري موزر چيو ته ڪڪڙ کي پڪڙڻ لاءِ سنيٽر اختيارين توڙي شهرين وڏي ڪوشش ڪئي پر هو هٿ نه ايندو هو. ڪڪڙ کي روزانو کاڌو ڏيندڙ هڪ خاندان جي مدد سان نيٺ پڪڙيو ويو.
اصلي زندگي جو “بيٽ مين” ڌاڙيل نڪتو
آمريڪي ۾ بيٽمين جو لباس پائي همراهه اسٽور ۾ ڌاڙو هنيو
بيٽمين پنهنجي دوست سان گڏجي اسٽور مالڪ کي يرغمال بڻايو

آئيوا (دلچسپ) آمريڪي رياست آئيوا ۾ بيٽمين جا ڪپڙا پهريل همراهه اسٽور ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو. آمريڪي ميڊيا موجب آئيوا رياست ۾ هڪ همراهه مشهور فنٽسي فلمي هيرو بيٽمين جو ڪپڙا پائي اسٽور ۾ داخل ٿيو. بيٽمين جي هٿ ۾ پسٽل ۽ تلوار هئي، جنهن جي زور تي هن اسٽور مالڪ کي يرغمال بڻائي روڪ رقم سميت ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويو. پوليس موجب بيٽمين جا ڪپڙا پهريل همراهه سان گڏ سندس دوست به گڏ هو. ٻنهي ڦر دوران روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.